افلاطون: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 1:
{{صندوق معلومات شخص}}
'''افلاطون'''{{ٻيا نالا|انگريزي= '''Plato'''}}افلاطون جو جنم انهن ڏينهن ۾ ٿيو جڏهن يوناني سماج جي عزت جو سج ٻڏڻ ويجهو هو. افلاطون جو تعلق اميرن جي پراڻي گهراڻي سان هو، جيڪو واپار ۽ واپار ڪندڙ نون دولتمندن کي ڏاڍي نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جيتوڻيڪ اقتدار سندس هٿن مان نڪري چڪو هو پر اهي اڃا پاڻ کي يوناني تهذيب ۽ تمدن جا نگهبان سمجهندا هئا. ان طبقي جو ايمان هو ته ملڪ جي زوال جو سبب اهو ئي آهي ته اٿينـز جو نظم ۽ ضبط اميرن بدران بازاري ماڻهن جي قبضي ۾ اچي ويو آهي. ان ماحول ۾ پلجندڙ افلاطون مرڻ گهڙيءَ تائين واپارين سان ٺاهه ڪري نه سگهيو.<ref name ="سبط حسن" > [http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=272] (ڪتاب: موسیٰ کان مارڪس تائين؛. ليکڪ: سبط حسن) </ref>
'''افلاطون''':'''Plato''':
 
 
سقراط سان ملاقات افلاطون جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي آندي هئي. هو لاڏ ۽ ڪوڏ سان پليو هو. هو بيحد وڻندڙ ۽ طاقتور نوجوان هو. چون ٿا ته اهو نالو (Plato) مٿس انهيءَ ڪري ئي پيو هو، جو هن جا ڪُلها موڪرا هئا. هن هڪ قابل ۽ بهادر سپاهيءَ جي زندگيءَ به گذاري هئي ۽ هو راندين جي قومي مقابلن ۾ ٻه ڀيرا انعام به حاصل ڪري چڪو هو. اهڙي اغرض شباب مان هڪ فلسفيءَ جو اُسرڻ ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور هو. پر هن اڙٻنگ نوجوان جي بي آرام ۽ نازڪ روح، سقراط جي منطقي بحث مباحثن ۾ راحت ۽ مسرت محسوس ڪئي. سندس معزز استاد جڏهن عام تسليم شده عقيدن ۽ قياس آرائين کي پنهنجن موزون ۽ تز سوالن جي نيز نوڪ سان ڦاڙيندو ۽ اکيليندو هو. تڏهن افلاطون جي دل خوشيءَ ۾ پيئي ