محمد اقبال: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م مھتاب احمد چوريو صفحو علامه اقبال ڏانهن محمد اقبال
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 40:
| influences = [[سيد مير حسن]]، [[جلال الدين رومي|رومي]]،[[فريڊرڪ نٽشي]]،[[گوئٽي]]، [[ھينري برگسن]]، [[ٿامس واڪر ارنالڊ]]
| influenced = [[اسرار احمد]]، [[محمد علي جناح]]،[[تحريڪ پاڪستان]]،[[اسلامڪ ريپبلڪ آف پاڪستان]]،[[آلي احمد سرور]]،[[علي شريعتي]]، [[فتح محمد ملڪ]]
 
}}
 
[[عڪس:Iqbal Youth.jpg|thumb|left|علامه اقبال]]
'''ڊاڪٽر علامه محمد اقبال''':'''علامہ اقبال''': ''Allama Muhammad Iqbal'': '''اقبال''':
Line 55 ⟶ 53:
اڳتي هلي رتن لال (نور محمد) مان محمد اقبال جنم ورتو. جنهن اڳتي هلي 1897ع ۾ احمدي فرقو اختيار ڪيو. ان کانپوءِ ويھ ٻاويھ ورهين سندس سر طفر الله سان سياسي اختلاف پيدا ٿي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ سر محمد اقبال احمدي مان واري مسلمان ٿي ويو هو ۽ اهو ڪٽنب ڪشمير مان لڏي سيالڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد ۽ والده جو نالو امام بيبي هو. ننڍڙي اقبال کي ابتدائي تعليم لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو ويو ۽ پوءِ 1883ع ۾ اسڪاچ مشن بهائي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي کيس عربي ۽ فارسي علمن جي تعليم لاءِ سيد مير حسن جهڙو استاد ۽ رهبر مليو. 1899ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ ڪجهه عرصو اورنٽيئل ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ (1903ع 1905ع) فلسفي ۽ تاريخ جو استاد رهيو. ”علم الاقتصاد“ سندس انهيءَ دور جي تصنيف آهي. 1905ع ۾ بئريسٽري لاءِ انگلينڊ ويو، سيپٽمبر 1905ع ۾ ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو ۽ -جولاءِ- 1907ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 12 آگسٽ 1907ع تي جرمن جي سومونڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ادب ۾ ڊي. لٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين.
 
علامه اقبال جولاءِ 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو، ڪجهه مهينا يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ پروفيسر آرنلڊ جي وڃڻ کانپوءِ ان جي جڳهه تي عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فلسفي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1913ع تائين اها خدمت سرانجام ڏنائين. 1922ع ۾ حڪومت برطانيا سندس ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس ”سر“ جو خطاب ڏنو. 1928ع ۾ مدراس حيدرآباد ۽ علي ڳڙهه ۾ ليڪچر ڏنائين ۽ 27 سيپٽمبر 1931ع ۾ ٻي گول ميز ڪانفرنس (Round table conference) ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو، لنڊن ۾ قيام دوران مختلف انجمنن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ اسلامي ملڪن جي معزز شخصيتن سان ملاقاتون ڪيائين. ٽين گول ميز ڪانفرنس ۾ ارسٽوٽولين سوسائٽيءَ جي هيٺ لنڊن ۾ '''ڪيا مذهب ڪا امڪان هي''' جي موضوع تي تقرير ڪيائين. ٽن هفتن کانپوءِ اسپين (Spain) جي سياحت لاءِ روانو ٿيو ۽ انهيءَ سياحت دوران ڪجهه -اردو- نظم لکيائين، -جن- ۾ مشهور نظم ”مسجد قرطبه“ (Mosque of Córdoba) به شامل آهي. 26 جنوري 1933ع تي اسپين مان واپسيءَ وقت پيرس پهتو ۽ 1933ع جي آخر ۾ افغانستان جو دورو ڪيائين. علامه صاحب 1935ع ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي وفات کانپوءِ بيمار رهڻ لڳو. انهيءَ ڪري وڪالت به ڇڏي ڏنائين. ڀوپال جي نواب سندس اها حالت ڏسي هن لاءِ 500 رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو.
سندس هيٺيون تصنيفون (1) علم الاقتصاد (1903)، (2) تشڪيل جديد الاهيات اسلاميه، (3) [[ايران]] مابعد الطبيعيات ڪا ارتقا، (4) اسرار خودي (فارسي)، (5)- رموز بيخودي (فارسي)، (6) پيام مشرق (فارسي)، (7) بانگ درا (اردو)، (8) زبور عجمه (فارسي)، (9)- جاويد نامه (فارسي)، (10)بال جبريل(اردو)، (11)ضرب ڪليم (اردو)، (12)پس چه بايد کرد، (13) اي اقوام شرق، (14) ارمغان حجاز (فارسي)، (15) آئينه عجم (فارسي شاعرن جو انتخاب)، کانسواءِ علامه صاحب درسي ڪتاب به لکيا، اقبال جي استادن ۾ شڪارپور تعلقي جو علامه علي محمد ڪاڪيپوٽو به شامل هو. جنهن کيس فلسفي ۽ منتق جي تعليم ڏني. علامه صاحب جي مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو '''لطف الله بدوي''' ڪيو آهي.
<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%82%D8%A8%D8%A7%D9%84%20%D8%B9%D9%84%D8%A7%D9%85%D9%87%20%DA%8A%D8%A7%DA%AA%D9%BD%D8%B1 اقبال علامه ڊاڪٽر : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
Line 67 ⟶ 66:
ڪن چيو ته پاڪستان جي تحريڪ خود انگريزن جي پيدا ڪيل آهي. آخري وائسراءِ هند، لارڊ مائونٽبيٽن ان جي ترديد ڪئي.
 
