مـحمـد ايوب کهڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 40:
1943ع ۾ -ان- وقت جي سنڌ جي وزيراعظم خانبهادر شهيد -الله- بخش سومري جي شهادت ٿي.<ref name = " سنڌيانا "/>،26 سيپٽمبر 1944ع تي کهڙي صاحب کي ان جي قتل جي سلسلي ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو ويو. ڪيس يارنهن مهينا کن هليو ۽ خان بهادر ڪيس مان 3 آگسٽ 1945ع تي آزاد ٿيو. ماڻهن طرفان وڏي آڌر ڀاءُ مليس. آڪٽوبر 1945ع ڌاري، مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اسان جا اختلاف پيدا ٿيا. 21 جنوري 1946ع تي نيون چونڊون ٿيون. ان بعد گورنر سر غلام حسين کي نئين وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو. ان وزارت ۾ وري خان بهادر کي وزير ڪري کنيو ويو. سيپٽمبر 1946ع ۾ سنڌ اسيمبلي سپليمينٽري گرانٽ پاس ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي، ليڪن وزارت کي ميجارٽي نه ٿي جنهن گورنر کي اسيمبلي ختم ڪري، نين چونڊن ڪرائڻ لاءِ مشورو ڏنو ان تي گورنر اسيمبلي ختم ڪري نين چونڊن جو اعلان ڪيو. نيون چونڊون 9 ڊسمبر 1946ع تي ٿيون.<ref name = "جي ايم سيد "/> .
===پاڪستان جي قيام کان پوءِ===
قيام [[پاڪستان]] کان پوءِ غلام حسين هدايت -الله- سنڌ جو پهريون گورنر ۽ -ايوب کهڙو- پهريون وزيراعليٰ ٿيو. ٻنهي ۾ اختلافن پيدا ٿيڻ کان پوءِ گورنر، کيس برطرف ڪري ڇڏيو ۽ پروڊا -ائڪٽ- هيٺ کيس سياست مان بيدخل ڪيو ويو..<ref name = "سنڌيانا "/> جي ايم سيد ان واقعي جو تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته:6 جنوري 1948ع تي ڪراچي شهر ۾ هندن جي ڦرلٽ ۽ خونريزي ٿي، جنهن ۾ هن نهايت دليري سان ان تي قبضو ڪري ورتو. ان ۾ ڪيتريون ئي گرفتاريون پڻ ٿيون ان ۽ ٻين ڳالهين تان نوابزاده لياقت علي خان وزيراعظم پاڪستان ۽ هن جي وچ ۾ غلط فهمي ٿي پئي. سگهوئي ڪراچي شهر کي سنڌ کان عليحده ڪري مرڪزي حڪومت جي ماتحت رکڻ جي تجويز رٿي ويئي، جنهن جي هن مخالفت ڪئي. ان سموري ڪارروائي لاءِ مرڪزي سرڪار هن کي جوابدار ٺهرائي هن کي اپريل 1948ع ۾ ڊسمس ڪري پير الاهي بخش کي وزيراعظم مقرر ڪيو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري ان کان پوءِ کهڙي صاحب کي هيسائڻ لاءِ مٿس پروڊا هيٺ ڪيس هلائي هن کي سياست کان خارج ڪيو ويو. ان کان سواءِ مٿس هڪ ڪيس ڪرائي کيس سزا ڏني ويئي جنهن مان پوءِ هيءُ آزاد ٿيو ان کان پوءِ هي ڪجهه وقت وزارت کان ٻاهر رهيو .<ref name = "جي ايم سيد "/> ڪجهه عرصي کان پوءِ وري سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو ۽ ون يونٽ قائم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيائين. ون يونٽ جي قيام کان پوءِ مغربي -پاڪستان- جي اسيمبليءَ جو رڪن رهيو، جڏهن ته مرڪزي ڪابينا ۾ بچاءَ وارو وزير پڻ مقرر ٿيو. 1964ع جي چونڊن ۾ هن مادرِ ملت فاطمه جناح جي ڪاميابيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو.