اسم: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مضمون کي بهتر بڻايو
مضمون کي بهتر بڻايو
سِٽَ 3:
گرامر جو اصطلاح. ڳالهائڻ جو لفظ. اھو لفظ جو ڪنھن به ماڻھوءَ، ساھواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جو نالو ھجي. جيئن تھ: غلام محمد، شينهن، ميز، ٿاڻو، غريبي، اميري، وغيره.
 
== لفظ اسم ==
 
لفظ اسم عربي ٻوليءِ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي نـالـو. [[عربي ٻولي]] جو لفظ جنھن کي انگريزي ۾ noun چيو ويندو آھي۔ يعني ڪنھن شخص، مقام، فرد، شيء، ڪيفيت يا وصف جو نالو۔ <ref>[http://www.crulp.org/oud/ViewWord.aspx?refid=979%3E اُردو روئي خط لُغت تي لفظ اسم جو مفھوم]</ref>. صوفي شاعريءَ ۾ ’اسم‘ لفظ ’الله‘ لاءِ به ڪم ايندو آهي.<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
انگريزيءَ جو لفظ نائون (noun) لاطيني ٻوليءَ جي لفظ نومين ''nōmen'' انمان نڪتل آھي جنھن جي معني نالو آهي.<ref>{{L&S|nomen|nōmen|ref}}</ref>
 
ڳالھائڻ جي لفظن جي درجہ بندي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ پنجين صدي قبل مسيح ۾ ٿي .مشھور گرامردان ياسڪا جي نروڪتا ۾ ڏيکاريل چئن درجہ بندين ۾ اسم پڻ شامل ھيو.<ref name="Matilal">[[Bimal Krishna Matilal]], ''The word and the world: India's contribution to the study of language'', 1990 (Chapter 3)</ref>
Line 69 ⟶ 68:
|}
 
== اسم جا قسم ==
سنڌي ويا ڪرڻ (گرامر) ۾ اسم جا مکيه ٻه قسم آهن؛
 
=== اسم صفاتي ===
اهڙا اسم جن کي ڏسي سگجهي ٿو. هن جا ٻه قسم آهن.
 
==== اسم خاص ====
اسم خاص اهڙا اسم جيڪي نالو آهن ڪنهن خاص ماڻهو ، خاص جانور، خاص شيءِ يا ڪنهن خاص ساهواري جو نالو هجي، انکي اسم خاص چئبو آهي.
 
مثال طور؛ هير سچل ڪاليج نوابشاھ مان انٽر پاس ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ وئي. (خاص نالا؛ هير، سچل ڪاليج، نوابشاھ، لاڙڪاڻو)
 
نوٽ؛ اسم خاص سان ڪهڙو يا ڪنهن جو سوال ٿي نه سگھندو آهي ڇو نه هو خود خاص اسم هوندا آهن.
 
==== اسم عام ====
هڪ کان وڌيڪ هڪ جھڙين شين جي نالن کي اسم عام چئبو آهي.
 
مثال طور؛ سالار ڪتاب خريد ڪري ٿو. هي اسڪول جون ڪرسيون آهن. مينڌرو گھوڙي تي چڙهي گاھ وٺڻ بازار ويو. (عام نالا؛ ڪتاب، ڪرسيون، گھوڙو، گاھ)
 
نوٽ؛ ميڙ جا نالا پڻ اسم عام ٿيندا آهن. جئين ولر، وڳر، ڌڻ، لشڪر، رعيت، عوام، ٽيم. ٽولو، گروھ، وغيره
 
=== اسم ذاتي ===
هنن اسمن حواسن زذريعي محسوس ڪري سگھجي ٿو. هن کي اسم ذات پڻ چئبو آهي.
 
==== اسم ذات ====
اهڙا اسم جيڪي ڪنهن خاصيت حالت ۽ ڪم جو نالو ظاهر ڪن. انهن کي اسم ذات چئبو آهي.
 
نوٽ؛ اسم ذات اهڙن اسم کي پڻ چئبو جن کي صرف حواسن جي ذريعي معلوم ڪري نه سگھجي فقط محسوس ڪري سگھجي.
{| class="wikitable"
|+اسم ذات جو جدول
|خاصيتون
|وفاداري
|نيڪي
|ساوڪ
|هوشياري
|چالاڪي
|بيوقوفي
|روشني
|سونهن
|ڪاراڻ
|ڦڪاڻ
|ايمانداري
|-
|حالتون
|ننڍپڻ
|ويڙھ
|بيماري
|اميري
|غريبي
|پيري
|مريدي
|بيوسي
|گرمي
|ٿڌ
|جواني
|-
|ڪم
|پڙهڻ
|گھمڻ
|لکڻ
|ڏسڻ
|وڃڻ
|وڄڻ
|اٿڻ
|سمهڻ
|اچڻ
|هالائڻ
|ڏيڻ
|}
نوٽ؛ الله تعالي جا سڀئي نالا اسم ذات آهن.
 
الله، الرحيم، القادر، الوهاب، الغفار....
 
== اسم جا وڌيڪ قسم ==
 
=== اسم مصدر ===
مصدر جي معني آهي بڻ بنياد، نڪرڻ جي جاءِ
 
اهڙا اسم جيڪي فعل جي بڻ بنيادي صورت مان هجن، جن مان ڪنهن ڪم يا حالت جي معني ظاهر ٿئي ۽ سندس پڇاڙيءَ وارو اکر "ڻ" هجي اهڙن لفظن کي اسم مصدر چئبو آهي.
 
<references/>