"آخرت" جي ورجائن ۾ تفاوت

828 بائيٽون واڌ ،  1 سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
'''آخرت''' عربي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي پڄاڻي، پڇاڙي، عقبيٰ، ايندڙ جهان يا قيامت. اصطلاحي زبان ۾ ”حيات، بعدالموت“ يعني هن حياتيءَ کان پوءِ موت بعد ملندڙ زندگيءَ کي ”آخرت“ چئبو آهي. اڳين دنيا، ٻي دنيا ۽ موت کان پوءِ واري حياتي ئي ”آخرت“ آهي. آخرت تي ايمان آڻڻ، [[اسلام]] جي اصولن مان اهم اصول آهي. خدا پاڪ [[قرآن|قرآن مجيد]] ۾ واضح طور فرمايو آهي ته ”جيڪو شخص آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو آڻي، اهو منڪر آهي.“ خدا جي نيڪ ٻانهن لاءِ آخرت واري حياتي، بقادار حياتي آهي. آخرت مسلمانن جي عملن جو بدلو آهي.“ آخرت جي عقيدي کي دنيا جا ٻيا مذهب به مڃن ٿا. قديم بابل ۽ آشوريه جا رهاڪو به ”حيات بعدالموت“ ۾ يقين رکندي، چڱن ۽ برن ڪمن (عملن) جي فرق کي سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح قديم مصري، آفريقي ۽ آمريڪي وغيره به ”آخرت“ جي عقيدي کي دل و جان سان تسليم ڪن ٿا. خود هندو به هن عقيدي ۾ پاڻ کي پابند سمجھن ٿا.<ref>http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A2%D8%AE%D8%B1%D8%AA</ref>
==تاريخ==
ڪيترن ئي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي تہ موت کان پوءِ انسان جي زندگي جاري رھندي.ڪافي مذھبن ۽ فلسفن ان تصور کي فروغ ڏيڻ لاءِ ان جو معقول سبب ۽ ان زندگيءَ جو خاڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪن اھو خيال ڏنو آھي تہ ان زندگيءَ م وقت نہ ھوندو ۽ ڪن جي خيال مطابق وقت ھوندو پر اھو دائمي ھوندو. ھڪ تصور ٻيھر جنم جو آھي جنھن ۾ زندگي جو دائري جي گولائي وانگر ھلندي بار بار ورجاءُ ٿئي ٿو.قديم مصر ۾ اھو عقيدو ھيو تہ بادشاھ مرڻ کان پوءِ آسمان ۾ تارا ٿي ديوتائن جي صحبت ۾ داخل ٿين ٿا
 
==اسلام ۾ آخرت جو عقيدو==