هيرو (ڊائمنڊ): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 39:
 
'''ھيرو'''' يا ''الماس''{{ٻيا نالا|انگريزي='''Diamond'''}} ڪاربان جو ھڪ ٺوس قسم آھي. ان جا ائٽم قلمي{{ٻيا نالا|انگريزي= crystal}} ھوندا آھن. ڪاربان جو ھڪ ٻي شڪل گريفائيٽ بہ ھوندي آھي پر ھيرو ان کان مختلف ھوندو آھي ۽ ان جي ٿرمل ڪنڊڪٽوٽي ۽ سختي تمام گھڻي ھوندي آھي. قدرتي ھيري جي عمر ھڪ ارب کان ساڍا ٽي ارب سال ھوندي آھي ۽ انھن جي موجودگي زمين جي اندر 150 سئو ڪلوميٽرن جي گھرائي ۾ ھوندي آھي. پر ٻرندڙ جبلن جي عملن جي ڪري اھي زمين جي مٿين سطح تي جبلن ۾ پھتا.<br>
==انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق==
جواهرات جو اعليٰ قسم، جنهن کي سنڌيءَ ۾ هيرو، سنسڪرت ۾ هيرڪ، [[فارسي ٻولي|فارسيءَ]] ۾ -الماس- ۽ انگريزيءَ ۾ ڊائمنڊ چوندا آهن. هيرو، جواهرات جي سڀني قسمن ۾ اعليٰ ڳڻيو وڃي ٿو. نُدرت، رنگينيءَ، پائيداريءَ، سختيءَ، اوجر ۽ چمڪ ۾ هن سان ٻيو ڪوبه جواهر مٽ ٿي نٿو سگهي. هن -پٿر- جي ڪيميائي ماهيت ۾ خالص ڪاربان ٿيندو آهي. هيءُ -پٿر-، قلمن جي صورت ۾ گهڙيل لڀندو آهي. هن جا قلم شفاف ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن نيم شفاف يا غيرشفاف حالت ۾ به لڀندو آهي. جوهري قدر و قيمت جا هيرا عموماً بي رنگ هوندا آهن. ڪي هلڪي رنگ ۾ زرد، نيرا ۽ ڳاڙهاڻ مائل هيرا به جواهرات ۾ پسند ڪيا ويندا آهن. جيڪي هيرا غيرشفاف ۽ ڪارا هوندا آهن، اهي صنعتي ڪم ۾ استعمال ٿيندا آهن. -جن- هيرن ۾ هلڪي زرد رنگ جي جهلڪ هوندي آهي، -تن- کي ”بناسپتي“ چوندا آهن. -جن- هيرن ۾ خاڪي ۽ ملاگيري رنگ جهلڪندو آهي، -تن- کي ”تيليو“ چوندا آهن.
هيري جو استعمال قديم زماني کان ٿيندو رهيو آهي. 480 سال. ق. م. ۾ يوناني ديوتا جي هڪڙي بوتي جي اکين ۾ هيرا جڙيل هوندا هئا. هيري جي دريافت 8 سئو سال ق. م ۾ هندستان ۾ ٿي. سختيءَ جي لحاظ کان هيرو سخت -ترين- جوهر آهي، انهيءَ ڪري هيري جون ڪُنڊون گهڻي استعمال سان به نه گسنديون آهن، ۽ پائدار ٿينديون آهن.