جماليات: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 2:
[[File:Peacock2.jpg|160px|thumb|جيمز ائبٽ ميڪ نيل وسلر جو ڊزائين ڪيل پيڪاڪ روم جيڪو جمالياتي ڊزائين جو مثال آھي]]
'''جماليات''' (Aesthetics) جي معنيٰ آهي، [[سونهن]] يا سونهن واري شيءِ يا وجود جي ٻـُوجھ، [[پرک]] ۽ انهن جو [[ماخذ]]. سونهن [[فطرت]] ۾ بہ هوندي آهي تہ [[فن]] ۾ بہ. فطرت ۽ ان جا سمورا مظاهر [[قدرت]] جي عطا آهن. هي اڀرندڙ لهندڙ [[سج]] واري ويل: [[شفق]] ۽ [[سنڌيا]]، [[پونم]] جو [[چنڊ]]، [[چانڊوڪي|چانڊوڪيءَ]] جو [[اُهاءُ]]، [[سمنڊ]] جي [[ويرَ]]، [[درياھ]] جون [[ڇولي|ڇوليون]]، [[ڏکڻ جي هير]]، سنڌوءَ ۾ تڙڳندڙ چنڊ ۽ ان جو ڦهليل [[عڪس]]، وُٺي کان پوءِ ڌرتيءَ مان ايندڙ مٽيءَ جي [[خوشبو|سـُڳنڌ]]، [[ملهار]]، [[ڪڪر|ڪڪرن]] جي لس، وُٺي کان پوءِ ڌوتل وڻ ٽڻ ۽ گهرو نيرو [[آسمان|اُڀ]]، وسڪاري کان پوءِ واري[[ اوڀڙ]]، [[تاڙي]] جي تنوار، [[بربلو|بلبلين]] جو ڳٽڪو، [[ڪويل]] جي [[ڪوڪ]]، [[ماڪ]] جي [[شفافيت]] ۽ ٿڌيرو ڇهاءُ، گلن جي سرهاڻ ۽ [[ڪوملتا]]، مٽيءَ جي [[عظمت]]، [[ڊيل]] جو ٽلڻ، [[ڪبوتر]] جي [[اڏام]]، اِهي سڀ فطري سونهن جا مظهر آهن، پر انهن مڙني کان اعليٰ ۽ سونهن جو عظيم تر مظهر آهي خود [[انسان]]. ائين سُر به سونهن آهي ته لفظ ۽ رنگ به سونهن آهن ته تند ۽ تنوار ۾ بہ حسن موجود آهي، جنهن کي ”جماليات“ چئبو آهي.<ref name="autogenerated1">ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]، حيدرآباد.</ref>
 
 
==جمالياتي نظريو ==
 
’جماليات‘ لفظ ’[[جمال]]‘ سونهن مان نڪتل آهي. ’جماليات‘ کي ‘Aestheticism’ سڏيو وڃي ٿو. Aestheticism هڪ يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي”اُهي شيون، جيڪي حواسن سان ماڻي سگهجن.“ 1750ع ۾ اي. ٽي. بامگرٽن هڪ دستاويز ”[[ايسٿيٽيڪ]]”ايسٿيٽيڪ “ نالي شايع ڪيو، جنهن ۾ ”لذت يا ذائقي“ کي فلسفياڻو نظريو سمجهڻ تي تنقيد ڪئي وئي هئي. آهستي آهستي اهو اصطلاح خوبصورتي يا لذت جي نظريي بابت تنقيد سان لاڳاپجي ويو. ادبي [[تنقيد]] ۾ وري هي [[نظريو]] ادب يا آرٽ جي ظاهري سونهن بابت [[تصور ]]سبب هيئتي (formalistic) عنصر رکي ٿو. هڪ aesthete اُهو آهي جيڪو آرٽ، موسيقيءَ ۽ ادب ۾ ”[[حُسن]]“ تلاش ڪري ۽ ان سان وابسته ٿئي. هتي ’جماليات‘ اُن مفهوم سان وابسته آهي.<ref name="autogenerated1" />
 
==جمالياتي وڇوٽي ==