بينظير ڀٽو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏تعليم: {{POV section}}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
←‏سياست ۾ آمد: {{POV section}}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 59:
==سياست ۾ آمد==
{{refimprove section}}
{{POV section}}
1970ع جي چونڊن ۾ اولهه پاڪستان مان پيپلز پارٽيءَ جي اڪثريت سان چونڊجڻ مهل هوءَ آمريڪا ۾ هئي. ان کان پوءِ اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيون ۽ جنگ لڳي، اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو، ڀُٽي صاحب کي باقي رهيل پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنايو ويو. ان دور ۾ بينظير ڀٽو جيئن 1972ع ۾ اونهاري جي موڪلن ۾ پاڪستان آئي ته ڀٽو صاحب کيس پاڻ سان هندستان وٺي ويو، جتي کيس شملي ۾ اندراگانڌيءَ سان ملڻو هو. ان ملاقات 18 سالن جي نوجوان بينظير جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو. عملي سياست جو سندس اهو پهريون تجربو هو، جتي هوءَ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن وارن جي توجهه جو مرڪز بڻجي وئي هئي. اتان موٽي هوءَ وري واپس آمريڪا پڙهڻ هلي ويئي. اتي پنهنجي چئن سالن واري ڪورس کي پورو ڪري سياست ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ پاڻ مختصر عرصي لاءِ پاڪستان اچي، وري پنهنجي والد جي خواهش مطابق آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي داخلا ورتائين، جيڪو پاڻ به اتان پڙهيو هو. جنهن وقت 14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ جو آئين نافذ ڪيو ويو، بينظير پاڪستان ۾ آيل هئي. ان کان پوءِ ڀٽو صاحب مختلف دورن ۾ هن کي پاڻ سان وٺي ويندو هو، ان ڪري هن کي ڪيترن مشهور ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن ۾ هينري ڪسنجر به شامل هو. لاهور ۾ 1974ع ۾ ڪوٺايل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ به هوءَ شامل ٿي هئي، جتي هن کي مصر جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي شاهه فيصل، لبيا جي ڪرنل قذافي، [[بنگلاديش]] جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين سان ملڻ جو موقعو مليو. ان کان سواءِ گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جي اميرن سان به ملي. اها سندس لاشعوري تربيت هئي، جيڪا سندس والد ڪري رهيو هو. ان سال آڪسفورڊ ۾ بينظير کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. ان کان ڪجهه وقت پوءِ هن انهيءَ يونين جي صدر لاءِ چونڊ وڙهي ۽ 1977ع ۾ هوءَ پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنهن اهو عهدو ماڻيو هو.