"شاھ عبداللطيف ڀٽائي" جي ورجائن ۾ تفاوت

م
سنوار جو تَتُ ڪونھي
م
ٽيگَ: ترمیم سورس 2017ع
ٻيو معيار: ٻيو معيار، جو موجوده دؤر جا وڏا وڏا نقاد شعر کي پرکڻ لاءِ تسليم ڪن ٿا، سو هيءُ آهي ته: آيا شاعر جي ڪلام جي ڪنهن به مصرع ۾ ڪو به اهڙو لفظ بدلائي سگهجي ٿو؟ جو انهيءَ تبديلي سان مصرع کي زياده مؤثر يا فصيح بڻائي سگهي، يا ان ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪري سگهي؟.
 
هڪ دفعيڀيري جڏهن بين جانسن (Ben Johnson) کان پڇيو ويو ته هو پنهنجي نظم جي ڏهن کان به زياده دفاع تصحيح ڪري ٿو، حالانڪهجڏھن ته شيڪسپيئر ڪڏهن به پنهنجي شعر جي ٻيهر اصلاح ڪانه ڪئي، تڏهن جواب ڏنائين ته سندس خيال موجب بهتر ٿئي ها جيڪڏهن شيڪسپيئر ويهه دفعا پنهنجي شعر جي اصلاح ڪري ها. مگر انهيءَ هوندي به زمانو شاهد آهي ته سندس اهو نظم، جنهن جي ڏهه دفعا تصحيح ڪئي وئي آهي، ان ۾ اڃا به اصلاح جي گنجائش باقي آهي، پر شيڪسپيئر جون في البديهه چيل مصرعون اصلاح کان بالاتر آهن ۽ انهن مان گهڻن ۾ ڪنهن به هڪ لفظ جي ڦير گهير سڄي مصرع جي ترنم کي تباهه ڪري ڇڏيندي. بهرحال، اهڙي تبديلي سڌاري جي بدلي نقصانڪار ثابت ٿيندي.
 
حقيقت ۾ ڪنهن ورلي شاعر جو ڪلام هن معيار تي پورو بيهي سگهندو، پر لطيف جي ڪلام ۾ ته فقط هڪ لفظ جي تبديلي به سڄي لئي ۽ ترنم کي بگاڙي ڇڏي ٿي، بلڪه ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ناقبل برداشت بڻائي ڇڏي ٿي. بس! امڪان نه آهي جو ڪنهن به مصرع ۾ رڳو هڪ لفظ به هٽائي يا مٽائي سگهجي. سندس سڄو ڪلام انهيءَ لطيف توازن ۽ نزاڪت جو حامل آهي! نه فقط هر هڪ مصرع، پر هر هڪ لفظ ۽ ان جي بيهڪ کي ”هڪ خاص اهميت“ آهي ۽ ان جو بدلائڻ محال آهي. دنيا جو ڪو به شاعر، سندس ڪلام جي سڄي ذخيري جي نقطي نگاه کان، هن پرکا ۾ پورو بيهي نه سگهندو. ٻين شاعرن کي ته ڇڏيو، پر خود شيڪسپيئر جي به ڪيترين ئي مصرعن کي ترميم بعد بهتر سمجهيو ويو آهي. موجوده يورپي نقادن ڪنهن به شاعر جي شعر کي پرکڻ واسطي اهو ٻيو معيار مقرر ڪيو آهي.
 
اهي جملي نقطا اسان جي محققن جي توجهه جا لائق آهن ۽ انهن تي ڪتابن جا ڪتاب لکي سگهجن ٿا. انهن جي اپٽار جو نه هيءُ موقعو آهي ۽ نه مهل. تنهنڪري اسان انهن تن معيارن تي اتفاق ڪريون ٿا، جي مٿي بيان ٿي ڪا آهن، ۽ ڀل ته دنيا پاڻ ڏسي، بشرطيڪه ان کي اهي اکيون آهن، جن تي تنگ ” قومي“ جذبات جو پردو چڙهيل ناهي.
 
 
 
==”پَرُ نهين، پاوَر نهين، پهچ نهين پِي دور“==
انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ تحت هتي اچڻ سترهين صديءَ جي پهرين ئي ورھيه يعني 1600ع ۾ ۽ فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاھ، سرڪار ڀٽائيءَ جو گنج جيڪو شاھ جي رسالي جو پهريون هٿ اکري مجموعو سامهون آندو هو اهو ارڙهين صديءَ جي آخري ورھين يعني 1793ع ۾. ان گنج ۾ هندي بيراڳ نالي هڪ سر به آهي جنهن ۾ جوڳي، سامين، سنتن جا بيت ملن ٿا. انهن بيتن ۾ هي به هڪ بيت آهي جنهن ۾ انگريزيءَ جو لفظ پاور (Power) ڏاڍي سھڻي نموني سان ڪتب آندل آهي.
<ref> شاھ لطيف جو گنج، مٿيون مواد اَمر فياض ٻرڙي طرفيل ڳوھيل آندل آھي</ref>
 
 
٢٬٢٦٤

سنوارون