هندن جي مشهور عالم، محقق، ماهر تعليم ۽ مورخ، پنڊت سندر لال جي هڪ تقرير جيڪا جون 1966ع ۾ ڇپي، ۾ چيو اٿس: منهنجي هڪ پراڻي ساٿيءَ، لالا لجبرام، هندو مسلم جهڳڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اول اها تجويز پيش ڪئي هئي ته مسلم اڪثريت جو علاقو، الڳ ڪيو وڃي. پر [[محمد علي جناح]] ملڪ جي ورهاڱي جي بلڪل خلاف هو، لاهور ريزوليشن ۾، ملڪ جي ورهاڱي بابت ڪو به ذڪر ناهي! ورهاڱي جو ڏوهاري، [[محمد علي جناح]] نه آهي، هو ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي خلاف هو. مون کان ٻڌو! ملڪ جي تقسيم جي تجويز ڪنهن پيدا ڪئي. اوهان لالا لجپتراءِ جو نالو ٻڌو آهي؟ منهنجو دوست هو ۽ وڏو انقلابي هو، پر جڏهن ذهن ۾ بگاڙو آيو، تڏهن تنگ نظريءَ جي فضا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن سڀني کان وڌيڪ حصو ورتو. ان ئي سڀ کان پهرين، مسلم گهڻائي جي علاقن کي الڳ ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ۽ تحرير ۽ تقرير ۾ ان جي تبليغ ڪيائين. ان کان متاثر ٿي، انگريزن هندوستان کي پنجن حصن ۾ ورهائڻ جي اسڪيم بڻائي، دراوڙستان، راجستان، هندوستان، پاڪستان ۽ سکستان.
ان کان گهڻو پوءِ، رحمت الله چوڌري، سر محمد اقبال، خالد لطيف گابا، وغيره جا نالا اچن ٿا، جن ان تجويز متعلق پنهنجا رايا پيش ڪيا. [[مسٽر گوڪلي]] به مسئلي کي گڏجي حل ڪرڻ جو خواهشمند هو.<ref>جنگ ڪراچي. 1 جولاءِ 1966ع</ref>
<ref>[http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Specialized/Book2/Book_page7.html Sindhi Adabi Board Online Library (Specialized)<!-- Bot generated title -->]</ref>
Line 75 ⟶ 74:
 
{{تحريڪ آزادي هند}}
 
{{ڏکڻ ايشيا ۽ اسلام}}
 
{{ڪچو}}
 
Line 83 ⟶ 80:
{{حوالا}}
 
[[زمرو:1877ع جون پيدائشون]]
 
[[زمرو:شخصيتون1938ع جون وفاتون]]
[[زمرو:مذهب]]
[[زمرو:تاريخ]]
[[زمرو:سياست]]
[[زمرو:پاڪستان]]