"لسانيات" جي ورجائن ۾ تفاوت

١٬٢٨٠ بائيٽون واڌ ،  ٢ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
م (Bot: Converting bare references, using ref names to avoid duplicates, see FAQ)
 
'''لسانيات''' يا '''علم اللسان''' (Linguistics) زبانن جي عام پهلوئن، خوبين ۽ خصوصيتن، رنگ ۽ ڍنگ جي مطالعي کي ’علم السان‘ چئجي ٿو. علم اللسان ڪنهن به ٻوليءَ جي آوازن، انهن جي مقرر تنظيم ۽ ترڪيب، ساخت ۽ سٽاءَ جي، اهل زبان توڙي ڌارين لاءِ هڪ تشريح آهي، علم اللسان ٻوليءَ جي صوتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ جو هڪ بيان آهي. هي علم، انهن جي اصولن، گهراين، معنوي ۽ صوتي تبديلين جو رڪارڊ آهي. علم اللسان زنده ۽ روزمره وارين ٻولين جي سرشتي ۽ نظام جي اُپٽار ۽ اُن جو بيان بلڪل ائين ٿو ڪري، جيئن اُهي ٻوليون، اُن وقت ۽ ان حالت ۾ ڳالهائبيون يا ٻڌبيون آهن. لسانيات جو علم ٻولين جي ماضيءَ، ماضيءَ جي ترڪيبن، لفظن جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي به روشني وجهي ٿو. <ref>ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر:[[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]</ref>
لسانيات __(Philology)
 
لسانيات جي معنيٰ آهي زبان جو علم. لسانيات، يا علم اللسان، زبان جي اهميت، زندگي ۾ انساني ٻوليءَ جي علم کي چئبو آهي. فرانس جو مشهور عالم اي گوبلو پهريون ماڻهو هو، جنهن ڪتاب ”علمن جي ورهاست (1898ع)“ ۾ علم اللسان جي تعريف بيان ڪندي ان جي اهميت تي پڻ بحث ڪيو اٿس.ايف سي باڪٽ لسانيات جي تعريف هن نموني ڪري ٿو ”زبان جي باري ۾ منظوم علم کي لسانيات چيو ويندو آهي . گلسين وري لسانيات جي باري ۾ ڪجهه هن ريت خيال ونڊي ٿو: ”لسانيات اها سائنس آهي جيڪا زبانن جي ٻاهرين ساخت جي اعتبار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.“ <ref name="autogenerated1">.ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتبلغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشرملاح؛ پبلشر:سنڌ [[سنڌي لئنگئيج اٿارٽي]]</ref>.لسانيات ھڪ اھڙو مضمون آھي جنھن ۾ انساني [[ٻولي|ٻولين]] جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ٻولين جي موجوده صورت جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ٻولين ۾ وقت سان گڏ ٿيڻ واريون تبديلين جو مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ مختلف ٻولين جي پاڻ ۾ مشابھت جي باري ۾ مطالعو ڪيو ويندو آھي۔ ان سان گڏوگڏ ھن شيءِ جو به مطالعو ڪيو ويندو آھي تہ ٻولين جو ھن دنيا جي ٻين شين سان ڇا تعلق آھي۔
 
 
==تاريخي لسانيات==
 
تاريخي لسانيات (Historical Linguistics): تاريخي لسانيات ٻولين جي انهن تبديلين جو جائزو وٺي ٿي، جيڪي زماني گذرڻ بعد ٻولين ۾ ظاهر ٿين ٿيون. انهن تبديلين جا سبب ۽ نتيجا معلوم ڪري ٿي، جيڪي ٻولين ۾ اندران ۽ ٻاهران ظاهر ٿين ٿا؛ تنهنڪري اها بحث هيٺ ٻوليءَ کي مختلف ۽ مسلسل دورن ۾ ورهائي، ٻن ٻن ڀر وارن دورن کي ڀيٽي ڏسي ٿي ته جيئن تبديلين جون لاڳيتيون ڪڙيون جوڙي سگهجن انهيءَ لحاظ کان تقابلي لسانيات خود تاريخي لسانيات جو جزو آهي.<ref name="autogenerated1" />
 
* لھجو (لسانيات)
* [[اردو]]
 
[[زمرو:بشريات]]
[[زمرو:ٻولي]]