ٿامس مور: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 38:
 
'''سر ٿامس مور'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Sir Thomas More}}(1478ع-1535ع) هو. ٿامس مور لنڊن جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ هڪ ڪامياب وڪيل هو. ٿامس مور کي يوناني ادب، فلسفي ۽ دينيات جي مطالعي جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، تنهنڪري هن شاگردي جي زماني ۾ ئي هڪ مڪالمو افلاطون جي ”ريپبلڪ“ جي تعريف ۾ لکيو هو. هن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ ارڙهن سالن جي عمر ۾ بيرسٽر ٿي ويو. 1497ع ۾ هن کي يورپ جي مشهور انسان دوست فلسفي ايراس مَس (Eras Mus) سان ملاقات جو موقعو مليو ته هو ايراس مس جي شخصيت کان ڏاڍو متاثر ٿيو. 1504ع ۾ هو برطانوي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. ٻئي سال سندس شادي ٿي. 1510ع ۾ هو لنڊن جو نائب ميئر، 1518 ۾ پريوي ڪائونسل جو ميمبر ۽ 1523ع ۾ پارليامينٽ جو ميمبر چونڊجي ويو. ٻه سال پوءِ بادشاهه هنري اٺين هن کي وزير ۽ پوءِ 1529ع ۾ وزيراعظم بڻائي ڇڏيو، پر اڃا ٽي سال به نه گذريا، ته بادشاهه سان سندس اڻبڻت ٿي پئي. سبب اهو هو ته هنري اٺين اسپين جي ملڪه ڪيٿرين کي طلاق ڏئي، اين بولين سان شادي ڪرڻ پئي چاهي. جڏهن ته رومن ڪيٿولڪ مذهب ۾ طلاق ناجائز آهي. ڪلسيائي حلقن ۾ سرٿامس مور جو اثر زور هو، تنهڪري بادشاهه سوچيو ته جيڪڏهن ٿامس مور سندس تائيد ڪري، ته پادرين کي ڪو به اعتراض نه هوندو، پر سرٿامس مور اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته مذهبي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ ۾ آءٌ توهان جو ساٿ ڏئي نه سگهندس. پوءِ هن وڏ-وزارت تان استعيفا ڏني. ان نافرمانيءَ جي ڏنڊ ۾ هنري اٺين سرٿامس مور تي رشوت جو ڪوڙو الزام هنيو ۽ کيس ٽاور آف لنڊن ۾ قيد ڪري ڇڏيو، پر هو پنهنجي قول تي قائم رهيو ۽ آخرڪار قتل ڪيو ويو<ref name ="سبط حسن" > [http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=272](ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ: سبط حسن)</ref>.
 
==خاندان ==
 
[[File:More famB 1280x-g0.jpg|thumb|upright=1.2|سر ٿامس مور جي خاندان جو پورٽريٽ 1564 ۾ تيار ڪيل ]]
 
مور 1505 ۾ جين ڪولٽ سان شادي ڪئي <ref name="Ackroyd" />{{rp |118}} [[ڊيسيڊيريس اراسموس]] جي مطابق مور پنھنجي نوجوان زال کي شادي بعد بھتر تعليم ڏيارڻ چاھيو پئي ۽ ان کي موسيقي ۽ ادب جي سکيا ڏياري .<ref name="Ackroyd" />{{rp |119}}ھنن کي چار ٻار ٿيا جنھن بعد جين 1511 ۾ وفات ڪري وئي. مھيني بعد مور مارگريٽ روپر سان شادي ڪئي <ref name="Ackroyd" />{{rp |132}} <ref name=Wegemer>{{cite book|title=Thomas More: A Portrait of Courage|author=Gerard B. Wegemer|year=1995|publisher=Scepter Publishing}}</ref><ref name=Wagner>{{cite book |url=https://books.google.com/books?id=R_c_md3gMpwC |title=Encyclopedia of Tudor England |author1=John A. Wagner |author2=Susan Walters Schmid |publisher=ABC-CLIO |year=2011 |isbn=1598842994 |pages=769–770}}</ref> ٻي زال مان کيس اولاد ڪانه ٿي<ref name="Ackroyd" />{{rp|146}}
ٻارن سان کيس ڏاڍي محبت هئي. پري وڃڻ دوران ھن انھن سان خط و ڪتابت جاري رکي.<ref name="Ackroyd" />{{rp|150}}<ref name="Rogers">{{cite book|editor-last=Rogers|editor-first=Elizabeth Frances|first=St Thomas|last=More|title=Selected Letters|place=New Haven and London|publisher=Yale University Press|year=1961}}.
</ref>
 
==يوٽوپيا==
سر ٿامس مور پنهنجي ڪتاب ـــــ يُوٽوپيا ـــــ جو گهڻو حصو 1516ع ۾ اينٽ ورپ (بيلجيم) ۾ لکيو هو. اينٽ ورپ انهن ڏينهن ۾ يورپ جو سڀ کان وڌيڪ اهم واپاري بندرگاهه هو ۽ سر ٿامس مور اتي برطانوي واپارين جي ڪنهن ڪم سان ويو هو. يوٽوپيا سفرنامي واري نموني تي لکيل آهي. گهڻو ممڪن آهي ته سر ٿامس مور جي ملاقات اينٽ ورپ ۾ ڪنهن سامونڊي سوداگر سان ٿي هجي ۽ ان جي آتم ڪٿا ٻڌي سر ٿامس مور يوٽوپيا لکڻ جو منصوبو سٽيو هجي.<ref name = " سبط حسن "/>سر ٿامس مور يوٽوپيا لاطيني ٻولي ۾ لکيو هو، جيڪا سورهين صديءَ ۾ يورپ جي تهذيبي ٻولي هئي. اهو ڪتاب پهريون ڀيرو بيلجيم ۾ 1516ع ۾ شايع ٿيو ۽ ايترو ته پسند ڪيو ويو جو جلد ئي ان جا ترجما ٻين ٻولين ۾ ٿي ويا، پر يوٽوپيا جو پهريون انگريزي ترجمو مور جي وفات کان 16 سال پوءِ لنڊن مان ڇپيو. دير جو سبب اهو هو ته ان وچ ۾ مور جي سِسي ڪپجي چڪي هئي ۽ ڪنهن کي به همٿ نه هئي ته هنري اٺين جي زندگيءَ ۾ مور جو ڪتاب برطانيا ۾ ڇپي ها.<ref name = " سبط حسن"/>يوٽوپيا اسپين جي هڪ فرضي سياح جو فرضي سفرنامو آهي. ان سياح جو نالو رافيل هيٿ ڪوڊي هو. سر ٿامس مور جي چواڻي رافيل يوناني ۽ لاطيني ٻولين کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ وِس پوچي سان گڏ ٽي ڀيرا آمريڪا جو سفر ڪري چڪو هو، پر آخري ڀيري هو وِس پوچي سان گڏ نه موٽيو، پر اهڙن اڻ ڄاتل علائقن جي سير تي نڪري ويو جيڪي نقشن ۾ به ڪو نه هئا. يوٽوپيا ۾ ذڪر ڪيل ملڪ به انهن ئي علائقن مان هڪ هو. رافيل پنجن ڇهن سالن تائين انهن پرانهن ڏيهن جو سير ڪندو رهيو. پوءِ هو ڪالي ڪٽ پهتو، جتي انهن ڏينهن ۾ اسپيني جهاز واپاري سامان کڻي ايندا رهندا هئا. ڪجهه ڏينهن ڪالي ڪٽ ۾ رهي هو وطن واپس موٽي ويو<ref name = "سبط حسن "/>.