رابرٽ اووين: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 30:
 
اسڪاٽلينڊ جي گشت دوران ھن کي گلاسڪو جي اين ڪيرولين ڊيل سان محبت ٿي وئي جيڪا نيو لئنارڪ ٽيڪسٽائيل مل جي مالڪ جي نياڻي ھئي.30 سيپٽمبر 1799 تي ٻنھي جي شادي ٿي ۽ ان بعد رابرٽ نيو لئنارڪ ۾ گھر قائم ڪيو.ان بعد ھي برئڪس فيلڊ، اسڪاٽ لينڊ منتقل ٿي ويو <ref name=Timeline/><ref name=Estabrook64>Estabrook, p. 64.</ref><ref>{{cite book | author=Robert Dale Owen| title =Threading My Way, Twenty-seven Years of Autobiography | publisher =G. W. Carleton and Company; Trubner and Company | series = | volume = | edition = | year = 1874 | location =New York and London | page=56 | url =https://archive.org/details/threadingmyway00unkngoog| isbn =}}</ref> ھنن کي ان شاديءَ مان اٺ ٻار ٿيا جن مان پھريون ڄمڻ بعد شروعاتي سالن ۾ ئي مري ويو باقي ٻين ۾ چار پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ھي .<ref name=Timeline/><ref name=Rees/><ref>Estabrook, pp. 72, 80, 83; {{cite book |author=Victor Lincoln Albjerg |title=Richard Owen: Scotland 1810, Indiana 1890 |series=The Archives of Purdue, no. 2|date=March 1946 |publisher= |location=Lafayette, Indiana |page=16}} See also: {{cite web| author= | title =Richard Owen | work = | publisher =Indiana Department of Administration | date = | url = http://www.in.gov/idoa/2783.htm | accessdate =September 15, 2017}}</ref>
== ليبر ايڪسچينج منصوبو ==
 
اووين سيپٽمبر 1832ع ۾ لنڊن ۾ ليبر ايڪسچينج (مزوري جي مٽاسٽا) جي نالي سان سهڪار جو هڪ ادارو قائم ڪيو. ان جي ميمبرن جو تعداد 840 هو. ايڪسچينج جون ڪجهه شاخون مضافاتي (ڳوٺاڻن) علائقن ۾ به کوليون ويون. اسٽور ۾ خريد ۽ وڪري لاءِ ليبر نوٽ ڇاپيا ويا. جيڪڏهن ڪو رڪن پنهنجو مال اسٽور ۾ وڪڻي ڏيندو هو ته ان کي ٻڌائڻو پوندو هو ته مال جي تياريءَ ۾ ڪيترن ڪلاڪن جو پورهيو سيڙايل آهي. ان موجب هن کي ليبر نوٽ ملندا هئا ۽ هو انهن نوٽن جي عيوض اسٽور تان ضرورت جون شيون خريد ڪري سگهندو هو.<ref name = " سبط حسن"/> اووين جي دعوى هئي ته
”اهو منصوبو ميڪسيڪو ۽ پيرُو جي سونَ چانديءَ جي کاڻين کان وڌيڪ قيمتي آهي.“
پر اووين جو اهو منصوبو به ناڪام ٿي ويو، ڇو ته ايڪسچينج جا ميمبر پنهنجو مال اسٽور ۾ وڪڻڻ وقت پورهيي جي مقدار کي وڌائي ٻڌائيندا هئا ۽ ان سان گڏ هو ردي قسم جو مال آڻيندا هئا. ان جي بدلي ۾ ليبر نوٽ وٺي پوءِ اُوچو مال خريد ڪري هليا ويندا هئا. نتيجو اهو نڪتو ته اسٽور ردي مال سان ڀرجي ويو ۽ ان جو ڪو به گراهڪ نه هو. اووين ليبر نوٽن کي رجسٽرڊ به نه ڪرايو هو. ان ڪري هر ماڻهو، پوءِ اهو ليبر ايڪسچينج جو رڪن هو يا نه، انهن نوٽن کي خريد ڪري يا وڪڻي سگهندو هو. لنڊن جا واپاري سهڪار جي هن ننڍي منصوبي جي تجربي کي به سهڻ لاءِ تيار نه هئا، ان ڪري 300 دڪاندارن ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيترائي ليبر نوٽ خريد ڪري ورتا ۽ اسٽور جي سڀ کان سٺي مال تي قبضو ڪري ورتو ۽ جڏهن اسٽور ۾ رڳو ردي مال بچيو ته نوٽن جي خريداري بند ڪري ڇڏي. ليبر ايڪسچينج جو ڏيوالو نڪري ويو. 1824ع ۾ اووين جي دل هارجي پئي ۽ هن آمريڪا جي راهه ورتي<ref name = "سبط حسن "/>.
 
==حوالا==