جل ترنگ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
==اتهاس== هي ساز سترهين صديءَ ۾ بال پنڊت ، سنگيت پاريجات ۾ متعارف ڪرايو هو
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
وڄائڻ ۽ رکڻ جي ترتيب
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 25:
==اتهاس==
 
هي ساز سترهين صديءَ ۾ بال پنڊت ، سنگيت پاريجات ۾ متعارف ڪرايو هو.
 
 
==وڄائڻ ۽ رکڻ جي ترتيب==
هن ساز ۾ ٻاويه چينيءَ جا پيالا جيڪي پنهنجي بيهڪ ۾ ترتيبوار ننڍا وڏا ٿيندا آهن تن کي گهرج آهر پاڻيءَ سان ڀري وڄائبو آهي ته هڪ سندر ساز پيدا ٿيندو آهي.
چينيءَ جي پيالن (ٿانوَ) کان اڳ انکي ڪنجهي، ٽامي يا پتل جي پيالن سان ڪَتب آڻبو هيو. انهن پيالن جي ترتيب ڪجه اهڙي ريت هوندي آهي ته انهن پيالن مان هڪڙا وڏا ته ٻيا تال استان وارا پيالا بيهڪ سان ننڍا ٿيندا آهن. اهي سڀئي پيالا گول دائري ۾ ساڄي پاسي کان ننڍا ۽ کاٻي پاسي کان وڏا پيالا رکيا ويندا آهن. اهڙِي ريت انهن پيالن ۾ پاڻي ڀري اڍائي سبتڪن جا سر وٺبا آهن، جهڙوڪ (12+ 12+ 4) يعني سا- سا- ري- ري- گا- گا- ما- ما- پا- ڌا – ڌا – ني- ني – الخ ٻيو سبتڪ. انکانپوءِ ڏونڪا کڻي پيالن جي ڪنارن تي ڌڪ هڻي گهربل سر وٺي لاڳاتار ٻنهي هٿن سان وڄائڻ سبب ڪي آوازي لهرون پيدا ٿينديون آهن، جل ترنگ کي وڄڻ لاءِ سورنهن پيالن ۾ پاڻي وجهي ۽ ڇهن پيالن کي خالي رکيو ويندو آهي ۽ انهن خالي پيالن ۾ ڳئوريون هلڪيون شيون جهڙوڪ پارو شربت وجهي رکيو ويندو آهي.