افسانو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م صفائي using AWB
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 1:
== تعریف ==
'''افسانو''' [[سنڌي ادب|سنڌي ادب]] جي نثري صنف آھي۔ [[لغت]] جي اعتبار سان افسانو ڪوڙي ڪھاڻي کي چئجي ٿو پر ادبي اصطلاح ۾ افسانو زندگي جي ڪنھن ھڪ واقعي يا پھلو جي اھا خلّاقانہ ۽ فني پيش ڪش آھي جيڪا عموماً ڪھاڻي جي شڪل ۾ پيش ڪئي ويندي آھي۔ اھڙي تحرير جنھن ۾ اختصار ۽ ايجاز بنيادي حيثيت رکن ٿا۔ وحدتِ تاثر ھن جي سڀ کان اھم خصوصيت آھي۔<sup>[1]</sup> [[ناول]] زندگي جو ڪل ۽ افسانو زندگي جو ھڪ جز پيش ڪري ٿو۔ جڏھن ته ناول ۽ افساني ۾ طوالت جو فرق به آھي۔
 
ليجنڊ __مثالي ڪهاڻي __(Legend):
 
ليجنڊ ڪهاڻيون تاريخي طور وڏي اهميت رکنديون آهن، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي ذهنن ۾ هميشه زنده هونديون آهن. اها ڪهاڻي، جيڪا ڪنهن قوم يا گروهه جي نيم تاريخي روايت ٿيندي آهي. تاريخ ۾ ان جو ذڪر ڪونه هوندو آهي يا هوندو به آهي ته تمام مختصر. پر عوامي زبان ۽ ذهن هجڻ جي ڪري ان جي ڪهاڻي ۽ ڪردار امر ٿي ويندا آهن. ليجنڊ مذهبي به ٿي سگهي ٿي ته غير مذهبي به. مثال طور رستم جي بهادري. ليلا مجنون جو عشق، فرهاد جو جبل ٽڪي کير جي نهر وهائڻ، سسئي جو جبل جهاڳڻ، مومل جو ڪاڪ محل وغيره ليجنڊ آهن.<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>.
 
=== افساني ۽ ڪھاڻي جي ٻين صنفن ۾ فرق ===