"جوڳي (ذات)" جي ورجائن ۾ تفاوت

٣٬٩٣٩ بائيٽون واڌ ،  ٢ سال پهرين
مضمون کي بهتر بڻايو
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
(مضمون کي بهتر بڻايو)
ٽيگَ: ترمیم سورس 2017ع
''جوڳي''___ Jogi,
جوڳي لفظ يوڳا مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ملائڻ يا جوڙڻ. قديم دور ۾ جوڳين کي مذهبي حيثيت حاصل رهي آهي،جيئن [[اسلام]] ۾ [[مفتي|مفتين]] کي موجودهه دور ۾ حاصل آهي.جوڳي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجن ٿا،
 
جوڳي يوڳي يا يوڳا مان ورتل آھي، يوڳي يا جوڳي اھو ماڻھو جيڪو يوڳا ڪندو ھجي،
يوڳ يوڳي جو مطلب پاڻ کي ملائڻ (روحاني طور پنھنجي پاڻ کي خالق سان ملائڻ، ھڪ ڪلام ٿيڻ)
جوڳي ھڪ ھندو مذھبي طريقو آھي، جيڪو صدين کان آھي دنيا جو پھريون يوڳي (جوڳي) حضرت آدم عليہ سلام ھو، جنھن يوڳا ڪري رب کي پاڏايو کيس پنھنجي غلطيءَ جي معافي ورتي يوڳا ڪري،
جوڳي اتر ڀارت ۾ ڪثرت سان موجود آھن، جن جو مذھب ھندوازم آھي.
ڀارت جو مشھور وياپاري (واپاري) اميت جوڳي جيڪو ڀارت جي ھڪ رياست جي اڳوڻي مکيا منتري (CM) اجيت جوڳي جو ڀاءُ آھي، انڊيا جا جوڳي گڏيل امريڪي رياستن US سميت يورپ وغيرھ ۾ پڻ رھن ٿا، ھڪ جوڳي عورت جيڪا آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آھي انجو ميڊيڪل جو ڪتاب يونيورسٽين ۾ پڻ پڙھايو وڃي ٿو.
ڀارت کان سواءِ سنڌ ۾ پڻ جوڳي آھن ۽ اھي يوڳي يا جوڳي موھن جي دڙي جا اصلوڪا رھائشي ۽ اتان جو قبيلو آھن، ائين چئجي تہ موھن جي دڙي جا اصلوڪا ورث جوڳي آھن تہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
 
 
#. هندو سنياسي جوڳي: هي جوڳي تپسيا ڪندا آهن، هي نانگ پالين،مرلي وڄائينداآهن.
#. مسلمان جوڳي فقير : هي جوڳي فقير [[مسلمان]] آهن پر هي پڻ هندو جوڳين وانگر نانگ پالين ٿا ۽ مرلي وڄائين ٿا.
#. جوڳي: هي جوڳي هڪ [[سنڌي]] ذات آهي،جيڪي [[ٺرِي مِيرواهه]] , [[خيرپور ضلعو| خيرپور]] ضلعي ۾ آباد آهين، هي نڪي نانگ پالين ۽ نه ئي وري مرلي وڄائڻ ڄاڻين ٿا. هنن جوڳين لاءِ چيئجي ٿو ته راڄپر جيڪي سماٽ ذات پڻ آهي ان جو هڪ پاڙو جوڳي آهن.
 
 
 
جوڳي (راڄپر): ھي جوڳي راڄپر قبيلي جو ھڪ پاڙو آھن، ڪن جي مطابق راڄپر جوڳي جو پاڙو آھن (پر انھن دعوائن جو مثتند حوالو گُھربل آھي). ھي جوڳي ٺري ميرواھ، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو سنڌ ۾ رھن ٿا. ھي جوڳي نانگ پڪڙڻ، ڍارو ھڻڻ، مُرلي وڄائڻ وغيرھ وارو فن نہ ڄاڻين. ھي جوڳي زميندار آھن، ڪيترائي پڙھي لکي نوڪريون ۽ ذاتي ڪاروبار ڪري رھيا آھن.
 
شاھ جو رسالو ۾ ھڪ مڪمل سُر جوڳين بابت آھي سُر رامڪلي جي نالي سان.
 
