ونواھ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 1:
==ونواھ جيڪو اصل ۾ آهي وڻ + واه معنا وڻڻ جو رستو==
ونواھ (Winwaah/Wanwaah) لفظ پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏي معنا ۽ پس منظر رکي ٿو. ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ائين چئجي ته ڪنوار جي وهانءَ کان اڳ جسماني طور تي ٺاه ٺوھَ ۽ ان کي ذهني طور تي مڙس سان پريتڙي ڪرڻ جي ماهر بڻائڻ. لفظ ”وڻ“ ٺيٺ سنڌيءَ ۾ هڪ ته آهي وڻ (اهو فارسيءَ وارو درخت) ٻيو وري آهي فعل جنهن ۾ عام طور تي ڪو ڪنهن کي وڻي وڃي، معنا ٺاهوڪو يا ٺاهوڪي لڳي، پسند ڪرڻ. جيئن پاڻ چوندا آهيون ته ڦلاڻي شيءِ مونکي وڻي ٿي. (پر اها ڳالھ ذهن ۾ هجي ته اتي ”ڻ“ اکر کي زبر آهي.) پر جڏهن اوهان ان ”ڻ“ کي زير ڏيندا ته اهو لفظ صرف مادي جسم لاءِ ٿيندو. جيئن ”وڻِي“. اها وڻِي ئي آهي جيڪا اسان وٽ پوءِ ”وني“ ٿي، ۽ اها وني معنا زال ئي آهي. ”وڻ“ لفظ جي لڪل هڪ ٻي به معنا آهي، جنهن ۾ اهو تپڻ، گرم ٿيڻ جي معنا ۾ ورتو ويندو آهي. مثال اسان وٽ چوپايو جانور جڏهن لڳڻ جي مند ۾ ايندو آهي ته اهو ”وڻبو“ به آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳتي هلي اهوئي لفظ وري هڪ نئين شڪل مٽي. ڻ تبديل ٿي ھ ر ۾ مٽجي ٿو. جنهن کي پاڻ وري سڏيندا سين ”وهر“. اصل ۾ اهي هڪ ئي ڪيفيت جا مختلف اسم آهن. ان لفظ کي سنڌ جي هڪ لهجي ۾ اهو وڻ ”ووڻ“ به سڏجي ٿو.
 
خير بنيادي طور تي اهو پيدائش جي عمل ۾ عام استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. گھڻو اڳ پنهنجي سنڌ۾ ٿيندو ڇا هئو جو، ڪنوار ۽ گھوٽ کي وهانءَ کان ست ڏينهن اڳ سندن ڪمرن ۾ لڪائي انهن جي تياري ڪرائي ويندي هئي. ڪنوار سان گڏ هڪ تجربيڪار پڪي مائي گڏ هوندي هئي (اڪثر اهي مايون دايون هونديون هيون) جيڪي ڪنوار کي هيڊ، اٽي، زعفران ۽ مختلف جڙي ٻوٽين مان ٺهيل ملمون هڻي ان جو رنگ چٽو ڪنديون هيون. نه صرف اهو پر اهي مايون ”ڪاما سترا“ (جيڪو جنسي علم جو بهترين ڪتاب هيو ۽ آهي) ان ڪتاب جي روشنيءَ ۾ ڪنوار کي جنسي ميلاپ سيکارينديون هيون. سئين سڌي ڳالھ ته اهي وڻڻ جا رستا ڪنوارين کي عملي طور تي ڪري سمجھائينديون هيون. هوڏانهن وري گهوٽ سان به ساڳي طور ڪو پڪو مرد ۽ پڪي مائي کيس به سينگاريندا هئا ۽ جنسي ڪرتب سيکاريندا هئا. اسان وٽ 712ع کان پوءِ جيئن ته اسلام اچي ويو، سو اهي سڀ ڳالهيون ”هندو مت“ جون ليکي ختم ڪيون ويون. هڪ اهم ڳالھ اها به آهي ته ونواه جون اعلا ترين رسمون برهمڻن وٽ وڏي شان ۽ مان سان ملهايون وينديون هيون. جڏهن ته ان جي ابتڙ هيٺين ذاتين ۾ اهي رسمون گهٽ هونديون هيون، پر ملهايون ضرور وينديون هيون. ڇوته اسان سنڌي مسلمانن جي اڪثريت جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا اهي هيٺين ذاتين جي هجڻ ڪري ايڏي مان سان نه ملهائيندا هئاسين، سو اها رسم اسان وٽ بس نالي ماتر ئي رهجي وئي.
هاڻي اچو واپس لفظ ونواه تي، جنهن جي معنا مٿي لکي آيو آهيان ته ”وڻڻ واه“ معنا وڻڻ جو طريقو يا رستو. غور ڪريو ته ڇا وڻي؟ ظاهر آهي جنسي طور ئي وڻڻ جي ڳالھ آهي. <ref> تحقيق ۽ تحرير؛ اَمر فياض ٻُڙڙو</ref>
 
 
'''ونواھ جي رسم''':ونهه:
 
Line 13 ⟶ 20:
== حوالا ==
{{حوالا}}
 
[[زمرو:تاريخ]]
[[زمرو:ريتون رسمون]]