آخرت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
'''آخرت''' عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پڄاڻي، پڇاڙي، عقبيٰ، ايندڙ جهان يا قيامت. اصطلاحي زبان ۾ ”حيات، بعدالموت“ يعني هن حياتيءَ کان پوءِ موت بعد ملندڙ زندگيءَ کي ”آخرت“ چئبو آهي. اڳين دنيا، ٻي دنيا ۽ موت کان پوءِ واري حياتي ئي ”آخرت“ آهي. آخرت تي ايمان آڻڻ، [[اسلام]] جي اصولن مان اهم اصول آهي. خدا پاڪ [[قرآن|قرآن مجيد]] ۾ واضح طور فرمايو آهي ته ”جيڪو شخص آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو آڻي، اهو منڪر آهي.“ خدا جي نيڪ ٻانهن لاءِ آخرت واري حياتي، بقادار حياتي آهي. آخرت مسلمانن جي عملن جو بدلو آهي.“ آخرت جي عقيدي کي دنيا جا ٻيا مذهب به مڃن ٿا. قديم بابل ۽ آشوريه جا رهاڪو به ”حيات بعدالموت“ ۾ يقين رکندي، چڱن ۽ برن ڪمن (عملن) جي فرق کي سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح قديم مصري، آفريقي ۽ آمريڪي وغيره به ”آخرت“ جي عقيدي کي دل و جان سان تسليم ڪن ٿا. خود هندو به هن عقيدي ۾ پاڻ کي پابند سمجھن ٿا.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AE%D8%B1%D8%AA</ref>
== قديم تھذيبن ۾ آخرت جو تصور ==
==تاريخ==
ڪيترن ئي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي تہ موت کان پوءِ انسان جي زندگي جاري رھندي.ڪافي مذھبن ۽ فلسفن ان تصور کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان جو معقول سبب ۽ ان زندگيءَ جو خاڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪن اھو خيال ڏنو آھي تہ ان زندگيءَ م وقت نہ ھوندو ۽ ڪن جي خيال مطابق وقت ھوندو پر اھو دائمي ھوندو. ھڪ تصور ٻيھر جنم جو آھي جنھن ۾ زندگي جو دائري جي گولائي وانگر ھلندي بار بار ورجاءُ ٿئي ٿو.قديم مصر ۾ اھو عقيدو ھيو تہ بادشاھ مرڻ کان پوءِ آسمان ۾ تارا ٿي ديوتائن جي صحبت ۾ داخل ٿين ٿا.بعد ۾ عوام سان واعدو ڪيو ويو تہ فرعون ۽ ان جي خاندان کان ٻاهر بہ دائمي زندگي ڏني ويندي. ڪجھ مصري رڪارڊ مئل ماڻهو جو ڳجھي دنيا{{ٻيا نالا|انگريزي=underworld}} ۾ سفر جو پڻ ذڪر ڪري ٿو جنھن ۾ اھو نعمتن واري جاء تي پھچندو ھو جيڪا يا تہ زمين جي اندر ھئي يا آسمان تي. ان خيال جي ابتڙ ساڳي دؤر ۾ مشرق قريب{{ٻيا نالا|انگريزي=Near East}}(يعني: سميري ، اشوري، بابلي، ڪنعاني ۽ اسرائيلي) جي ماڻھن جو عقيدو ھيو تہ مئل انسان جي ڳجھي دنيا ۾ زندگي جاري رھي ٿي جيڪا سندس پھرين زندگي جو ھڪ انداھو عڪس ھوندي آھي.
== يھودين جو آخرت جو تصور ==
عبرانين جي مذھبي ڪتابن ۾ مئل جو ذڪر ھڪ پاڇي وانگر ٿيل آهي جيڪو زمين ھيٺان شيئول نالي ھڪ اونداهي ۽ ڌوڙ واري کڏ ۾ لھي وڃي ٿو. قيامت يا موت کان پوءِ زندھ ٿيڻ جو چٽو ذڪر [[ازيئا]]{{ٻيا نالا|انگريزي=Isaiah}} 26:29 ۽ [[ڊينئل]] 12:2،[[اڪئيزيئاسٽيز]]{{ٻيا نالا|انگريزي= Ecclesiastes}}3:19–21 نيڪ ماڻهن جي آسمان ڏانهن وڃڻ جو ذڪر ڪري ٿو.
==زرتشتي عقيدي جو تصور==

فارس جا زرتشتي ڪتاب ھڪ پل جو ذڪر ڪن ٿا جيڪا دوزخ مٿان گذري جنت ۾ پھچائيندي آھي جنھن تان نيڪ ماڻھو ڪاميابي سان گذري ويندو ۽ گنھگار ھيٺ دوزخ ۾ ڪري پوندو جتي ظلمت ۽ تڪليفن واري دائمي زندگي گذاريندو. انھن جي عقيدي مطابق نيڪ ماڻھو ٽي آسماني منزلون طئي ڪري جنت (باغ) ۾ پھچندو جتي نعمتن سان ڀرپور ۽ ڏکن کان پاڪ زندگي گذاريندو.
== ھندن جو آخرت جو تصور==
ھندوازم بار بار جنم وٺڻ جي اڻ کٽ ڦيري جي ڳالھ ڪري ٿو . انھن جو عقيدو آهي تہ زندگي جي ان ڦيري ۾ ڪرما يعني اخلاقي سبب ۽ نتيجي جو قانون ان جي مستقبل جي وجود جو تعين ڪندو آھي. انھن جي خيال مطابق يوگا تي عمل ڪندي سچو علم حاصل ٿئي ٿو جنھن مطابق ھي مادي دنيا ۽ موت صرف نظر جو ڌوڪو آھن جن ذريعي انسان روحاني تڪميل جي عروج تي پھچي ٿو جنھن جو نالو سماڌي آهي. روح جي برھما (خالق) سان ميلاپ سان سمسارا مان نجات ملي ٿي.ھندن جي عقيدي مطابق موت ۽ ٻيھر جنم دوران جن نيڪ عمل ڪيا اھو جنت ۾ ۽ گنھگار دوزخ ۾ پنھنجو ڪرمن جو ڦل حاصل ڪندا آهن.
 
==ٻڌ مذھب جو آخرت جو تصور==