مـحمـد ايوب کهڙو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 26:
| death_cause =
}}
سنڌ جو سياستدان محمد -ايوب کهڙو- 14 -آگسٽ- 1901ع تي، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’عاقل‘ ۾ ڄائو. مئٽرڪ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ڪيائين، جنهن کان پوءِ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ -تعليم- حاصل ڪيائين. 1921ع ۾ سندس پيءُ شاهه محمد کهڙي جي وفات کان پوءِ، -تعليم- اڌ ۾ ڇڏي لاڙڪاڻي واپس ويو ۽ پوءِ جلد ئي سياست ۾ حصو ورتائين.<ref name = " سنڌيانا "/>. سائين جي ايم سيد لکيو آهي ته:سندس والد وڏيرو ميان شاهه محمد خان کهڙو لاڙڪاڻي تعلقي جي عاقل ڳوٺ جو ويٺل هو، جنهن پنهنجي محنت، ڪفايت، شعاريءَ ۽ سٺي انتظام ذريعي زمينداري وڌائي ۽ سڌاري، چڱو پيسو ورثي ۾ ڇڏيو. زميندار طبقي وٽ، باوجود وڏين ملڪيتن ۽ گهڻي پيدائش جي به پيسي جي اڪثر بچت ڪانه رهندي آهي. ليڪن ميان شاهه محمد جهڙا ڇٽا زميندار ملن ٿا، جي ملڪيت به وڌائين ۽ پوين لاءِ پئسو به ڇڏي وڃن. ميان شاهه محمد 2 شاديون ڪيون هيون جن مان چار فرزند ٿيس: (1) ميان محمد ايوب(2) حاجي محمد مراد خان، (3) محمد نواز خان ۽ (4) ميان علي گوهر خان.<ref name =" جي ايم سيد " >جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005 </ref>
 
==سياسي زندگي==