<ref name = " سنڌيانا "/>. 1970ع ۾، چونڊن دوران لاڙڪاڻي واري سيٽ تي ذوالفقار علي ڀُٽي هٿان شڪست کاڌائين. -ان- کان پوءِ سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو ۽ 20 -آڪٽوبر- 1980ع تي وفات ڪيائين. محمد ايوب کهڙي ون يونت ٺهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، -ان- ڪري سنڌ جا ماڻهو کيس سٺن لفظن سان ياد نٿا ڪن، پر اُن کان اڳ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ جي جدا ٿيڻ خلاف آواز اٿارڻ، سنڌ جي ڪراچيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي هندن خلاف فسادن دوران سختيءَ سان ڏوهارين تي قدم کڻڻ، سنڌي ٻوليءَ خلاف ٿيندڙ سازشن کي برداشت نه ڪرڻ ۽ سندس ٻيا ڪجهه اهڙا عمل، سندس سياست جي مثبت رخن تي به روشني وجهن ٿا. سندس نياڻي حميده کهڙو، سنڌ جي نامور مؤرخ ۽ سياستدان آهي.<ref name = " سنڌيانا "/>. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” سنڌ جي -تاريخ- جو هڪ اهم دستاويز آهي. محترمه حميده کهڙو، محمد ايوب کهڙي جي سياسي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ”ايوب کهڙي جي سياسي زندگي“ عنوان سان ترجمو ڇپجي چڪو آهي<ref name =" سنڌيانا " > [http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%84%D9%87%D9%87%20%D8%A8%D8%AE%D8%B4%20%D8%B3%D9%88%D9%85%D8%B1%D9%88%20%D8%B4%D9%87%D9%8A%D8%AF الهه بخش سومرو شهيد : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->] </ref>جي ايم سيد لکيو آهي ته:مارچ 1951ع ۾ وري هي سنڌ جو چيف منسٽر ٿي ڪم هلائڻ لڳو، انهيءَ عرصي ۾ هن ۽ سندس طرفدار وزير قاضي فضل الله ضمني چونڊن جي دور ۾ نامناسب قدم کنيا جنهن ڪري ملڪ ۾ ڪافي چميگويون اٿيون. دادو ۾ پير الاهي بخش جي ڊسڪواليفاءِ ٿيڻ ڪري ضمني چونڊ ۾ آخوند شفيع محمد کي کهڙي صاحب جي سالي ميان عبداللطيف پنوهر جي سامهون بيهڻ کان منع ڪئي ويئي هن سندن چيو نه مڃيو ته کيس راتو واهه جيل ۾ موڪليو ويو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فارم ڀرڻ پئي ويو ته ڪليڪٽر جي دروازي وٽان کيس گرفتار ڪري لاري ۾ پوليس کان کڻائي وڃي ويهه ميلن جي مفاصلي تي کيس ڇڏيو ويو. پير الاهي بخش جي پٽ کي ٽن ٻارن جي پيءُ هوندي سول سرجن کان سرٽيفڪيٽ وٺرائي نابالغ قرار ڏنو ويو. مسٽر تاج محمد صحرائيءَ جو فارم رد ڪرائي ميان عبداللطيف کي بنا مخالفت جي، ميمبر ٿيڻ جو اعلان ضلعي جي ڪليڪٽر هٿان ڪرايو ويو ان کان پوءِ لاڙڪاڻي طرف مير محمد خان چانڊيي جي وفاتيءَ ڪري خالي ٿيل اسيمبليءَ جي تڪ مان ان جي نابالغ فرزند سلطان احمد کي بالغ قرار ڏياري ميان حيدر بخش جتوئي اميدوار جي هاري ورڪرن کي مارون ڏياري موٽر جا ٽائر ڦاڙائي چونڊايائين.<ref name = " جي ايم سيد "/>.
 
==اولاد==