مـحمـد ايوب کهڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 41:
سياسي زندگي جو آغاز 1920ع کان ڪيو جڏهن پاڻ اليڪشن ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊجي آيو. هن دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ دادو ضلعو پڻ هيو ۽ سر شاهنواز خان ڀٽو جو سياسي طور ڪنٽرول هيو ۽ پورو ضلعو سندن اثر هيٺ هيو.<ref name = " ڀٽي "/>خانبهادر کهڙي 22 سالن جي عمر ۾ اسيمبلي سياست ۾ قدم رکيو. سال 1923ع ۾ بمبئي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون. هن دور ۾ سنڌ لاءِ بمبئي اسيمبلي ۾ ڪل پندرهن سيٽون هيون، جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي (ان ۾ دادو ضلعو به شامل هيو) لاءِ ڪل ٽي سيٽون مخصوص هيون. کهڙو صاحب اليڪشن ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي تمام ويجهي دوست نواب امير علي خان لاهوري جي مقابلي ۾ بيٺو ۽ ڪاميابي ماڻي. لاڙڪاڻي ضلعي مان کهڙي صاحب کان علاوه سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ خان صاحب ڪريم بخش خان جتوئي به چونڊيا.<ref name = " ڀٽي "/>.
هو 1926ع کان سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو ميمبر ٿيو، ڪو آپريٽو تحريڪ ۾ خان بهادر عظيم سان گڏ چڱو بهرو ورتائين. 1928ع ۾ پنهنجي ضلعي ۾ زمينداري بئنڪ کولائي، ان جو چيئرمين ٿيو: جنهن تي اڃان تائين چونڊيو اچي. هي گهڻي وقت تائين اسان سان پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر رهندو آيو. "سنڌ زميندار" اخبار، سکر جو هي مئنيجنگ ڊائريڪٽر هو، آغا نظر علي ۽ سيد علي محمد شاهه راشدي ان جا ايڊيٽر ٿي رهيا.<ref name = "جي ايم سيد "/>.سال 1928ع ۾ سنڌ زمينداري بئنڪ لاڙڪاڻو قائم ڪئي وئي. جنهن جو کهڙو صاحب اٽڪل چاليهه سالن تائين چيئرمين هيو. هي بينڪ به زميندارن کي آسان شرطن تي قرض ڏيندي هئي. هڪ وقت اهڙو به هيو ته هر ٻيو زميندار ۽ وڏيرو سنڌ زميندار بينڪ جو قرضي هوندو هيو. بينڪ جي عاليشان بلڊنگ پير قائم شاهه بخاري جي سامهون هوندي هئي. جنهن کي هاڻي ڊاهي اسٽيٽ لائيف بلڊنگ بڻايو وڃي پيو.
خانبهادر سکر مان سنڌي ٻولي جي اخبار ”سنڌ زميندار“ پڻ جاري ڪئي جنهن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر کهڙو صاحب پاڻ هيو. جڏهن ته اخبار جو ايڊيٽر آغا نظر علي ۽ پير علي محمد راشدي هيا. هن اخبار ۾ معروف محقق پير حسام الدين راشدي به گهڻي عرصي تائين ڪم ڪيو. ان وقت سنڌ ۾ نڪرندڙ ڪل ٻه سنڌي مسلمانن جي ترجمان سنڌي اخبارون هيون. هڪ ”الوحيد“ ۽ ٻي اخبار ”سنڌ زميندار“ هئي.<ref name = "ڀٽي "/>.هيءُ گهڻي وقت تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر ٿي رهندو آيو سنڌ مدرسه بورڊ ۽ سنڌ ڪاليج بورڊ جو پڻ ڪيتري وقت تائين ميمبر چونڊيو آيو. بمبئي ڪائونسل ۾ ڪيترن ئي سيليڪٽ ڪاميٽين يا ٻين سرڪاري ڪاميٽين تي ڪم ڪري تجربو پرايائين. انهي عرصي ۾ سٺي تقرير ڪرڻ سکي ويو جنهن ڪري هي هوشيار پارليامينٽرين شمار ٿيڻ لڳو. سنڌ جي بمبئي کان جدائي بابت جڏهن تحريڪ شروع ٿي، ته هن ان لاءِ هڪ ڪتاب"اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ" لکائي، ڇپائي ورهائي علي محمد شاهه راشديءَ جهڙو هوشيار ڪارڪن هن جو ڪيترو وقت سيڪريٽري ٿي رهيو.<ref name = " جي ايم سيد "/> 1929ع ۾ سنڌ جي جدائي لاءِ سائمن ڪميشن ۽ سنڌ فنانس انڪوائري ڪميشن اڳيان ڀرپور دليل پيش ڪيا. جولائي 1933ع ۾ کهڙي صاحب مسئلن کي نبيرڻ لاءِ برطانوي وزيراعظم ايف، ايل، برائين جي سربراهي ۾ سڏايل ”سنڌ ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهن سان بمبئي سرڪار جي ڏاڍاين جا ثبوت پيش ڪيا. سنڌ جي بمبئي کان عليحده صوبي لاءِ 1935ع ۾ گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ تحت آرڊر نڪتو ۽ سنڌ جي ماڻهن سک جو ساهه کنيو. پهرين اپريل 1936ع تي جڏهن سنڌ هڪ آزاد صوبي جي حيثيت ماڻي پوءِ هڪ سال لاءِ انتظامي ڪائونسل جوڙي وئي جنهن ۾ کهڙي صاحب کي پڻ ميمبر مقرر ڪيو ويو. ساڳي سال 1936ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي