ٻٻر (وڻ): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 58:
 
حڪيمن جي چوڻ موجب ٻٻر جي پنن مان ٺاھيل عرق، ٻٻر جا ڇوڏا، گل ۽ پن ۽ کئونر کي استعمال ڪرائيندا آهن تہ شفا ٿيندي آهي. ٻٻر جو ڏندڻ، ڏندن جي صفائيءَ ۽ مضبوطيءَ لاءِ تمام سٺو سمجهيو ويندو آھي. ڏندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻٻر جي ڏندڻ جھڙو ٻيو ڪو ڏندڻ آھي ئي ڪو نہ. ھن وڻ جا پن، گلڙا، کل، ڇوڏا، کئونر ۽ ڪاٺيون دوائن ۾ استعمال ٿين ٿيون. ھن جا پلڙا بہ حڪيم استعمال ڪندا آهن .
ٻٻر تمام ڪارائتو وڻ آھي. ھن جي قيمتي ڪاٺ مان ھر قسم جو فرنيچر ٺھندو آھي. عمارتي ڪمن ۾ ڪامن، داسن، پٽين، ٿنڀن ۽ ٿوڻين ۾ بہ گھڻو ڪم ايندو آھي. ٻبر جي ڇوڏيءَ کي چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ بہ استعمال ڪيو ويندو آھي. ان جي اڱرن کي ٻارڻ واري توانائيءَ جي ھڪ وسيلي طور ۽ ڪاربان کي مختلف ڪيميائي مرڪبن ٺاھڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آھي. ٻٻر مان حاصل ٿيندڙ کئونر ڪارائتو آھي. جڏھن ته لاک بہ ٻٻر مان حاصل ٿئي ٿي. ٻٻر جو رس، رنگن کي پختو ڪري ٿو، انڪري ڪپڙي رڱڻ لاءِ ھن جو رس ڪتب آندو ويندو آھي. ٻٻرن جي ڇوڏي مان سنڌ اندر وڏي عرصي کان شراب ٺھندو اچي ٿو ۽ اھو سلسلو اڄ بہ قائم آھي.
 
==ولائتي ٻٻر==
 
هي وڻ سنڌي ٻٻر کان ڊيگهه ۾ ننڍو ٿئي، پن ننڍا پر ڳُوڙها ساوا، ٿڙ مان اُڀيون ڊگهيون لامون ڪري وڌندو ويندو آهي. هن جو ٿڙ ڏهاڪو فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. بجنسي ديوي جي وڻ جهڙو آهي، تفاوت رڳو اهو آهي جو هن کي تڙ ٿئي، پر ديوي کي يڪو تڙ ڪونه ٿئي، زمين مان گهڻيون لامون نڪري وڌنديون وينديون آهن. هي وڻ بنا پوکڻ ۽ سنڀال جي ازخود اُڀري اوسري ايندو آهي. ڪٿي ڪو اتفاق سان ٻج ڪِريل هوندو ته وسڪاري جو اُڀري پوندو. هن کي مال ويجهو ڪونه وڃي، جيئن مال لتاڙيندس يا مٿان وڍبس ته يڪدم نوان گونج ڪڍي گهاتو ٿيندو ويندو. هن جي ٽارين ۾ سنڌي ٻٻر کان ڪجهه ننڍا پر مضبوط ۽ تکا ڪنڊا ٿيندا آهن. هن ۾ سال جا ٻارهن مهينا پيو ٻُور لڳندو آهي، جنهن مان پهريائين سائي رنگ جون ڦريون ٿينديون آهن جي پچڻ بعد پيليون ٿي پونديون آهن. ٻار سڄو ڏينهن اهي ڦريون لاهي پيا چُوسيندا آهن، البت گڏهه ۽ ٻڪريون اهي ڦريون لائينديون آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط ٿيندي آهي جنهن مان ڇَنن جون ٿوڻيون ۽ آڏوريون، کٽولن جا پاوا، ايسون ۽ اُپرا جڙندا آهن.
هي وڻ پارڪر ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي، باقي ٿر جي ڇاڇري، چيلهار، مٺي، اسلام ڪوٽ شهرن ۾ هاڻي ٿوري وقت کان پوءِ ڪافي وڻ ٿيا آهن، ٻهراڙين ۾ اڃا گهڻو ڪونه آهي.
 
==حوالا==