اٽڪلون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: {{مبسس4}} '''اٽڪلون''', رمزون, چالون, حرفتون، حڪمت عمليون يا ٽيڪٽِڪس (Tactics) اصل ۾ محدود ۽ خاص قسم جون، خا...
 
م مبسس سانچو هٽايو ويو using AWB
سِٽَ 1:
 
{{مبسس4}}
'''اٽڪلون''', رمزون, چالون, حرفتون، حڪمت عمليون يا ٽيڪٽِڪس (Tactics) اصل ۾ محدود ۽ خاص قسم جون، خاص يا عارضي مُدي لاءِ ٿيندڙ سرگرمين کي چئبو آهي، جيڪي تڪراري ماحول ۾ ٻن ڌُرين طرفان هڪٻئي جي خلاف جاري رکيون وينديون آهن. جيڪڏهن اهي سرگرميون تسلسل، ترتيب ۽ عقلمنديءَ سان جاري رکجن، ته اُهي هڪ مضبوط حڪمت عمليءَ جو روپ اختيار ڪري سگهن ٿيون. مثال طور ڪنهن ڏهڪاءُ پسند حُڪومت تي انساني حقن جو احترام ڪرڻ جي سلسلي ۾ عوامي ميڙ ڪٺا ڪري دٻاءُ وجهڻ جو عمل ”حڪمت عملي“ سڏرائيندو آهي، جڏهن ته عوامي ميڙن کي منظم طريقي سان عمل ۾ لاهڻ ۽ اُن بابت هاڪاري تاثر قائم ڪرڻ جي فن کي ”رمزون“ سڏيو ويندو آهي. هي اصطلاح هاڪاري ۽ ناڪاري ٻنهي حوالن سان استعمال ٿي سگهندو آهي ۽ جنگي هُنرن ۽ حڪمت عمليءَ ۾ ان جي وڏي اهميت ۽ استعمال ڏسڻ ۾ آيو آهي. اهڙين سرگرمين ذريعي، مُخالف ڌُر جي ايجنڊا جو ٻارڻ بڻجڻ بدران، ڪا به ڌُر پنهنجي چترائي ۽ صلاحيت سان، ڪنهن به تڪرار ۾ پنهنجي ايجنڊا کي وڌيڪ اهم بڻائيندي آهي. <ref>[http://dic.sindhila.edu.pk/define/Tactics.php سنڌي آنلائين ڊڪشنري] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد</ref>