شمس ‌الدين عرساڻي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مک صفحي تي موجود مضمون جي تياري
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 17:08, 11 جنوري 2019ع

نالو: شمس‌الدين والد جو نالو: نور محمد والده جو نالو: نعمت جهان ذات: عرساڻي ڀاءُ جو نالو: ضياءُالدين ڀيڻ جو نالو: ميمونہ ڄم جي تاريخ: 2ئين اپريل 1937ع وفات جي تاريخ: 22 آگسٽ 2017ع ڪرت: استاد قوميت: پاڪستاني تعليمي ڪم: 12 تعليمي ادارا قائم ڪرڻ ڳڻڻ جوڳو ڪم: تعليم، ٻولي ۽ ثقافت جي واڌاري جو ادارو اوسر پيڙهڪا امانتاڻو قائم ڪرڻ سڃاڻپ: نقاد، تعليمدان، پروفيسر، سماجياتدان زوجہ: رضيه عرساڻي ولد محمد اسماعيل عرساڻي اولاد: ڊاڪٽر ميمونہ عرساڻي ڊاڪٽر نور محمد عرساڻي ڊاڪٽر ضياءُالدين عرساڻي امتياز احمد عرساڻي ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي سنڌيہ عرساڻي تعارف ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻي (1937 کان 2017) جي سڃاڻپ هڪ سنڌي ٻوليءَ جي چاهڪ طور ٿئي ٿي. هُو سنڌي ٻوليءَ جي پهرين تنقيد نگار طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عرساڻي سنڌي جو پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ ٿي گذريو آهي، ڊاڪٽر عرساڻيءَ سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ڪتاب سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي پنهنجي خاص جڳهه والارين ٿا. هن تنقيد نگاري کان علاوه سنڌي ٻولي، سنڌي مختصر ڪهاڻين، ٻاراڻي ادب، سائنسي ادب ۽ نصاب تي پڻ ڪم ڪيو آهي. هن ادب جي ڊرامہ ۽ شاعريءَ وارن گوشن کي پڻ ڇهيو آهي. ڊاڪٽر عرساڻيءَ جا ترجما ”رني ڪوٽ“ ۽ جڳ مشهور ڪتاب ڪاسماس جو ترجمو ”آفاق“ سنڌي ٻوليءَ کي سگهارو ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر عرساڻي سرگرم حياتي گذاري هن سنڌي ٻوليءَ سان گڏ تعليم لاءِ پڻ تمام گهڻو جاکوڙيو. هن سال 2002ع ۾ اوسر پيڙهڪا نالي سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ثقافت جو امانتاڻو قائم ڪيو، جنهن جي هٿ هيٺ سنڌي ذريعہ تعليم جا 10 ادارا هلي رهيا آهن. شروعاتي زندگي: ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻي 2ئين اپريل 1937ع ۾ هالا نوان جي شهر ۾ پيدا ٿيو پر ٻن سالن جي عمر ۾ ئي سندن وڏن حيدرآباد شهر جون گهٽيون اچي آباد ڪيون. ان سبب ڊاڪٽر عرساڻي سموري تعليم حيدرآباد ۾ ئي پرائي. ڊاڪٽر عرساڻيءَ جو ٻن سالن جي عمر ۾ والد عبدالله عرساڻي گذاري ويو. سندس پرورش سندس ماءُ ۽ مامن ڪئي. سندس هڪ ڀاءُ ضياءُالدين ۽ هڪ ڀيڻ نعمت جهان هئي، جيڪي ٻالڪ پڻي ۾ ئي هي دنيا ڇڏي هليا ويا. ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي ماءُ جو اڪيلو پٽ رهجي ويو. تعليمي ڪَريئر ڊاڪٽر عرساڻي پرائمري تعليم حيدرآباد جي هوپفل اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن تہ ميٽرڪ جو امتحان نورمحمد هاءِ اسڪول، انٽر سچل آرٽس ڪاليج ۽ ايم اي (سنڌي) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ جي موضوع تي 1980 ڌاري پي ايڇ ڊي جي سَنَدَ پڻ ورتي.

فائل:ShamsuddinUrsani.jpg
ڊاڪٽر شمس‌الين عرساڻي

پروفيشل ڪريئر ڊاڪٽر عرساڻي سرڪاري نوڪريءَ ۾ سڀ کان پهرين قانون واري کاتي ۾ بحيثيت سرشتيدار پير پاتو، پر جلد ئي هن ان ملازمت کي الوداع چئي پنهنجي مزاج مطابق 1961ع ڌاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ بطور اسسٽنٽ ماسٽر پنهنجي ڪريئر جو آغاز ڪيو، هن سڪرنڊ ٽرينڱ ڪاليج ۽ حيدرآباد جي اليمينٽري ڪاليج ۾ پڻ بحيثيت استاد جي ڪم ڪيو، ڊاڪٽر عرساڻي 1966 ۾ سموري ويسٽ پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن سان پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورمينٽ ڪاليج لطيف آباد ۾ ليڪچرار بڻيو، هن گورنيمينٽ ڪاليج ٽنڊو محمد خان کي بحيثيت ليڪچرار پنهنجا ست سال ڏنا ۽ پرنسيپال جي حيثيت سان گورنمينٽ ڪاليج ماتلي ۾ ٻه سال ڪم ڪيو. هن رٽائرمينٽ تائين پنهنجون خدمتون گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي عطا ڪيون، جتان هو ويهين گريڊ ۾ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ايوارڊ ڊاڪٽر شمس‌الدين عرساڻيءَ کي پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترين ئي ادبي، سماجي توڙي سياسي تنظيمن طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ عطا ڪيا ويا، جنهن ترقي پسند پارٽي طرفان مادر وطن جو ايوارڊ ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي ايوارڊ سرفهرست آهن، ڊاڪٽر عرساڻي پاڪستاني سرڪار جي سنڌي ٻوليءَ سان مخاصمت واري رويي جي احتجاج ۾ حڪومت سنڌ طرفان ملندڙ نئين زندگي ايوارڊ کي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ببليوگرافي: ڪتابن جي فهرست: 1. اخلاق ۽ ڪردار 2. سنڌي ادب ۾ تنقيد 3. آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر 4. لاکو ڦلاڻي 5. فن شخصيت ۽ انداز 6. آزاديءَ ۾ اسير 7. سائنس فسانا 8. نئون ڇٽيهہ لکڻو 9. سنڌي ورجيسي ٻولي 10. سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ 11. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا 12. سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا 13. پهاڪاتي لغت 14. ثقافت ۽ انساني معاشري جي اوسر 15. شخص ۽ عڪس 16. الف ب ٻ ٻاراڻا ٻول 17. اچو سنڌي پڙهون 18. دل جي ڳالهہ ڊراما: 1. پاڳل پاڳل دنيا 2. شائق لطيفي 3. انسپيڪشن ٻيو ڪم: ڊاڪٽر عرساڻي، سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ماهوار، ٽماهي، ڇهہ ماهي ۽ ساليانہ ميگزينن ۽ روزانہ اخبارن ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ مضمون ۽ ڪالم لکيا، ان سان گڏ ڊاڪٽر عرساڻي اردو اخبار روزانہ جنگ ۾ پڻ ثقافت ڪي حقيقت جي نالي سان ڪيتري عرصي تائين آرٽيڪل لکيا، ڊاڪٽر عرساڻي، ٽہ ماهي اوسر رسالي جو ايڊيٽر پڻ رهيو ۽ ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تقريبن ۾ صدارتي خطاب وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو اصل مقام ڏيارڻ لاءِ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.