حڪيم ماني: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''ماني''' يا '''حڪيم ماني'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Mani}}ماني جو پيءُ فاتڪ همدان جو رهاڪو هو پر وطن ڇڏي بابل و...
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
 
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
{{Infobox person
| honorific_prefix = پيغمبر
| name =ماني
| honorific_suffix =
| image = Mani.jpg
| caption = ماني جيڪو زرتشتي پيغمبر سڏيو ويندو هو جنھن کي نور جو رسول چوندا ھيا
| native_name = مانی
| native_name_lang = فا
| birth_name =
| birth_date = AD 216
| birth_place = [[طيسيفان]], [[پارٿين ايمپائر]] [[بابل]]<ref name=ICS/> (modern-day [[عراق]])
| death_date = 2 مارچAD&nbsp;274<ref>{{citation|url=http://www.iranicaonline.org/articles/sasanian-dynasty|title=SASANIAN DYNASTY|accessdate=2015-01-12}}</ref>( جي عمر ۾ 57–58)
| death_place = [[گنڊيشاپور]], [[ساساني ايمپائر]] (موجوده [[ايران]])
| death_cause =
| body_discovered =
| resting_place =
| nationality =
| other_names =
| children =
| parents = پاٽڪ ۽ مريم
| relatives =
| known = [[ماني ازم]] جو باني
| spouse =
}}
 
 
'''ماني''' يا '''حڪيم ماني'''{{ٻيا نالا|انگريزي=Mani}}ماني جو پيءُ فاتڪ همدان جو رهاڪو هو پر وطن ڇڏي بابل ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آباد ٿي ويو. ماني هڪ ڳوٺ ۾ 215ع ۾ انهيءَ جاءِ تي، جيڪا ساساني حڪومت جي گادي واري شهر طيسفون کان 60 ميل پري هئي، پيدا ٿيو. وڏو ٿي هن زرتشت، عيسائيت، عرفانيت ۽ ٻين مذهبن جو مطالعو ڪيو ۽ حق جي ڳولا ۾ مختلف ملڪن جو سير ڪيو. هو هندستان ۾ به آيو ۽ هندو مَت ۽ ٻڌ مَت جي پيشوائن (مذهبي اڳواڻن) سان مليو. آخرڪار هن پنهنجي مذهب جي تبليغ شروع ڪئي ۽ فاقليط هئڻ جي دعوى ڪئي، جنهن جي خبر حضرت عيسى ڏني هئي. هڪ حمديه تراني ۾، جيڪو پهلوي ٻوليءَ ۾ آهي، ماني چوي ٿو: ”مان بابل کان آيو آهيان ته جيئن حق جو آواز سڄيءَ دنيا کي ٻڌايان.“<ref name = " سبط حسن"/>
ماني جو مذهب عيسائيت، زرتشتيت ۽ ٻڌ مت جو معجون مرڪب هو. ان جو بنياد نُور ۽ ظلمت جي جنگ (زرتشت)، تثليث (عيسائيت) ۽ تناسخ (ٻڌ مت) جي ميلاپ تي هو. ماني جي مذهبي سماج جي زندگيءَ ۾ ٻن طبقن کي وڏي اهميت هئي. اول وزيدگان (برگزيده، بزرگ ماڻهو) ۽ ٻيو نيوشگان (ٻڌڻ وارا، سامعين، عام پوئلڳ). وزيدگان حقيقت ۾ ٻڌ مت جي ڀڪشن جيان هئا. گوشت يا سبزي کائڻ ۽ شراب پيئڻ مٿن حرام هو، هُو نه ڪو ڌنڌو اختيار ڪري سگهيا ٿي ۽ نه شادي. کين تاڪيد ڪيل هو ته هڪ ڏينهن جي خوراڪ ۽ هڪ سال جي پوشاڪ کان وڌيڪ پاڻ وٽ نه رکن ۽ پنهنجو سمورو وقت واعظ ۽ نصيحت ۾ گذارن. نيوشگان تي اهڙي پابندي ڪا نه هئي<ref name = " سبط حسن "/>.