عمرڪوٽ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: وزيوئل سنوار موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 78:
 
==عمر ڪوٽ جو قلعو==
امر ڪوٽ يا عمر ڪوٽ جو قلعو (Amarkot Fortt or Umarkott fort) ٺهرائڻ بابت تاريخ جا پنا اُٿلائڻ سان پتو پوي ٿو ته ڪلهوڙا دور ۾ [[حيدرآباد]] واري پڪي قلعي کان اٽڪل ويهارو سال اڳ ميان نورمحمد ڪلهوڙي 1746ع ۾ جوڙايو هو، عمرڪوٽ جي تاريخ تي ڊاڪٽر اسد جمال پلي پاران لکيل هڪ تحقيقي مضمون موجب قلعي جي اڏاوت لاءِ لڪي جبل جا پٿر پاڻي رستي قلعي تائين پهچائڻ لاءِ ڳوٺ چيل بند وٽان اتر اوڀر رخ ۾ “نور واھ” جي نالي سان هڪ ابتو واھ به کوٽايو ويو هو، ڪجھ تاريخدانن جو خيال آهي ته هاڻوڪي قلعي واري هنڌ تي ڪلهوڙن جي دور کان اڳ ڪو اڃا وڌيڪ پراڻو قلعو به موجود هو ۽ هاڻوڪو قلعو ان جي بنيادن مٿان اڏيل آهي، قلعي ۽ شهر جي اصل نالي بابت تاريخدان 2 رايا رکن ٿا، هڪ راءِ موجب اصل ۾ اهو قلعو امر سنگھ نالي راجپوت راڻي پاران جوڙايو ويو هو،هو<ref>{{حوالو_ويب|url=http://www.dawn.com/news/1176551|title=Umerkot: Lost in history|last=Hasan|first=Shazia|date=2015-04-19|website=DAWN.COM|language=en|access-date=2019-05-29}}</ref>، تنهنڪري شهر توڙي قلعي جو اصل نالو '''امرڪوٽ''' آهي جڏهن ته ٻيءَ راءِ موجب قلعو عمر ماروي واري قصي جي حوالي سان مشهور بادشاھ '''عمر سومري''' (Umar Soomro) جوڙايو هو، تنهنڪري صحيح نالو '''عمرڪوٽ''' آهي، هڪ طرف ڏٺو وڃي ته سن 1226ع ۾ راجسٿان (Rajasthan) کان اچي رتي ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کي فتح ڪري هتي راڄ ڪندڙ 26 راڻن جو تاريخ ۽ نالي وار تفصيل جيڪو هاڻوڪي راڻي همير سنگھ تي کُٽي ٿو انهن مان امر سنگھ نالي ڪوبه راڻو ناهي رهيو، ٻئي طرف هاڻوڪي '''قلعي جي 2 برجن واري مُک دروازي مٿان وچ تي لڳل هڪ پٿر مٿان سورج مکي جو گل اُڪريل آهي جيڪو سورج ونسي سوڍن جي ڌرمي نشاني سمجهيو ويندو آهي'''، سمجھ ۾ نٿو اچي ته هاڻوڪو قلعو ميان نور محمد ڪلهوڙي اڏايو هو ته پوءِ ان جي مُک دروازي مٿان سورج مکي وارو پٿر ڇو لڳايو ويو؟ ممڪن آهي ته راڻن پنهنجي راڄ دوران اهو پٿر لڳايو هجي.
<ref name="autogenerated1">روزآني ڪاوش جي 26 مارچ 2017 جي ”ڪاوش دنيا“ ۾ عمرڪوٽ بابت نور محمد سمي جي ليکيل ليک مان ورتل</ref>
سنه 967هه (سنه 1559ع) ۾ مرزا عيسيٰ ترخان جي ٻنهي پٽن محمد باقي ۽ محمد صالح جي پاڻ ۾ جنگ لڳي. مرزا عيسيٰ محمد صالح جي فائدي ۾ هو، تنهن ڪري محمد باقي شڪست کائي ونگ منجهان عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ اتان جيسلمير مان لنگهي بکر ۾ سلطان محمود خان وٽ آيو. مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ سنه 1508هه (سنه 1599ع) ڌاري ابو القاسم سلطان ولد شاه قاسم ارغون سوڍن سان وڙهي عمرڪوٽ ورتو. هو مرزا جانيءَ جو سالو هو. سنه 1152هه (سنه 1739ع) ۾ جڏهن نادر شاه سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن ميان نور محمد ۽ سندس پٽ محمد مراد ياب خان ڪلهوڙا ٺٽو ڇڏي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪا، پر نادر شاه هنن جي مٿان وڃي بيٺو ۽ هو لاچار ٿي اچي پيش پيا. اتان نادر شاه جا امير سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙي پيا. سنه 1168هه (سنه 1755ع) ۾ ميان محمد مرادياب خان سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. هو