عيسيٰ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 33:
[[File:Bloch-SermonOnTheMount.jpg|thumb|left|اڻويھين صدي جي ڪارل بلاچ جي ٺاھيل پينٽنگ جنھن ۾ عیسی مسیح کي جبل تي خطبو ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي]]
حضرت عيسى اڄ کان لڳ ڀڳ 1975 سال اڳ فلسطين جي شهر بيتُ لحم ۾ پيدا ٿيو. سندس والده حضرت مريم گليل صوبي جي ناصره شهر جي رهندڙ هئي. سندس مڱڻو يوسف نالي هڪ واڍي سان ٿيو، جيڪو يهوديه صوبي جي بيت لحم شهر مان اچي ناصره ۾ رهيو هو. فلسطين تي انهن ڏينهن ۾ روم سلطنت جي شهشاهه قيصرآگستس (63 ق.م- 14ع) جو قبضو هو. هن فلسطين کي ٽن صوبن گليل، يهوديه ۽ اتوريه ۾ ورهائي ڇڏيو هو. گليل جو صوبيدار هيروديس انيطپاس هو، يهوديه جو پانيطاس پيلاطوس ۽ اتوريه جو فلپس، جيڪو هيروديس جو ڀاءُ هو.
انهن ڏينهن ۾ ايئن ٿيو ته قيصر آگستس پاران يهودين جي آدمشماريءَ جو حڪم جاري ٿيو ۽ اعلان ڪيو ويو ته ماڻهو پنهنجن پنهنجن اباڻن شهرن ۾ وڃن ۽ نالو لکرائن. بس يوسف به حضرت مريم کي (جيڪا حامله هئي) وٺي، پنهنجي اباڻي شهر بيت لحم ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن هو شهر ۾ پهتو ته رات ٿي چڪي هئي ۽ کين رات گذارڻ لاءِ ڪٿي به جاءِ نه ملي، تنهنڪري هن هڪ سراءِ ٻاهران ديرو ڪيو. حضرت عيسى اتي پيدا ٿيو ۽ حضرت مريم کيس ڪپڙي ۾ ويڙهي جهوليءَ ۾ رکيو.<ref name ="سبط حسن" > [http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=272] (ڪتاب:موسیٰ کان مارڪس تائين؛ ليکڪ:سبط حسن)</ref>
اٺن ڏينهن کان پوءِ حضرت عيسى جا والدين ٻارڙي کي کڻي يروشلم هليا ۽ موسوي شريعت موجب ولادت جون رسمون ادا ڪيون ۽ پوءِ ناصره موٽي آيا ۽ ”اهو ٻار وڌندو ۽ سگهارو ٿيندو ويو ۽ حڪمت سان ڀرپور ٿيندو ويو.“<ref name = " سبط حسن "/>
[[File:Brooklyn Museum - The Exhortation to the Apostles (Recommandation aux apôtres) - James Tissot.jpg|thumb|right|جيمز ٽساٽ جي ٺاھيل تصوير جنھن ۾ عيسی مسیح کي 12 اصحابين سان ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو آهي ]]