ايوان لاءِ 60 سيٽن جي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ٻن وڏين ڌرين يا گروپن جو پاڻ ۾ سياسي دنگل ٿيو. 31آڪٽومبر 1936ع تي ٻن اتحادن جو وجود عمل ۾ آيو هڪ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جنهن جو سربراهه سر شاهنواز ڀٽو صاحب ۽ سر عبدا﷢ هارون ۽ محترم جي ايم سيد خاص اڳواڻ هيا. هن جماعت جو پروگرام سنڌ ۾ رهندڙ تمام مذهبن ۽ قومن وچ ۾ ڀائيچارو پئدا ڪرڻ هيو. ٻي ”مسلم ڪانفرنس“ هئي جنهن جا اڳواڻ سر غلام حسين هدايت اللہ، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خانبهادر محمد ايوب کهڙو هيا. هن جماعت جو پروگرام سڌو سنئون مسلمانن جي حاڪميت ۽ حقن جي ڳالهه کان علاوه هندو مخالفت هئي.<ref name = " ڀٽي"/>. 1923ع ۾ -بمبئي- ليجسليٽو ڪائونسل جو رڪن مقرر ٿيو. 1928ع ۾ سندس ملاقات محمد علي جناح سان سکر ۾ ٿي، جنهن کان پوءِ 1929ع ۾ -ايوب کهڙو- سائمن ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ لاءِ يادداشت نامو پيش ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ، -بمبئي- پرڳڻي کان آزاد ٿي ۽ -ايوب کهڙو- 1937ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ ۾ ٺهندڙ وزارتن ۾ شامل رهيو.<ref name = " سنڌيانا "/>.مسلم ليگ طرفان جڏهن منزل گاهه مسجد واپس وٺن جي هلچل شروع ٿي ته ان ۾ مکيه بهرو ورتائين ۽ انهيءَ سلسلي ۾ کيس سندس ڳوٺ عاقل ۾ ڪجهه وقت لاءِ نظر بند ڪيو ويو هو. مارچ 1940ع ۾ الهه بخش وزارت کي شڪست اچڻ بعد مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. ان ۾ هيءُ اسان سان گڏ وزير هو. مسجد جي واپس ڏيارڻ جي ڪميٽيءَ اڳيان ثابتين پيش ڪرائڻ ۽ فسادن جي وقت ۾ ناحق ڪيسن ۾ ڦاٿل ماڻهن جي آزادي لاءِ هن سڀني کان زياده دلچسپي ورتي.<ref name = " جي ايم سيد "/>.27 اپريل 1942ع تي سر حاجي عبدالله هارون جي وفات بعد يوسف هارون کي ان جي جاءِ تي چونڊائڻ ۾، هن گهڻي سر جوشي ڏيکاري. آخر(خان بهادر) الهه بخش مرحوم ڀاءُ کي هٿ کڻائي يوسف کي بنا مقابلي اسيمبلي ۾ وڃڻ ڏنو.<ref name = " جي ايم سيد "/>.جولاءِ 1942ع ۾ هي آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي تي نامزد ٿيو مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي بمبئي ۾ آگسٽ 1942ع ۾ ڪٺي ٿي. ان ۾ هن ۽ مون ٻين مکيه مسلم ليگ ڪارڪنن سان گڏ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي سمجهوتي لاءِ ڪوشش ڪئي پر جناح صاحب ان تجويز کي قبول نه ڪيو. سيپٽمبر 1942ع ۾ مرحوم الهه بخش برٽش سرڪار طرفان آزاديءَ لاءِ لڙندڙ ماڻهن تي ٿيندڙ سختي خلاف احتجاج ڪندي پنهنجا لقب واپس ڪيا، جنهن تي گورنر هن جي وزارت کي ڊسمس ڪري سر غلام حسين کي وزارت ٺاهڻ لاءِ گهرايو جنهن کان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو واعدو وٺي هيءُ ۽ مسٽر محمد هاشم گزدر وزارت ۾ شريڪ ٿيا.<ref name = " جي ايم سيد "/>.
1943ع ۾ -ان- وقت جي سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر شهيد -الله- بخش سومري جي شهادت ٿي.<ref name = " سنڌيانا "/>،26 سيپٽمبر 1944ع تي کهڙي صاحب کي ان جي قتل جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو ويو. ڪيس يارنهن مهينا کن هليو ۽ خان بهادر ڪيس مان 3 آگسٽ 1945ع تي آزاد ٿيو. ماڻهن طرفان وڏي آڌر ڀاءُ مليس. آڪٽوبر 1945ع ڌاري، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اسان جا اختلاف پيدا ٿيا. 21 جنوري 1946ع تي نيون چونڊون ٿيون. ان بعد گورنر سر غلام حسين کي نئين وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو. ان وزارت ۾ وري خان بهادر کي وزير ڪري کنيو ويو. سيپٽمبر 1946ع ۾ سنڌ اسيمبلي سپليمينٽري گرانٽ پاس ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي، ليڪن وزارت کي ميجارٽي نه ٿي جنهن گورنر کي اسيمبلي ختم ڪري، نين چونڊن ڪرائڻ لاءِ مشورو ڏنو ان تي گورنر اسيمبلي ختم ڪري نين چونڊن جو اعلان ڪيو. نيون چونڊون 9 ڊسمبر 1946ع تي ٿيون.<ref name = "جي ايم سيد "/> .