ڪرشن: جي ورجائن ۾ تفاوت
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
←حوالا: هندن جا ڏڻ، تولارام سوٽهڙ، روشني پبليڪيشن، 2017ع، ص 60 - 65 |
سنوار جو تَتُ ڪونهي |
||
سِٽَ 2:
جيستائين مهاڀارت جي تصنيف جو سوال آهي ته اهواندازاً 500 قبل مسيح جو واقعو چيو وڃي ٿو، ليڪن ان کي موجوده صورت ۾ تقريباً 400 عيسوي سن ڌاري مرتب ڪيو ويو ۽ اهو ڪم ويدوياس سرانجام ڏنو هو.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B1%D8%AC%D9%86%20%DA%AA%D8%B1%D8%B4%D9%86 ارجن ڪرشن : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref>
شري ڪرشن هندو ڌرم ۾ وشنو جي اٺين اوتار تسليم
==حوالا==▼
▲شري ڪرشن هندو ڌرم ۾ وشنو جي اٺين اوتار تسليم ڪيو وڃي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا آف هندوازم (انگريزي) مطابق سندس جنم 3228 ق. م ۾ ۽ وفات 3102 ق. م ۾ ٿي هئي.
سندس جنم بابت مشهور روايت آهي ته، دئاپر يگ جي پڇاڙيءَ ۾ ڀڳ ڀاڻ جي يادوَ ڪل ۾ ’شورسين‘ عظيم راجا هو، جنهن کي واسُديو سميت ڏهه پٽ هئا. واسديو مجموعي طور 18 شاديون ڪيون هيون، جن مان ست ديوَڪ (مٿرا جي راجا اگرسين جي ڀاءُ) جون ڌيئر هيون، انهن مان ’ديوڪي‘ سڀني کان ننڍي هئي. راجا اگرسين يادوَ جي استري ’پون ريکا‘ انتهائي سُندر ۽ پتورتا نارِي هئي، جنهن کي درملڪ راڪشس، ڇل ڪُپٽ سان سنگم ڪيو ۽ هوءَ اُن مان گرڀ سان ٿي هئي. نائين مهيني مانگهه جي تيرس ۽ وسپت جي ڏينهن کيس ’ڪنس‘ ڄائو هو. جيڪو راڪشس سڀاءُ وارو ۽ وڏو طاقتور هيو، جنهن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ئي رعيت، ساڌن سنتن ۽ رکيشورن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. انهن ڏينهن ۾ مگڌ ديس جو راجا جراسنڌ، جيڪو دنيا جو وڏو ٻلوان ليکيو ويندو هو، ان سان ڪنس ننڍڙيءَ ڄمار ۾ ئي مهاڏو اٽڪائي، کيس هار مڃائي، سندس ٻه ڇوڪريون ڏنڊ ۾ وٺي ساڻن شادي ڪري پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو ۽ هرڻياڪشپ وانگر عوام کي جپ تپ، دان، ڌرم، يگيه ۽ هوَن وغيره بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هئائين. ٻئي طرف مٿرا جي راجا اگرسين کي قيد ڪري سندس راج پنهنجي قبضي هيٺ ڪيو هئائين.
Line 9 ⟶ 8:
شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ لکيل آهي ته، گوڪل جي راجا نند ۽ سندس گهر واريءَ يشودا، اڳئين جنم ۾ تمام سخت تپسيا ڪئي هئي، جنهن جي ڦَل لاءِ وشنو سندن مَن جي مراد پُوري ڪرڻ لاءِ، مٿرا ۾ واسُديوا ۽ ديوڪيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ جنم وقت کيس گوڪل ۾ نند ۽ يشودا جي گهر ۾ ڇڏيو ويو، جتي پاڻ ٻالڪپڻ جو عرصو گذاريو. اهڙيءَ ريت سندن مَن جي مُراد پوري ٿي.
