شِو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م صفائي using AWB
سِٽَ 2:
'''شِو''' ديوتا تمام قديم آهي، شِو جو مطلب آهي ”مبارڪ“ جيڪا عام طور استعمال ۾ اچي ٿي ٻيون معنائون آهن، مهربان، نيڪ دل، شفيق، روشن ۽ مسرور وغيره. شِو ديوتا هندن جي [[ٽمورتي]] (تريمورتي) جو حصو آهي. ان ٽمورتي ۾ ٽي ديوتا شامل آهن، [[برهما]]، [[وشنو]] ۽ شِو. ٽمورتي ۾ وشنو ۽ شِو جي گڏ هجڻ باوجود هندن ۾ هڪڙا [[وشنوپرست]] آهن ته ٻيا [[شِوپرست]].
شِو ديوتا جي قديم دور ۾ [[سنڌ]]، [[پنجاب]]، [[خيبر پختونخوا]] ۽ [[بلوچستان (صوبو)|بلوچستان]] جي واديءَ ۾ پوڄا جو عام رواج هو. انهيءَ دور ۾ شِو زرخيزي جو ديوتا ڪري ڪوٺيو ويندو هو. ان وقت شِو جو خطاب هو ”پسوپتي“ يا حيوانن جو مالڪ ۽ پالڻهار. آدجڳاد کان نانگ کي پڻ زرخيزي جي علامت تصور ڪيو ويندو آهي. تنهنڪري شِو ديوتا کي عام طور نانگ سميت ظاهر ڪيو ويندو آهي.
 
 
واديء سنڌ جي قديم آثارن مان شِو جي علامت ڍڳو پڻ ڏيکاريل آهي. ڍڳي مان صاف ظاهر آهي ته ان جو تعلق پوکيءَ سان هو. آرين جي حملن کان اڳ سنڌ جا ماڻهو زراعت سان وابسته هئا. هندن وٽ لنگ يا لنگم پوڄا آرين کان اڳ موجود هئي، جيڪا پڻ شِو سان وابسته هئي. ان مان پيدائش جو تعلق شِو سان واضع ٿئي ٿو.
 
[[رگ ويد]] جي ديوتا جي حيثيت ۾ شِو جو نالو نٿو ملي. بهرحال رگ ويد ۾ هڪ قبيلي جو نالو ”شِو“ ملي ٿو. اهو قبيلو [[سنڌو درياءَ]] جي آسپاس رهندو هو. اهو شِو قبيلو ٻين قبيلن سان گڏجي آرين خلاف وڙهيو.
 
هندن جي مذهبي ڪتابن مطابق جڏهن برهما ديوتا پنهنجي ڌيءُ سان جنسي ميلاپ ڪيو ته ديوتائن ردر (شِو) کي درخواست ڪئي ته هن کي سزا ڏئي. ان تي ردر برهما جي پنجين منڍي ڪٽي ڇڏي. اپڻشدن ۾ ردر (شِو) جي فضيلت ۽ درجو وڌيل آهي. رامائڻ ۾ هن کي عظيم تر ديوتا مڃيو ويو آهي. [[مهاڀارت]] ۾ شِو جو مقام سڀ کان اوچو آهي.
Line 19 ⟶ 18:
 
* ڪتاب، ”سنڌوءَ جي ساڃاه“ ليکڪ: [[جي ايم سيد|سائين جي ايم سيد]]
 
* ڪتاب، ”ڌرتي ماتا“ ليکڪ: [[اشتياق انصاري]]