عمرڪوٽ هو. جڏهن ديوان گدومل سندس لاءِ بادشاهه کان سُندَ ۽ نواب سريبلند خان جو لقب وٺي آيو، تڏهن هو عمرڪوٽ کان ٺٽي آيو ۽ رستي ۾ نصرپور وٽ تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي ويئي. سنه 1190هه (سنه 1777ع) ۾ ميربجار خان حج پڙهي موٽي آيو ۽ سڌو عمرڪوٽ ۾ وڃي رهيو، ۽ کوسن کي اتان ڀڄائي ڪڍيائين. ميان غلام نبيءَ کي تاجو ليکي هڪڙي لشڪر ساڻ وٺي آيو ۽ اچي ڪوٽ کي گهيرو ڪيائون؛ پر فتحياب نه ٿيا. تڏهن الهه بخش جهنجڻ دغا ڪري مير کان وڃي معافي گهري. جنهن تي مير عمرڪوٽ کان نڪري ٻاهر ٿيو ته تاجي ليکيءَ ٻن هزارن ماڻهن سان ڪوٽ وڃي والاريو. تنهن تي ميربجار ڇهه هزار لشڪر وٺي ٽيهن هزارن ڪلهوڙن تي ڪاهي ويو. ڪلهوڙا نڪري لانياريءَ وٽ آيا، جتي جنگ لڳي ۽ شڪست کاڌائون ۽ ميان غلام نبي مارجي ويو، سنه 1194هه (سنه 1781ع) ۾ ميان عبدالنبيءَ جي چوڻ تي بجيسنگ جوڌپور جي راجا ڪي ٻه ماڻهو موڪلي مير بجار خان کي دغا سان مارايو، انهيءَ لاءِ ميان راجا کي عمرڪوٽ ڏيئي ڇڏيو. انهيءَ وقت ڌاري جڏهن عبدالنبيءَ جي مدد لاءِ تيمور شاه مدد خان سردار لشڪر سان موڪليو، تڏهن مير عمرڪوٽ ۾ هئا. مير عبدالله خان بلوچن جو لشڪر وٺي هن کي سامهون ٿيڻ لاءِ نڪتو. گهڻي لکپڙهه کان پوءِ مدد خان عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ مير فتح خان کي ٺڳاري پڪڙي وٺي ويو. پر پوءِ هو نڪري ڀڄي وڃي مير عبدالله ۽ مير فتح علي خان سان گڏيو، جي تڏهن دين ڳڙهه ۾ هئا. ميرن جي سانباهي جو ٻڌي مدد خان عبدالنبيءَ کان بيزار ٿي هن کي ڇڏي هليو ويو ۽ پوءِ عبدالنبي لاچار ٿي اچي مير جي پيش پيو. سنه 1201هه (سنه 1786ع) ۾ جوڌپور جي راجا ٻه هزار ماڻهو عمرڪوٽ ۾ آڻي ويهاريا، جو اهو ڪوٽ ميان عبدالنبيءَ هن کي ڏنو هو اتفاق سان واٽ ويندي اُنهن جو جهيڙو مير سهراب خان جي ڀاءُ مير غلام محمد جي ماڻهن سان ٿي پيو، جو هو ٿَرَ جي شڪار تي آيل هو. مير جا گهڻا ماڻهو مارجي ويا. تنهن تي مير سهراب، مير فتح علي خان جي مدد سان عمرڪوٽ تي ڪاهي آيو ۽ راجپوتن کي ماري ملڪ ڦري وير وٺي هليو ويو. سنه 1229هه (سنه 1813ع) ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان عمرڪوٽ جوڌپور جي راجا کان کسي ورتو ۽ انهيءَ کان پوءِ سندن هٿ ۾ رهيو. سنه 1258هه (سنه 1842ع) ۾ سرچارلس نيپئر ميرن سان عهدنامو ڪيو، جنهن موجب عمرڪوٽ، سبزلڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪراچي انگريز سرڪار کي مليا.<ref name="autogenerated2" />عمر ڪوٽ جو قلعو ھاڻي جيان اڳ بھ ٿر جي سياست جي ڪنجي سمجھيو ويندو ھو ۽ مارواڙ ۽ سنڌوماٿريءَ جي اھم گس تي موجود ھو. تنھن زماني عمر ڪوٽ ۾ سنڌ جي سومرا گھراڻي جي حڪومت ھئي. عمرڪوٽ جي قلعي کان ٣٠ ميل اتر طرف، ٿر اندر ھڪ پراڻي قلعي، رتو ڪوٽ جا اھڃاڻ موجود آھن. اھو قلعو جيڪو عمر ڪوٽ جھڙو اھم آھي، سو پرمار سوڍن جي دور انديشيءَ جي نشاني آھي يا انھن کان اڳ جي تعمير آھي، سو پتو ڪونھ ٿو پوي. اھو چوڻ ڪافي ٿيندو تھ ڪنھن مدبر حڪمران ٿر جي ڏھڪاءَ وھارڻ لاءِ اھڙن مضبوط قلعن جي اڏاوت ڪرائي، سنڌو ماٿريءَ ۽ وچ ھندستان جي مابين شاھي رستن تي پنھنجا فرمان جاري رکيا..<ref>ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال;مصنف:ايس اين رئڪس ;مترجم:ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ايڊيشن: ٻيون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو</ref>