"صحت" جي ورجائن ۾ تفاوت

٣٬٨٧٢ بائيٽون واڌ ،  ٢ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
م (Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ)
{{مبسس4}}
'''صحت '''مان مراد جسم جي اها ڪيفيت آهي جيڪا معمول جي مطابق هجي يا [[جسم|جسماني]] ۽ ذهني تندرستي. هي لفظ عام طور تي جسماني ڪيفيت جي لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي.
 
==انساني صحت بابت ٽيسٽون==
===CBC ڪمپلیٽ بلڊ ڪائونٽ===
هي رت ۾ موجود مختلف خلين يعني ريڊ بلڊ سيلز وائٽ بلڊ سيلز ۽ ٻن وائٽ بلڊ سيلز جا سڀ قسم ۽ پليليٽس جي تعداد ۽ رت ۾ موجود هيموگلوبن جي مقدار ٻڌائيندو آهي جيڪڏھن اوهان جي رت ۾ هيموگلوبن جي گهٽتائي ھجي يعني اينميا جو شڪار آهيو جنھن کي عام طور تي رت جي گهٽتائي چئبو آهي يا جسم ۾ ڪو انفيڪشن يا الرجڪ پروسيس هلي رهيو آهي تہ ان ٽيسٽ سان خبر پوندي آهي.
 
===LFTs لیور فنڪشن ٽیسٽ===
 
هي جگر جي ٽيسٽ آهي جنھن ۾ جگر جي نارمل ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ رت ۾ بلريوبن ۽ ڪجھ اينزائمز کي جانچيو ويندو آهي. بلريوبن هڪ مادو آهي جيڪو اسان جي ڳاڙهن خلين جي ٽٽڻ سان ٺھندو آهي ۽ جگر ان کي جسم مان صاف ڪرڻ جي لاءِ ٻين ڪجھ مادن سان گڏ جوڙي ويندو آهي ۽ پوءِ هي جسم مان خارج ٿي ويندو آهي. جيڪڏھن جگر جي نارمل فنڪشن ۾ ڪا خرابي ٿي تہ بلريوبن جي مقدار رت ۾ هڪ مخصوص ويليو کان وڌي ويندي آهي.
 
===RFTs رینل فنڪشنل ٽيسٽ===
 
هي گڙدن جي جاچ جي ٽيسٽ آهي. ان ۾ رت ۾ موجود يوريا ۽ ڪريٽينن کي جانچيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن انھن جي مقدار هڪ مخصوص حد کان وڌيڪ هجي تہ گڙدن جي خرابي کي ظاهر ڪندو آهي.
 
===Lipid profile Test===
 
هي جسم ۾ موجود مختلف طرح جي لپڊز جي جانچ ڪندو آهي يعني ڪوليسٽرول، هائي ڊينسٽي لائيپو پروٽين ۽ لو ڊينسٽي لائيپو پروٽين. جن ماڻھن جي فيملي ۾ مستقبل ۾ دل جو مرض هجي تہ انھن کي خاص طور تي مرد کي هي ٽيسٽ سال ۾ هڪ دفعو ضرور ڪرائڻ گھرجي لپڊ ليول ۾ جيڪڏهن ٿوري گھڻي خرابي هجي تہ اوھان شروعاتي ليول تي ان جي جاچ ڪري پنھنجي خوارڪ ۾ تبديلي ۽ ورزش کي روٽين جو حصو بنائي ڪري دل جي خطرناڪ مرضن کان محفوظ رهي سگھو ٿا. مردن ۾ دل جي مرض جو ريشو وڌيڪ هجي ٿو. ان لاءِ سڀني ماڻھن کي ويھ سال جي عمر کانپوءِ هي ٽيسٽ ضرور ڪرائڻ گھرجي ۽ جن جي پيءُ ماءُ کي دل جو مرض آهي تہ اُهو سالانو هي ٽيسٽ ضرور ڪرائي.
 
===BSL بلڊ شوگر لیول===
 
هي ٽيسٽ رت ۾ موجود گلوڪوز جي مقدار ٻڌايندو آهي. جيڪڏھن اوهان جي فيملي کي مستقبل ۾ ڊايا بٽيز شوگر جي بيماري آهي تہ سالانو پنھنجو ٽيسٽ ضرور ڪرائيو.
 
===Stool test===
 
ترقي یافتہ ملڪن ۾ هر ڇھ مھيني کانپوءِ سڪريننگ ٽيسٽ مان هي بہ ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي. ڪولون ۽ ريڪٽم جا مختلف مرض خصوصن ڪينسر کي جلدي پڪڙڻ جي لاءِ هي ٽيسٽ بنيادي اھميت جو ڪارڻ آهي. ھن ٽيسٽ ۾ سٽول سيمپل جي مائيڪروسڪوپڪ جاچ ڪئي ويندي آهي ان ۾ رت پس يا ڪو ٻيو ايبنارمل مادو تہ موجود نہ آهي چيڪ ڪيو ويندو آهي.
 
===Urine complete examination===
 
ان ٽيسٽ ۾ يورين جي مڪمل مائيڪروسڪوپڪ جاچ ڪئي ويندي آهي تہ ان ۾ بيڪٽيريا،رت پس يا ڪرسٽل وغيره تہ موجود ناهن. هي ٽيسٽ يورينري ٽريڪٽ جي بيمارين جي جاچ جي لاءِ ضروري آهي.
 
==صحت جي سهولتن جي کوٽ==
بنيادي طور تي عوام کي صحت جي سهوليتن جي فراهمي جو مسئلو سياسي مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته نوڪر شاهي ۽ اشرافيا، صحت جي شعبي ۾ پنهنجون پاليسيون رڳو معاشري جي هڪ حصي جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ جوڙي رهيا آهن.
<ref>[http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=383#19578 سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر<!-- Bot generated title -->]</ref>
<ref>روزاني عوامي آواز- 1 نومبر 1997ع</ref>
<ref>ڪتاب: سياست، سماج ۽ آزادي</ref>
 
==حوالا==