عيسيٰ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 36:
اٺن ڏينهن کان پوءِ حضرت عيسى جا والدين ٻارڙي کي کڻي يروشلم هليا ۽ موسوي شريعت موجب ولادت جون رسمون ادا ڪيون ۽ پوءِ ناصره موٽي آيا ۽ ”اهو ٻار وڌندو ۽ سگهارو ٿيندو ويو ۽ حڪمت سان ڀرپور ٿيندو ويو.“<ref name = " سبط حسن "/>
[[File:Brooklyn Museum - The Exhortation to the Apostles (Recommandation aux apôtres) - James Tissot.jpg|thumb|right|جيمز ٽساٽ جي ٺاھيل تصوير جنھن ۾ عيسی مسیح کي 12 اصحابين سان ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو آهي ]]
حضرت مسيح کي پنهنجن خيالن جي تبليغ لاءِ رڳو ٽن سالن جي وٿي ملي، پر ان ٿوري عرصي ۾ به فلسطين جا هزارين ماڻهو سندس مريد ٿي ويا ۽ يهودي پيشوائن کي اهو خطرو ٿي پيو ته جيڪڏهن هن نئين فتني کي منهن نه ڏنو ويو ته فلسطين جي صدوقين ۽ فريسين جي طبقاتي مفاد کي نقصان پهچندو، تنهنڪري حضرت مسيح تي مذهب ۽ رومي سلطنت سان بغاوت جو الزام هنيو ويو ۽ کيس صليب تي چاڙهيو ويو. حضرت مسيح جي تعليم کي سندس چئن شاگردن ــــــ متي، مرقس، لوقا ۽ يوحنا ـــــــ مرتب ڪيو آهي. اهي تصنيفون انجيل جي نئين عهدنامي جي نالي سان مشهور آهن. انجيل ۾ اسان کي پراڻي سوشلزم جو ڪو چِٽو تصور ڪو نه ٿو ملي. حضرت مسيح نه طبقاتي فرق جي مخالفت ڪري ٿو ۽ نه ئي زمين کي هارين ۾ ورهائڻ جي صلاح ڏئي ٿو ۽ نه برابريءَ جي تلقين ڪري ٿو. ان هوندي به سندس همدرديون محتاجن، غريبن ۽ مظلومن سان گڏ آهن ۽ پاڻ دولتمندن ۽ ڪاهن سردارن جي طبقن جو سخت مخالف هو.
سندس روزاني زندگي به انهن جي فڪر جي شهادت ڏئي ٿي، تنهنڪري سندس ڏينهن ۽ راتيون غريبن ۾ گذرنديون هيون. پاڻ ۽ سندس شاگرد غريبن جهڙا ٿلها پراڻا ڪپڙا پائيندا هئا، غريبن جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا ۽ انهن جهڙو کاڌو کائيندا هئا. دولت جي لالچ کين نه ٿيندي هئي ۽ شان شوڪت، عهدي، رتبي جي خواهش کين ڪڏهن به نه ستائيندي هئي. اهي صحيح معنى ۾ انسان دوست هئا ۽ انسانن جي خدمت ڪرڻ سندن حياتيءَ جو مسلڪ هو، تنهنڪري حضرت مسيح جي ٻارهن شاگردن مان هڪ، يعقوب، ان ڳالهه تي ڪاوڙ ظاهر ٿو ڪري ته دولتمند طبقو پورهيتن جو استعمال ڪري ٿو ۽ کين سندن حق کان محروم ڪري ٿو.
”اي دولتمندو! توهان پنهنجين مصيبتن تي، جيڪي توهان تي اچڻ واريون آهن، رؤ، پِٽيو، واويلا ڪيو. توهان جو مال خراب ٿي ويو ۽ توهان جي لباسن کي ڪينئان کائي ويا، توهان جي سونَ ۽ چانديءَ تي ڪَٽ چڙهي وئي ۽ اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهه جيان توهان جو گوشت ڳاريندي... ڏسو، جن مزدورن توهان جا فصل لڻيا انهن جي اها مزدوري، جيڪا توهان دغا ڪري رکي ڇڏي آهي، رڙيون ڪري ٿي ۽ فصل لڻندڙن جون دانهون فوجن جي خدا جي ڪنن ۾ پهچي ويون آهن.“
حضرت مسيح جي وفات کان پوءِ به سندس شاگردن جي زندگي انهيءَ راهه تي هلندي رهي، پر پنهنجي انفراديت برقرار رکڻ لاءِ هنن پنهنجي حياتيءَ جي نموني کي سوشلسٽ انداز ۾ ڦيرائي ڇڏيو. هو گڏجي رهندا هئا، گڏجي کائيندا هئا ۽ پنهنجي سموري ملڪيت هنن گڏ ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري لوقا ”عملن جي ڪتاب“ ۾ لکي ٿو ته:
”۽ جن ايمان آندو هو اهي سڀ گڏجي رهندا هئا ۽ سڀني شين ۾ شريڪ هئا ۽ پنهنجي ملڪيت ۽ سامان وڪڻي هر هڪ ۾ ضرورت موجب ورهائي ڇڏيندا هئا.“<ref name = " سبط حسن "/>
 
==قرآن مطابق عیسیٰ مسیح جو تصور ==