عبدالحفيظ پيرزادو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: پاڪستان جو مشهور قانوندان، سياستدان ۽ اڳوڻو وزير تعليم، وزير قانون ۽ پارلياماني معاملا، '''عبدال...
 
م صفائي using AWB
سِٽَ 1:
پاڪستان جو مشهور قانوندان، سياستدان ۽ اڳوڻو وزير تعليم، وزير قانون ۽ پارلياماني معاملا، '''عبدالحفيظ پيرزادو'''، 24 فيبروري 1935ع تي سکر ۾ ڄائو. سندس والد پيرزادو عبدالستار سنڌ جو برک سياستدان ۽ وزيراعليٰ رهي چڪو آهي. پيرزادي عبدالحفيظ ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان 1954ع ۾ گرئجوئيشن ڪئي. پوءِ لنڊن جي مشهور قانوني درسگاهه لنڪن اِن مان 1957ع ۾ بئرسٽري پاس ڪيائين.<ref name="سنڌيانا">[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D9%BE%D9%8A%D8%B1%D8%B2%D8%A7%D8%AF%D9%88%20%D8%B9%D8%A8%D8%AF%D8%A7%D9%84%D8%AD%D9%81%D9%8A%D8%B8 ''انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون.''] ''سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ. سال:2013ع''</ref>
 
== خدمتون ==
 
== خدمتون ==
 
وطن واپسيءَ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. پيپلزپارٽيءَ جي باني ميمبرن مان آهي. ڊسمبر 1970ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 23 ڊسمبر 1971ع تي وفاقي وزير تعليم، اطلاعات ۽ نشريات مقرر ٿيو. ميان محمود علي قصوريءَ جي وزارت قانون تان استعيفيٰ ڏيڻ سبب قانون جي وزارت به سنڀاليائين. بعد ۾ صوبائي رابطن واري وزارت جو قلمدان به کيس ڏنو ويو. پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي تياريءَ ۾ عبدالحفيظ پيرزادي مک ڪردار ادا ڪيو آهي. مارچ 1977ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1977ع جي مارشل لا جي نفاذ کان پوءِ مٿس ستن سالن تائين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي بندش وڌي وئي. پيرزادي صاحب مشهور سياستدان ممتازعلي خان ڀٽي سان لنڊن ۾ ”سنڌ، بلوچ پختون فرنٽ“ ٺاهيو، جنهن جو ڪافي عرصي تائين ممتاز ڀٽي سان گڏ اڳواڻ به رهيو.<ref name="سنڌيانا"/>