بينظير ڀٽو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←‏ذاتي پسمنظر: {{refimprove section}}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
←‏تعليم: {{refimprove section}}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 49:
 
==تعليم==
{{refimprove section}}
بينظير ڀٽو کي ابتدائي تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي مسز جيننگ جي نرسري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هن 1958ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري (Convent of Jesus and Mary) ۾ داخلا ورتي. ننڍپڻ ۾ هوءَ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهي نينگر هئڻ سان گڏ تمام ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي. ستن سالن جي عمر ۾ جڏهن سندس والد جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو ته سندن ڪٽنب راولپنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پهرين کيس ”پريزنٽيشن ڪانوينٽ“ (Presentation Convent) ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ ڪوهه مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. هن دور ۾ هن کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو. ڪتابن ۾ هن کي تاريخ، آتم ڪهاڻيون ۽ اگاٿاڪرسٽيءَ جون جاسوسي ڪهاڻيون پسند هيون. بينظير کي ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو به شوق هو ۽ هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غيرنصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، ان ڪري سندس استاد کيس گهڻو ڀائيندا هئا. ننڍي عمر کان ئي مختلف پرڏيهي ملڪ گهمڻ ۽ گهر ۾ ٿيندڙ سياسي گفتگوءَ جي ڪري هن ۾ سياسي شعور موجود هو.
 
جڏهن سندس والد وزير خارجه بڻيو، تڏهن سندس مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿيو ۽ ان وقت جي ڪابينا ۾ عمر ۾ ننڍي ۾ ننڍو وزير هئڻ جي باوجود گهڻن تي ڀاري هو. 1965ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي، جنهن کان پوءِ ڀٽي صاحب جا ايوب خان سان اختلاف ٿي پيا، ان ڪري هو سندس حڪومت کان ڌار ٿي ويو. هي اهو دور هو، جنهن ۾ بينظير کي تمام ويجهي کان ملڪ جي حالتن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو. 1966ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڀٽو صاحب وڏو مقبول سياسي ليڊر بنجي اڀريو ۽ هي خاندان ڪراچيءَ واپس موٽي آيو ۽ بينظير وري ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان هن صرف 15 سالن جي عمر ۾ ’او‘ ليول جو امتحان ڏنو. ان کان اڳ 1967ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پئجي چڪو هو، جنهن جو چيئرمئن ڀٽو صاحب بڻيو ۽ بينظير صرف چوڏهن سالن جي عمر ۾ ان جي بنيادي پنجن ميمبرن ۾ شامل هئي.
ڪجهه وقت گرامر اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ هوءَ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هلي وئي. اهو 1969ع جو سال هو. انهيءَ دور ۾ ويٽنام جنگ خلاف ٿيندڙ ڪيترن مظاهرن ۾ شرڪت ڪيائين، اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ چندا گڏ ڪيائين ۽ ڪاليج جي ٻين ڪيترين سرگرمين ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتائين، جنهنڪري هوءَ ڪاليج ۾ گهڻي مشهور ٿي وئي.
 
==سياست ۾ آمد==
1970ع جي چونڊن ۾ اولهه پاڪستان مان پيپلز پارٽيءَ جي اڪثريت سان چونڊجڻ مهل هوءَ آمريڪا ۾ هئي. ان کان پوءِ اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيون ۽ جنگ لڳي، اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو، ڀُٽي صاحب کي باقي رهيل پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنايو ويو. ان دور ۾ بينظير ڀٽو جيئن 1972ع ۾ اونهاري جي موڪلن ۾ پاڪستان آئي ته ڀٽو صاحب کيس پاڻ سان هندستان وٺي ويو، جتي کيس شملي ۾ اندراگانڌيءَ سان ملڻو هو. ان ملاقات 18 سالن جي نوجوان بينظير جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو. عملي سياست جو سندس اهو پهريون تجربو هو، جتي هوءَ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن وارن جي توجهه جو مرڪز بڻجي وئي هئي. اتان موٽي هوءَ وري واپس آمريڪا پڙهڻ هلي ويئي. اتي پنهنجي چئن سالن واري ڪورس کي پورو ڪري سياست ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ پاڻ مختصر عرصي لاءِ پاڪستان اچي، وري پنهنجي والد جي خواهش مطابق آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي داخلا ورتائين، جيڪو پاڻ به اتان پڙهيو هو. جنهن وقت 14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ جو آئين نافذ ڪيو ويو، بينظير پاڪستان ۾ آيل هئي. ان کان پوءِ ڀٽو صاحب مختلف دورن ۾ هن کي پاڻ سان وٺي ويندو هو، ان ڪري هن کي ڪيترن مشهور ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن ۾ هينري ڪسنجر به شامل هو. لاهور ۾ 1974ع ۾ ڪوٺايل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ به هوءَ شامل ٿي هئي، جتي هن کي مصر جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي شاهه فيصل، لبيا جي ڪرنل قذافي، [[بنگلاديش]] جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين سان ملڻ جو موقعو مليو. ان کان سواءِ گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جي اميرن سان به ملي. اها سندس لاشعوري تربيت هئي، جيڪا سندس والد ڪري رهيو هو. ان سال آڪسفورڊ ۾ بينظير کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. ان کان ڪجهه وقت پوءِ هن انهيءَ يونين جي صدر لاءِ چونڊ وڙهي ۽ 1977ع ۾ هوءَ پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنهن اهو عهدو ماڻيو هو.