ارنيسٽ ٽرمپ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م صفائي using AWB
سِٽَ 1:
 
{{Infobox person
| name = ارنيسٽ ٽرمپ
Line 34 ⟶ 33:
سنڌي ٻوليءَ جي -باري- ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جا رايا نهايت عالماڻا ۽ فاضلاڻا آهن. 19 هين صديءَ جي آخر ڌاري سندس قائم ڪيل اهي رايا اڄ به ڪنهن حد تائين درست تسليم ڪيا وڃن ٿا. البت سندس اهو رايو ته ”سنڌي -ٻولي- نج سنسڪرتي -ٻولي- آهي يا سنسڪرت ئي سنڌي ٻوليءَ جو سرچشمو آهي“، اڄ جي لسانيات جي ماهرن جي نظر ۾ رد ٿي چڪو آهي. ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکيو، جنهن ۾ هن سنڌيءَ جون ڪيتريون بناوٽون شاهه لطيف جي بيتن مان مثال ڏئي سمجهايون، ٽرمپ جي گرامر ۾ ڪيترائي اهڙا اشارا ملن ٿا، -جن- ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي جدا حيثيت ۽ نرالائيءَ کي پڻ نروار ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جو تقابلي گرامر به لکيو، ٽرمپ سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص آوازن ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“ ۽ ”ڳ“ تي پڻ کوجنائون ڪيون، ۽ انهن آوازن جي ڀرپور -تشريح- ڪئي. ڊاڪٽر ٽرمپ ئي اهو ماڻهو هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ لاءِ 1853ع ۾ جوڙيل عربي سنڌي لپيءَ خلاف رايو ڏنو، ۽ چيو ته ”اها لپي سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي سرشتي جون سموريون ضرورتون پوريون نٿي ڪري“. -ان- کان سواءِ هن ڪاروبار لاءِ جوڙيل واڻڪي لپيءَ تي پڻ -تنقيد- ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن تي پڻ ڊاڪٽر ٽرمپ -تحقيق- ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مکيه لهجن اترادي، وچولي ۽ لاڙي وغيره تي لکيائين.
ڊاڪٽر -ارنيسٽ ٽرمپ- جون سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه جي رسالي لاءِ ڪيل خدمتون يادگار آهن ۽ سنڌ واسين لاءِ فخر جو باعث آهن. هو سنڌي لسانيات ۽ لطيف شناسيءَ واري ميدان ۾ سدائين زندهه رهندو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B1%D9%86%D9%8A%D8%B3%D9%BD%20%D9%BD%D8%B1%D9%85%D9%BE ارنيسٽ ٽرمپ : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref> ڊاڪٽر ارنيسٽ 1848 ع واري جرمنيءَ جي آزاديءَ جي تحريڪ (Liberal Movement) ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جيل به ڀوڳڻو پيس جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ برطانيه آيو، جتي کيس ”انڊيا آفيس“ ۾ ملازمت ملي ويئي. اتان هيءُ ”چرچ مشن سوسائٽي“ جي سنگ ۾ آيو ۽ آخرڪار پادري بڻجي اچي بمبئيءَ پهتو. هن ”چرچ مشن سوسائٽي“ طرفان سنڌ، فلسطين، پشاور ۽ ڪافرستان ۾ ڪم ڪيو. هي صاحب ڪجهه وقت لاءِ ”ٽيومنگن يونيورسٽي“ ۾ مشرقي زبانن جو ريڊر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي .ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ کان سواءِ انگريزي، فرانسسي، لاطيني، حبشي، سنڌي، عربي پارسي، پنجابي، پشتو، سنسڪرت ۽ بروهي ٻولين تي به دسترس رکندو ھو.ڊاڪٽر ارنيسٽ صاحب جو سنڌين ۽ بلوچن کي شڪر گذار ٿيڻ گهرجي. هن صاحب نه رڳو سنڌي گرامر سنڌين لاءِ تيار ڪيو، پر بلوچن ۽ بروهين تي به احسان ڪيو. سندس بروهڪي زبان جو گرامر سنه 1880ع ۾ ميونچ مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب جي مٿين گرامر شايع ٿيڻ کانپوءِ ٻئي هڪڙي جرمن محقق ڊاڪٽر ڊيوڪا ٿيوڊور جو مضمون رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن ۾ بروهڪي گرامر متعلق سنه 1887ع ۾ شايع ٿيو<ref name ="بروھي" >عزيز الله ”عزيز“ بروهي جو مضمون: بروهڪي زبان جا گرامر؛ رسالي جو نالو ؛ مهراڻ 1982ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 31 نمبر 1.2- 1982ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو</ref>.
 
==گھرو زندگي==
Line 42 ⟶ 41:
==وفات==
مسلسل مطالعي ۽ لکپڙهه سبب سندس -اکيون- موڪلائي ويون، جنهن تي هن کي سخت صدمو پهتو. سندس زندگيءَ جا آخري ڏينهن ذهني مريضن جي اسپتال ۾ گذريا. 5 -اپريل- 1885ع تي هيءُ عظيم اسڪالر، 57 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.
 
 
==حوالا==
 
{{حوالا|2}}
 
[[زمرو:سنڌي ٻولي]]