ڪابل جي لڙائي (1992 کان 1996): جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م ←‏سياسي پسمنظر: صفائي using AWB
سِٽَ 60:
==سياسي پسمنظر==
{{اصل مضمون|افغان گھرو ويڙهه (1989 کان 1992)}}
1991ع ۾ [[سوويت يونين]] جي ٽٽڻ کان پوءِ، افغانستان ۾ سوويت يونين جي مدد سان قائم نجيب الله جي حڪومت پنهنجي اثر وڃائي ويٺي. روس افغانستان کي تيل ڏيڻ بند ڪيو، جنهن جي ڪري نجيب الله جي حڪومت جي خاتمي جي شروعات ٿي. اپريل 1991ع ۾ جنرل عبدالرشيد دوستم جون فوجون اترين اتحاد جي احمد شاهه مسعود جي فوجين کان الڳ ٿي، [[ڪابل]] تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ شروع ڪيو. 14 اپريل 1992ع تي، مسعود ۽ سندس فوجين [[پروان صوبو|پروان صوبي]] ۾ [[چريڪار]] ۽ جبل السراج تي بغير ڪنهن وڏي جنگ جي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. انهي موقعي تي اطلاع هئا ته ڪابل جي ٻاهران احمد شاهه مسعود 20 هزار سپاهي مقرر ڪيا آهن. اهي به اطلاع هئا ته حڪومت جي ٻين ڊويزن جي سپاهي پڻ احمد شاهه مسعود جي اهلڪارن سال شامل ٿي ويا. ان کان پوءِ جنرل محمد نبيل عظمي بگرام هوائي اڏي طرف وڌڻ لڳو، جنهن کان پوءِ هن ڪابل جي ٻاهرن وڌيڪ فوجي مقرر ڪرڻ شروع ڪيا، جيئن مسعود کي روڪي سگھجي.
 
مارچ ۾ نجيب الله طرفان عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جي راضپي کان پوءِ، نجيب جو حڪومت تان اختيار ختم ٿي ويو، حڪومتي اتحادي مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي ويا جنهن کان پوءِ اهو سوال پيدا ٿيو ته آخر نئين حڪومت کي اختيارن جي منتقلي ڪيئن ڪجي. نجيب الله 17 اپريل تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رشيد دوستم جي فوجين جن جو ڪابل بين القوامي هوئي اڏي تي ڪنٽرول هو، کيس روڪي ڇڏيو. ان کان پوءِ نجيب گڏيل قومن جي مهاجرن واري مشن ۾ پناهه ورتي جتي هي 1995ع تائين رهيو. پرچمي جنرلن جي هڪ گروهه پاڻ کي عبوري حڪومت جو نالو ڏنو، سندس مقصد بيان کي ٻڌيو ويو ته اهو گروهه اڳتي هلي مقبول عسڪري جماعت احمد شاهه مسعود کي پاور سوپيندي.