انور فگار هڪڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 34:
ڊاڪٽر '''انور فگار هڪڙو''' ولد [[محمد صديق هڪڙو]] پهرين [[اپريل]] 1961 تي [[شڪارپور]] ۾ ڄائو. سندس شمار سٺن [[شاعر|شاعرن]] ۽ [[نثر نويس|نثر نويسن]] ۾ ٿئي ٿو.انور فگار انٽر تائين تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي.بي اي ۽ ايم اي جا امتحان [[سنڌ يونيورسٽي]] مان پاس ڪري اتي ئي سنڌي شعبي ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. 1996 مان [[شاهه عبداللطيف يونيورسٽي]] مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائون. <br />جيئين ته سندس ڏاڏو ۽ والد علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ هئا ۽ وٽن بهترين ڪتب خانو پڻ هئو. سو لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتان ورثي ۾ مليا. ان ماحول ۾ رهندي کيس لکڻ لاءِ شوق جاڳيو. ادبي دنيا ۾ کيس [[نقش ناياب منگي]] جي سرپرستي ۽ [[شيخ اياز]] جهڙي شاعر جي گهڻي ويجهڙائپ نصيب ٿي ڳن ڪري پاڻ هڪ وڏو ۽ پختو [[شاعر]] ۽ اديب بڻجي پيو.<br />پاڻ ڪيئي ڪتاب ۽ اڻ کٽ مقالا ۽ مضمون لکيا آهن. کيس مڄتا طور نئين [[زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ]] ۽ ڊراڪٽر تنوير عباسي يادگار ڪميٽي ايوارڊ مليل آهن.
 
نوجوان اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر -انور- فگار هڪڙي جو اصل نالو محمد -انور- محمد صديق هڪڙو آهي. هن پهرين -اپريل- 1961ع تي شڪارپور ۾ -جنم- ورتو. پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي -تعليم- شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ. ايم. اي (سنڌي) ۽ پي. ايڇ. ڊي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جو موضوع ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ هو. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سنڌي شعبي ۾ اُستاد آهي. -انور- فگار هڪڙي، سنڌي جديد شاعريءَ جي اهم نامور شاعر کيئلداس ”فاني“ جي شاعري وڏي -تحقيق- بعد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏني، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. -ان- کان سواءِ -انور- فگار هڪڙي، ڊاڪٽر عمر -بن- محمد دائودپوٽي جي ٻوليءَ ۽ ادب بابت ترتيب ڏنل مضمونن جو هڪ مجموعو ”سون برابر سڳڙا“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع ۾ ڇپايو آهي. -انور- فگار هڪڙي، شيخ -اياز- جي ڪهاڻين کي ”جي -تند- برابر توريان“ جي عنوان سان ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ -اياز- جي سوانح ۽ شاعريءَ بابت سندس تحقيقي ڪتاب ”-جنم- جي جيت اياز'>-جنم -جنم- جي جيت اياز-“ 1999ع ۾ گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. -انور- فگار هڪڙي جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي مصمون وقت به وقت سنڌ جي ادبي ۽ عليم رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هن وقت به هو ڪيترن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن تہ هن وقت هو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ چيئرمين طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=انور%20فگار%20هڪڙو|title=انور فگار هڪڙو : (Sindhianaسنڌيانا)|website=www.encyclopediasindhiana.org|language=sd|access-date=2019-06-11}}</ref><ref>{{Cite book|title=شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾|url=http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17159&BookTitle=Shikarpur-Tarikh-Je-Aaine-Main}}</ref><ref>{{حوالو_ويب|url=https://sindhsalamat.com/threads/49600/|title=سنڌ جو ڏاهو اديب ڊاڪٽر پروفيسر انور فگار هڪڙو|website=SindhSalamat|access-date=2019-06-11}}</ref>
 
==حوالا==