 
ھيءُ ھندو فقيرن جي ھڪڙي قوم آھي، جي فقير جوڳ پچائيندا آھن، يعني رياضتون ڪڍندا آھن. اصل سنسڪرت لفظ يوگي آھي. اھي پنندا آھن. اڪثر ھوشادي نه ڪندا آھن؛ جي ڪندا آھن ته پنھنجا پاڻ ۾. ھنن مان ڪي ڪنن جي پاپڙين ۾ ٽنگ ڪري شيشي يا ڪنھن ڪاٺي يا ڪنھن ڌاتوءَ جا ٿلھا ڇلا ڍڪيندا آھن ۽ گيڙوءَ رتا ڪپڙا ڪندا آھن. ھو شِوَ جا پوڄاري آھن ۽ سندن مرشد گورکناٿ آھي، جو پندرھين عيسوي صديءَ ۾ ٿي گذريو. جيڪي مرندا آھن، تن کي وھاري مٿان يا ھيٺيان کنڊ رکي دفن ڪندا آھن. مسلمان جوڳي به آھن، جي اڪثر مُرليون وڄائيندا آھن ۽ نانگ وٺندا ۽ گھمائيندا آھن ۽ منڊ ھڻندا آھن، اهي گوگهي چوهاڻ جا مريد سڏائيندا آهن.<ref>قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref> .جوڳي عام طور نانگن پالڻ واري کي چيو ويندو آهي، پر ادبي اصطلاح ۾ ’جوڳي‘، ”جوڳ“ (يا يوڳ)، رياضت يا تپسيا ڪندڙ، تن کي تسيا ڏيندڙ هڪ اعليٰ انسان کي چيو ويندو آهي. قاضي قادن (1463-1551ع) پهريون دفعو شاعريءَ ۾ ’جوڳي‘ لفظ جو ان معنيٰ ۾ اصطلاح ڪم آندو آهي. جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾ تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري! قاضي قادن ’جوڳيءَ‘ کي نئين معنيٰ ڏني آهي. شاهه لطيف پڻ جوڳي لفظ عام جام ڪتب آندو آهي سر رامڪليءَ ۾ ’جوڳي‘، مرشد، ڪامل انسان، رهبر، حق جي رستي تي هلندڙن کي چيو ويو آهي<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>
 
 
 
 
 
جوڳي کي درجابنديءَ طور ٽي قسم ۾ ورھائي سگھجي ٿو.
 
1. جوڳي (ھندو فقير): ھي جوڳي مذھب جا ھندو آھن، ھي گورگناٿ جا پؤلڳ آھن، مھاڀارت جي جنگ ۾ ھزارين تعداد ۾ ناگ جوڳي (ناگراج) جوڳين کي قتل ڪيو ويو يا شايد باھ ۾ ساڙيو ويو. ھينئر بہ سنڌ ۾ جوڳي رھن ٿا ۽ ھڪ ذات ناگراج پڻ سنڌ ۾ آھي جنھن مان ڪي مسلمان تہ ڪي ھندو آھن. ھنن جوڳين جي پنھنجي ٻولي آھي جنھن جو نالو جوڳي ٻولي آھي. ھي جوڳي نانگ پڪڙڻ، نانگ جي مڻ گڏ ڪن، مُرلي وڄائي ماڻھن کي وندر مھيا ڪندا آھن بدلي ۾ خير خيرات وٺندا آھن ڇو تہ ھو سڄو سال رمندا وتندا آھن تپسيا ڪندا آھن، ڍارو ھڻي قسمت جو حال ڏيندا آھن، گيڙو ويس پائين ڪن پٽ، ڪاپڙي پڻ سڏجن ٿا وغيرھ. ھي جوڳي اتر ڀارت، امريڪا، سنڌ ۾ ٿرپارڪر ۾ رھن ٿا. ھنن جوڳين مان ڪيترائي پڙھي لکي نوڪريون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار ڪرڻ لڳا آھن.
 
2. جوڳي (مسلمان فقير): ھي مذھب جي لحاظ کان مسلمان آھن، ۽ ھي جوڳي پڻ مٿي ذڪر ڪيل جوڳين وانگر ڍارو ھڻن، نانگ پالين، مُرلي وڄائين، وغيرھ. ھي جوڳي سنڌ ۾ ٿرپارڪر، بدين، ڀٽ شاھ، ڪنڊيارو سميت سنڌ جي مختلف شھرن ڳوٺن ۾ رھن ٿا. ھنن مان پڻ ڪي جوڳي پڙھي لکي نوڪريون ۽ ننڍا وڏا ڪم ڪار (ڪاروبار) ڪن ٿا.
 
 
 
==گيلري==
٢٨٬٩٢٦

سنوارون