جڏهن ته ٻيءَ روايت موجب، ديوڪي ۽ واسديو اڳي پنهنجا ڪيترا جنم، وشنوءَ کي پنهنجي گرڀ مان اوتاري رُوپ ۾ پيدا ٿيڻ لاءِ وردان حاصل ڪيو هو. ديوڪيءَ جِي واسديو سان شادي به ڪنس جي اجازت سان ئي ٿي هئي. جڏهن ڪنس، ديوڪي ۽ واسديو کي رٿ تي چاڙهي رخستيءَ لاءِ گوڪل پهچائڻ وڃي رهيو هو ته آڪاش واڻي ٿي ته، ”اي ڪنس! تو کي مارڻ وارو ديوڪيءَ جي ئي پيٽ جو اٺون نمبر اولاد هوندو.“ اها آڪاش واڻي ٻڌي ڪنس ديوڪيءَ کي مارڻ ٿي چاهيو، پر واسديو ڪنس کي اهو وچن ڏيئي ديوڪيءَ کي بچائي ورتو ته، ”ديوڪيءَ جي پيٽ مان جيڪو به اولاد ٿيندو، سو تنهنجي حوالي ڪيو ويندو، جنهن ۾ توکي شڪ لڳي، ان کي ماري ڇڏجانءِ، پر ڀيڻ کي مارڻ مهاپاپ آهي.“ واسديو پهريون وچن موجب ٻار ڪنس جي حوالي ڪيو. پر ڪنس ان کي نه ماريو ۽ اٺين نمبر ٻار کي پيش ڪرڻ جو چئي، ان ٻار کي باسلامت واپس ڪندو ويو. تڏهن ناردمنيءَ ڪنس کي ’ٻال هتيا‘ ۽ پاپ ڪرڻ لاءِ اُڪسايو ۽ زمين تي گولائيءَ ۾ اٺ لڪيرون ٺاهي پڇيائين ته، ”خبر ناهي ڪهڙو اٺون نمبر توکي مارڻ وارو هوندو؟“ پوءِ ڪنس، واسديو ۽ ديوڪيءَ کي گهرائي قيد ڪيو ۽ مٿس پهريدار مقرر ڪيا. پوءِ جيڪو ٻار ڄمندو ٿي ويو، ڪنس ان کي مارائيندو ٿي ويو. اهڙيءَ ريت ڪنس، ديوڪيءَ جا جنميل ڇهه ٻار
هوڏانهن ڪنس جڏهن ديوڪيءَ جا ڇهه پٽ مارايا، تڏهن واسديو ۽ ديوڪي انتهائي ڏک وچان پرڀوءَ کي وينتي ڪري پڪارڻ لڳا: ”هي پرڀو! هاڻي ته هي ظالم اسان کي بي اولاد ڪري رهيو آهي. هاڻي اسان جي سهائتا ڪريو.“ تڏهن ڀڳوان ديناناٿ پنهنجي اک مان جوگ مايا کي پيدا ڪري حڪم ڏنائينس ته تون ديوڪيءَ جي گرڀ ۾ ستون نمبر ڇوڪرو آهين، ان کي ڪڍي روهڻيءَ جي پيٽ ۾ رک ۽ تون يشوڌا جي گرڀ ۾ وڃِي واسو ڪر. ائين ڪرڻ سان تون ڪل يگ ۾ درگا ديويءَ جي نالي سان مشهور ٿيندين. پرڀو پاڻ ديوڪيءَ جي گرڀ ۾ آيو. هوڏانهن روهڻيءَ جي پيٽ مان ٻلرام، سانوڻ مهيني جي چئوڏس تٿ
ٻئي طرف جڏهن نارائڻ، ديوڪيءَ جي گرڀ ۾ واسو ڪيو ته هن جي چهري جي رونق سان قيدخاني ۾ روشني ٿي وئي. ڪنس به سمجهي ويو ته اُن کان اڳ ڪنهن به گرڀ ۾ ديوڪيءَ جو اهڙو تجليدار چهرو نه هيو. اٺين ٻار واري آڪاش واڻي ڪُوڙي ۽ ڀُلائڻ واري هئي، ۽ ستين گرڀ ۾ ئي منهنجو موت آهي. تنهنڪري پهريدار به وڌائي ڇڏيائين، خود ڪنس پاڻ به صبح شام، قيدخاني ۾ واسديو ۽ ديوڪيءَ تي نظر رکندو هيو.
Line 36 ⟶ 35:
جيئن ته شري ڪرشن کي گهنشيام به سڏيو ويندو آهي. ان نسبت سان ڪيتريون ناريون پنهنجي وَرن کي گهنشيام سان تشبيهه ڏينديون آهن.
▲==حوالا==
حوالو: هندن جا ڏڻ، تولارام سوٽهڙ، روشني پبليڪيشن، 2017ع، ص 60 - 65{{حوالا}}
|