سرشٽي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
م صفائي using AWB
سِٽَ 9:
==ڪائنات جي بناوٽ==
 
ڪائنات ۾ تقريبن ھڪ سؤ ارب ڪھڪشائون آهن ۽ ھر ڪھڪشان ۾ تقريبن هڪ سؤ ارب تارا آھن ۽ تقريبن اوترا ئي گرھ، يعني ڏھ بلين ٽرلين.<ref> {ڪتاب: کائنات:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛صفحہ 18 پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}</ref> اسان جي ڪھڪشان ايم-31 جي ڀر ۾ آھي جيڪا اڌائي ڪروڙ سالن ۾ ھڪ چڪر پورو ڪندي آھي. اھا ھڪ گول گھمندڙ ٻانھن وانگر آھي جنھن جي وچ ۾ ازخود چمڪندڙ ستارن جو آبشار ھڪ عجيب احساس پيدا ڪندو آھي انھن ۾ ڪجھ اھڙا نازڪ ھوندا آھن جيئن پاڻيءَ جو ڦوٽو پر ايترا وڏا جو انھن ۾ ڏھ ھزار سج يا ھڪ کرب زمينون ماپي وڃن، ٻيا وري ڪنھن ننڍي شھر جيترا پر جست کان اربين دفعا وڌيڪ ڪثيف يا گھاٽائي وارا. ڪجھ ستارا اسان جي سج وانگر تنھا آھن پر اڪثر ستارا ھڪٻئي جي ويجھو آھن ٻٽي شمسي نظام ۾ يعني ٻه سج ھڪٻئي جي چوڌاري ڦرندا آهن پر ستارن جي درجي بندي جو سلسلو ھميشہ جاري رھندو آھي يعني ٽن ستارن جا چند ڊزن بي ترتيب ميڙن مان ٺھندڙ عظيم جھرمٽ جنھن کي لکين سج روشن ڪندا آهن .ٻٽي شمسي نظام ۾ ڪي ستارا ھڪٻئي جي ايترو ويجھو ھوندا آھن جو ھڪٻئي سان گسندا آھن ۽ ان گاٺ سان انھن جو مادو نڪري خلا ۾ ڦھلجندو رھندو آھي. ڪجھ وري ھڪٻئي کان ايترا پري ھوندا آھن جيئن اسان جي سج کان مشتري ھوندو آھي.ڪجھ ستارا سپر نووا ايترا روشن ھوندا آھن جيتري سندن پوري ڪھڪشان، ٻيا وري بليڪ ھول ھوندا آھن جيڪي چند ڪلوميٽرن تان بہ نظر ناھن ايندا.ڪجھ مستقل چمڪندڙ ھوندا آھن.ڪجھ باقائدگي سان ٽمڪندڙ ھوندا آھن ڪجھ انتھائي باقائدگي سان ٽمڪندا رھندا آھن.ڪجھ پنھنجي محور تي ايڏي تيزيءَ سان ڦرندا آهن جو انھن جي شڪل بگڙي ويندي آھي.زيادہ تر ستارہ نظر اچڻ واري روشنيءَ يا انفرا ريڊ روشني سان نظر ايندا آهن، ٻيا ايڪس ريز ۽ ريڊيائي لهرون خارج ڪندا آهن.نيرا ستارا بي حد گرم ۽ نوجوان ھوندا آھن، زرد ستارا وچولي عمر جا ۽ عام ھوندا آھن. ڳاڙھا ستارا پوڙھا ۽ مرڻينگ ھوندا آھن. ننڌا سفيد ۽ ڪارا ستارا موت جي مرحلي مان گذرندڙ ھوندا آھن. ملڪي وي Milky way ۾ مختلف قسمن جا تقريبن چار سؤ ارب ستارا آھن جيڪي ھڪ پيچيدھ پر باقاعده نظام ھيٺ حرڪت ڪري رھيا آھن.ھر ستاري جو نظام ڪائنات جي سمنڊ جي جزيري مثل آهي جيڪو ھڪٻئي کان لکن نوري سالن جي فاصلي تي لا محدود ڪائنات ۾ تري رھيو آھي.<ref> {ڪتاب: کائنات:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛صفحہ 119 ۽ 20 پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}</ref>
 
==ڪائنات جا فاصلاتي پيمانا ==
ڪائنات ايتري وسيع آهي جو زمين تي استعمال ٿيندڙ عام پيمانه ميٽر يا ميل مذاق لڳندا آهن. ان جي بدلي اسان اھي فاصلا روشني جي رفتار سان ماپيندا آھيون. روشني جو ھڪ ڪرڻو ھڪ سيڪنڊ ۾ 146000 ميل يا 300000 لک ڪ م جو فاصلو طئي ڪندو آهي يعني زمين جي چوڌاري ست چڪر لڳائي ويندو. اٺن منٽن ۾ اھو سج کان زمين تي پهچي ويندو آهي. ان کي اسان ھيئن بہ چئي سگھون ٿا ته سج زمين کان اٺ نوري منٽن جي فاصلي تي آھي.ھڪ سال ۾ روشني جو ڪرڻو ڏھ ٽرلين ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪندو آھي (ھڪ ٽرلين= 10 کانپوء 12 ٻڙيون) يعني لامحدود خلا ۾ ڇھ ٽرلين ميل. ڊيگھ جو اھو پيمانو، يعني روشني ھڪ سال م ڪيترو فاصلو طئي ڪندي آھي، نوري سال سڏبو آهي. اھو وقت جو نه پر فاصلو آهن جو پيمانو آھي.<ref> {ڪتاب: کائنات:از:کارل ساگان؛اشاعت: 1996؛ترجمہ: منصور سعید؛ پبلشر: فکشن ہاؤس،لاہور}</ref>
 
== حوالا ==