اجرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
[[File:Institute of Sindhology Jamshoro - panoramio (57).jpg|thumb|left|upright=2|سنڌالاجي ڄامشورو ۾ رکيل اجرڪ جا نمونا]]
 
 
[[File:Ajrak.jpg|380px|thumb|اجرڪ]]
اجرڪ سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻ ۽ سوکڙي آھي. ھي ھڪ خوبصورت سوٽي ڪپڙي جي چادر آھي جيڪا تمام خوبصورت ٿيندي آھي. آثارن ۽ اھڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري ۽ استعمال قديم زماني کان ٿيندو اچي. [[موئن جو دڙو|موئن جي دڙي]] مان مليل پروھت جي مورتي کي جيڪا چادر اوڍيل آھي اھو پڻ اجرڪ جو ھڪ قسم آھي جنھن جو ڍنگ ۽ ڊزائين به ھاڻوڪي ڪڪر واري اجرڪ سان ملندڙ آھي. ھڪ روايت مطابق، موئن جي دڙي جو پروھت روزانو صبح جو وھنجڻ بعد ھڪ نئين قسم جي چادر اوڍيندو ھو، ھڪ ڏينھن پائڻ لاءِ کيس اجرڪ ملي جيڪا کيس بيحد وڻي، ٻئي ڏينھن جڏھن سندس ٻانھو اجرڪ کڻڻ آيو ته پروھت کيس چيو ته ”اڄ رک“ يعني ھو اڄ به اھا ئي چادر پائڻ چاھي ٿو، ان ”اڄ رک“ واري جملي مان ڦري ھن تي اجرڪ نالو پئجي ويو. عربن اجرڪ کي ازرق جي نالي سان سڏيو آھي. ازرق جي معنيٰ آھي نيرو رنگ. اھو به چيو ويندو آھي ته ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پڻ اجرڪ اوڍيندا ھئا. <br />