"آخرت" جي ورجائن ۾ تفاوت

23 بائيٽون واڌ ،  1 سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
==زرتشتي عقيدي جو تصور==
فارس جا زرتشتي ڪتاب ھڪ پل جو ذڪر ڪن ٿا جيڪا دوزخ مٿان گذري جنت ۾ پھچائيندي آھي جنھن تان نيڪ ماڻھو ڪاميابي سان گذري ويندو ۽ گنھگار ھيٺ دوزخ ۾ ڪري پوندو جتي ظلمت ۽ تڪليفن واري دائمي زندگي گذاريندو. انھن جي عقيدي مطابق نيڪ ماڻھو ٽي آسماني منزلون طئي ڪري جنت (باغ) ۾ پھچندو جتي نعمتن سان ڀرپور ۽ ڏکن کان پاڪ زندگي گذاريندو<ref name = " Time "/>.
 
== ھندن جو آخرت جو تصور==
ھندوازم بار بار جنم وٺڻ جي اڻ کٽ ڦيري جي ڳالھ ڪري ٿو . انھن جو عقيدو آهي تہ زندگي جي ان ڦيري ۾ ڪرما يعني اخلاقي سبب ۽ نتيجي جو قانون ان جي مستقبل جي وجود جو تعين ڪندو آھي. انھن جي خيال مطابق يوگا تي عمل ڪندي سچو علم حاصل ٿئي ٿو جنھن مطابق ھي مادي دنيا ۽ موت صرف نظر جو ڌوڪو آھن جن ذريعي انسان روحاني تڪميل جي عروج تي پھچي ٿو جنھن جو نالو سماڌي آهي. روح جي برھما (خالق) سان ميلاپ سان سمسارا مان نجات ملي ٿي.ھندن جي عقيدي مطابق موت ۽ ٻيھر جنم دوران جن نيڪ عمل ڪيا اھو جنت ۾ ۽ گنھگار دوزخ ۾ پنھنجو ڪرمن جو ڦل حاصل ڪندا آهن.