بينظير ڀٽو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
←‏ذاتي پسمنظر: {{refimprove section}}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 43:
شهيد [[ذوالفقار علي ڀٽو|ذوالفقار علي ڀٽي]] جي وڏي نياڻي. '''بينظير ڀٽو''' جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي.<ref>[https://www.biography.com/people/benazir-bhutto-9211744 Benazir Bhutto - Prime Minister - Biography<!-- Bot generated title -->]</ref> سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا.
==ذاتي پسمنظر==
{{refimprove section}}
پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين سان هو. جڏهن ته سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان شهر سان آهي.بينظير سندن وڏور ڌيءَ هئي. هي پاڻ ۾ چار ڀائر ڀيڻون هئا، جن مان هاڻي صرف هڪ ڀيڻ صنم ڀٽو حيات آهي.
 
بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام حسين عورت هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور [[آصف علي زرداري]] نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي، جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي افنديءَ سان واسطو رکي ٿو. آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر رھي چڪو آهي. کيس ٽي ٻار، هڪ پٽ [[بلاول ڀٽو زرداري|بلاول]] ۽ ٻه نياڻيون بختاور ۽ [[آصفه ڀٽو زرداري|آصفه]] آهن.
 
==تعليم==
بينظير ڀٽو کي ابتدائي تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي مسز جيننگ جي نرسري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هن 1958ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري (Convent of Jesus and Mary) ۾ داخلا ورتي. ننڍپڻ ۾ هوءَ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهي نينگر هئڻ سان گڏ تمام ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي. ستن سالن جي عمر ۾ جڏهن سندس والد جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو ته سندن ڪٽنب راولپنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پهرين کيس ”پريزنٽيشن ڪانوينٽ“ (Presentation Convent) ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ ڪوهه مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. هن دور ۾ هن کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو. ڪتابن ۾ هن کي تاريخ، آتم ڪهاڻيون ۽ اگاٿاڪرسٽيءَ جون جاسوسي ڪهاڻيون پسند هيون. بينظير کي ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو به شوق هو ۽ هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غيرنصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، ان ڪري سندس استاد کيس گهڻو ڀائيندا هئا. ننڍي عمر کان ئي مختلف پرڏيهي ملڪ گهمڻ ۽ گهر ۾ ٿيندڙ سياسي گفتگوءَ جي ڪري هن ۾ سياسي شعور موجود هو.