"شِو" جي ورجائن ۾ تفاوت

2 بائيٽون لاٿ ،  1 سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
م (صفائي using AWB)
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
واديء سنڌ جي قديم آثارن مان شِو جي علامت ڍڳو پڻ ڏيکاريل آهي. ڍڳي مان صاف ظاهر آهي ته ان جو تعلق پوکيءَ سان هو. آرين جي حملن کان اڳ سنڌ جا ماڻهو زراعت سان وابسته هئا. هندن وٽ لنگ يا لنگم پوڄا آرين کان اڳ موجود هئي، جيڪا پڻ شِو سان وابسته هئي. ان مان پيدائش جو تعلق شِو سان واضع ٿئي ٿو.
 
[[رگ ويد]] جي ديوتا جي حيثيت ۾ شِو جو نالو نٿو ملي. بهرحال رگ ويد ۾ هڪ قبيلي جو نالو ”شِو“ ملي ٿو. اهو قبيلو [[سنڌو درياءَدرياھ]] جي آسپاس رهندو هو. اهو شِو قبيلو ٻين قبيلن سان گڏجي آرين خلاف وڙهيو.
 
هندن جي مذهبي ڪتابن مطابق جڏهن برهما ديوتا پنهنجي ڌيءُ سان جنسي ميلاپ ڪيو ته ديوتائن ردر (شِو) کي درخواست ڪئي ته هن کي سزا ڏئي. ان تي ردر برهما جي پنجين منڍي ڪٽي ڇڏي. اپڻشدن ۾ ردر (شِو) جي فضيلت ۽ درجو وڌيل آهي. رامائڻ ۾ هن کي عظيم تر ديوتا مڃيو ويو آهي. [[مهاڀارت]] ۾ شِو جو مقام سڀ کان اوچو آهي.
گمنام واپرائيندڙ