لبرل ازم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 4:
 
 
آزاد خيالي يا لبرل ازم تاريخي لحاظ کان جاگيرداري ۽ شهنشاهيت خلاف سترهين صديءَ ۾ شروع ٿيل هڪ فڪري تحريڪ آهي، جنهن يورپ ۾ مذهب، معيشيت، سياست ۽ سماجي شعبن ۾ نوان لاڙا آندا. هن تحريڪ ”فرد“ جي آزاديءَ جي وڪالت ڪندي، سندس صلاحيتن ۽ خوبين جي آزاد اظهار لاءِ ماحول فراهم ڪيو ۽ معاشري ۾ آزاد چٽا ڀيٽيءَ ۽ انساني فلاح وارو ماحول جوڙڻ تي زور ڏنو. اڳتي هلي اها تحريڪ سڄي دُنيا ۾ ڦهلجي وئي. آزاد خياليءَ جي تحريڪ عام طرح هر سماج جي وچولي طبقي پاران هلائي وڃي ٿي، جيڪا قدامت پسندي ۽ ڪليسيائي داٻي کي ٽوڙي، اخلاقي حدن اندر رهندي، انساني راءِ جي مڃتا جي قائل آهي. ”آزاد خياليءَ“ ۾ فرد کي ڳالهائڻ، چونڊڻ ۽ ذاتي ملڪيت جي واڌ ويجهه وارا حق ڏنا ويندا آهن. ارڙهين صديءَ جي ”ڪلاسيڪل لبرلزم“ ۽ ويهين صديءَ جي ”سوشل لبرلزم“ وارين تحريڪن دنيا ۾ وڏيون تبديليون آنديون. دنيا ۾ اڪثر وڏا انقلاب، آزاديءَ جون تحريڪون ۽ انفرادي حقن جي تحفظ لاءِ ٿيل جاکوڙون، هن نظريي جي اثر هيٺ حاصل ٿيون. هن نظريي جي ڪري عالمي سطح تي سهڪاري ۽ امن جو ماحول جُڙيو ۽ ٻين رياستن لاءِ پرامن بقا ئي باهميءَ واري اصول تي زور ڏنو ويو. هي نظريو عالمي برادريءَ ۾ ٿيندڙ تڪرارن جي حل لاءِ ڳالھين ٻولين ۽ ٻين پرامن سرگرمين تي زور ڏئي ٿو، جان لاڪ، روسو، [[والٽيئر]] ۽ ٻيا يورپي ڏاها هن نظريي جا وڏا وڪيل مڃيا وڃن ٿا.
<ref>http://dic.sindhila.edu.pk/define/Liberalism.php</ref>