بلوچستان: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
م صفائي using AWB
سِٽَ 2:
'''بلوچستان''' (Balochistan) هڪ جغرافيائي علائقو آهي جيڪو [[پاڪستان]]، [[افغانستان]] ۽ [[ايران]] جي ملڪن ۾ ورهايل آهي. هن علائقي جو نالو [[بلوچ]] قوم جي ڪري پيو آهي. بلوچستان هڪ پهاڙي ريگستان آهي.
 
پاڪستان ۾ [[بلوچستان (صوبو)|بلوچستان صوبو]] بلوچستان جو سڀ کان وڏو حصو آهي. ايران ۾ بلوچستان جو حصو [[سيستان]] ۽ [[بلوچستان]] صوبي ۾ شامل آهي.
 
تاريخي ثبوتن مان ڄاڻ ملي ٿي ته بلوچستان جا اصل ۽ قديم رهاڪو [[سنڌي]] آهن. بلوچ اصل ۾ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي ۾ ٻاهران آيا هئا. بلوچن جي چوٿين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ اچڻ بابت ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ لکي ٿو ته: اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر انهن مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي کان اچڻ شروع ڪيو هو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت گهڻي انگ ۾ رهندا هئا. <ref>ڪتاب سماٽ ص نمبر 31</ref>
 
مير رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته: تاريخ ٽالپرن جي بيان ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن کي ڄاڻ هئڻ کپي ته سنڌ ماٿري ۾ جيڪي بلوچن جي وجود کي ٽالپرن جي دور کان تسليم ڪن ٿا اهو تصور غلط آهي. بلوچستان دراصل سنڌ جو حصو هئو. <ref>ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 579</ref>
 
ٻئي هنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته: بلوچستان ۽ خراسان ٻئي اقليم سنڌ جا صوبا آهن. <ref>ٽماهي مهراڻ اپريل-سيپٽمبر 1961ع</ref>
 
احمد يار بلوچ لکي ٿو ته: بلوچستان ۾ بلوچن جي اچڻ جو سلسلو مختلف گروهن جي صورت ۾ مرحليوار ٿيو، قديم مسڪن ”حلب“ وشام مان هجرت جو آغاز تقريبن چوٿين صدي عيسوي ۾ ٿيو. <ref>ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ ص نمبر 38</ref>
 
صادق علي بلوچ لکي ٿو ته: زابلستان بلوچن جو قديم وطن آهي. <ref>تاريخ بلوچان هند ص نمبر 40</ref> موسا خان جلال زئي لکي ٿو ته: تاريخ بلوچستان مان هي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته جڏهن بلوچ قوم ڪرمان مان مڪران جي طرف مهاجر ٿي ته ان وقت انهن جو سردار جلال خان هو. <ref>تاريخ بلوچستان ص نمبر 16</ref>
 
پيڪولين لکي ٿو ته: اڪثر بلوچ پنهنجو پاڻ کي عربن جو اولاد سمجهن ٿا ۽ حلب (شام) کي پنهنجو پهريون وطن چون ٿا. انهي طرح سان حلب بلوچن جو پيدائشي وطن آهي. <ref>ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري</ref>
 
ڪامران اعظم جنجوعه لکي ٿو ته: هي قوم قديم دور ۾ عربستان ۾ ڪربلا، دجله، فرات جي گودي ۽ حلب جي مرغزارن ۾ ۽ ايراني سرحد سان گڏوگڏ آباد هئي. <ref>ڪتاب بگٽي قبيلا ص نمبر 48</ref>
 
ڪامران اعظم اڳيان لکي ٿو: هڪ روايت مطابق جڏهن بلوچ حلب مان لڏپلاڻ ڪري ڪرمان ۾ آيا ته 44 فرقا هئا پر سڀ کان وڏو سردار اعلمش رومي هو. <ref>ساڳيو ڪتاب ص نمبر 55</ref>
 
مٿيون سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ته بلوچستان قديم [[سنڌ]] جو حصو رهيو آهي. هاڻوڪي بلوچستان جيڪو اڳ ڪيچ مڪران، لسٻيلا، قلات، سيوي (سبي)، وغيره جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ”مهر ڳڙهه جي تهذيب“ به سنڌين جي آهي، جيڪا 9 هزار سال پراڻي آهي. قلات ۽ لسٻيلا رياست جا حڪمران به بلوچ ڪون هئا. لسٻيلي جا حاڪم سما (سماٽ) رهيا آهن ۽ قلات جا حاڪم بروهي، جيڪي دراوڙي نسل جا سنڌي آهن. بروهين جو بلوچن سان ڪو به نسلي ۽ لساني تعلق نه آهي.
سِٽَ 29:
{{ڪچو}}
 
[[categoryزمرو:پاڪستان]]
[[categoryزمرو:سنڌ]]
[[categoryزمرو:ڪراچي]]
[[زمرو:بلوچستان]]
[[زمرو:تاريخ]]