افلاطون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 60:
هو اٺاويهن ورهين جو هو، جڏهن سندس استاد فوت ٿيو، اُن جي صلح پسند زندگيءَ جي المناڪ پڇاڙيءَ، هن جي فڪر جي هر پهلوءَ تي اونها ۽ گهاٽا اثر وڌا. ان ڪري ئي هو جمهوريت سان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ ماڻهن جي انبوهه کي ڌڪارڻ لڳو. هن پڪو ارادو ڪيو ته جمهوريت کي ناس ڪرڻ گهرجي ۽جمهوريت جي بدران وڌ ۾ وڌ دانشمندن ۽ اعليٰ هستين جي حڪومت برپا ڪجي، اهو سندس زندگيءَ جو اهم ترين مسئلو ٿي پيو ته ڪيئن اهڙا دانشمند بزرگ ڳولي لهجن، ۽ ڪيئن ان ڳالهه تي انهن کي رضامند ڪجي، ته هو حڪومت جون واڳون سنڀالين.
==سياحت==
افلاطون جي جواني [[اسپارٽا]] جي تباهه ڪندڙ جنگ واري ماحول ۾ گذري. 404 ق.م ۾ جڏهن اها جنگ ختم ٿي ۽ اقتدار افلاطون جي مائٽن جي هٿن ۾ آيو، تڏهن افلاطون کي به صلاح مشوري جي گڏجاڻيءَ (ڪاميٽيءَ) ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي، پر افلاطون انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ سال کان پوءِ جمهوريت پسندن ان حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ته افلاطون کي اچي ڀَو ويٺو ته متان اڳوڻن حاڪمن سان مائٽيءَ جي ڪري مٿس به نه قهر نازل ٿئي، تنهنڪري هن اٿينـز مان موڪلايو ۽ يونان جي مختلف شهرن ۾ ٽڪندي ۽ سفر ڪندي، اچي مصر پهتو. مصر ۾ افلاطون رياضيءَ ۽ علم نجوم (ستارن جي علم) جي تعليم پوري ڪئي ۽ ڏکڻ [[اٽلي]] روانو ٿيو. اٽليءَ ۾ کيس حڪيم [[فيثاغورث|پيٿاگورس]] جي شاگردن جي صحبت ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. پيٿاگورس (582-507 ق.م) يونان جو پهريون جمهوريت پسند فلسفي هو. هن فلسفي جو اصطلاح ٺاهيو. پاڻ ڏکڻ اٽليءَ ۾ ڪروٽن جي علائقي ۾ پنهنجن شاگردن ۽ مريدن جي هڪ وسندي وسائي هئائين، جتي ماڻهو سوشلسٽ اصولن موجب زندگي گذاريندا هئا. پيٿاگورس قدرتي لقائن جي تشريح عددن جي پاڻ ۾ رشتي ۽ موسيقيءَ جي قانونن جي حوالي سان ڪندو هو. پاڻ (روح جي) جوڻ مٽائڻ ۽ تشدد نه ڪرڻ جو قائل هو ۽ عورت ۽ مرد کي سماج ۾ هڪ جيترو درجو ڏيندو هو. هو چوندو هو ته زمين گول ۽ چرپر ڪندڙ آهي. افلاطون پيٿاگورس جي تعليم کان ڏاڍو متاثر ٿيو،<ref name = " سبط حسن "/>
سقراط کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل هن جي ڪوششن، جمهوريت جي اڳواڻن جي دلين ۾ خود افلاطون جي سلامتيءَ متعلق شڪ پيدا ڪيا هئا، تنهنڪري هن جي دوستن، هن کي مشورو ڏنو هو ته اٿينس هُن لاءِ خطري کان خالي نه هئي. تنهنڪري اهو هن لاءِ سٺو موقعو هو ته ٻاهر دنيا ۾ سفر جي خيال کان نڪري وڃي ۽ ڪجھ وقت اٿينس کان ٻاهر رهي. ۽ دنيا کي ڏسي وائسي. انهيءَ خيال کانپوءِ انهيءَ سال يعني 399 ق.م تي هو سفر تي روانو ٿيو، اسان کي پوريءَ ريت معلوم نه آهي ته هو ڪٿي ڪٿي ويو. پر شايد سڀ کان اول هو مصر ويو هجي، اُتي جڏهن هُن اتان جي مذهبي پيشوائن کان ٻڌو ته يونان اڃا ٻاراڻي اُوستا ۾ هو، تڏهن هن کي ڏاڍو صدمو پهتو. انهن جي راءِ موجب، يونان کي اڃا ڪي محڪم ثقافتي روايتون ڪونه هيون ۽ نه ئي ان جو ڪو پائدا تمدن هئي ۽ ان ڪري يونان ڪنهن خاص ڌيان جي لائق نه هو.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref>هو ٻارهن سال گهميو ڦريو. جيڪو به ذريعو هٿ آيس، تنهن وسيلي علم حاصل ڪيائين. هر مقدس جاءِ تي ويو ۽ اُتان جيڪي مليس، سو پرايائين. هر فرقي جي شخصي طرح آزمائش ورتائين. ڪن جو رايو آهي ته هو يهودين جي ملڪ ۾ پڻ ويو، ۽ اتي جي اشتراڪيت پسند پيغمبرن جي روايتن جي مڪتب ۾ ذهني تربيت حاصل ڪيائين، ڪي ته هيئن به چون ٿا ته هو گنگانديءَ جي ڪنارن تائين به پهتو هو ۽ اُتان جي ساڌن جي ويدانتي فڪر مان ب فيض حاصل ڪيائين، پر اسان کي تصديق نه آهي. هو اٿينس ڏانهن سن 387 ق.م ۾ 40 ورهين جي ڄمار ۾ واپس وريو، مختلف قومن سان ملاقاتون ڪرڻ ڪري ۽ مختلف ملڪن جي حڪمت جي اڀياس ڪرڻ ڪري، هن جو دماغ هاڻي بلوغت جي ڏاڪي تي پهتو هو. جوانيءَ وارو گرم جوش گهڻي قدر هاڻي گهٽجي ويو هوس.<ref>{{cite web |url=http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html}}{ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}</ref> استاد جي مرڻ کان پوءِ افلاطون [[سائبرين]]، [[مصر]]، [[اٽلي]] ۽ [[سسلي]] جو سفر ڪيو ۽ ميکارا جاءِ تي حڪيم [[اقليدس]] جي شاگردي به ورتي. 388 ق م ۾ گرفتار ٿيو. ۽ [[غلام]] بڻائي وڪيو ويو. بعد دوستن رقم ادا ڪري ڇڏائي ورتو. آخر ۾ [[ايٿينس]] پهتو ۽ هن پنهنجي مشهور اڪيڊمي کولي جنهن کي هو پنهنجي زندگي جو مقصد سمجهندو هو. هتي چاليهن سالن تائين هن تعليم ڏني.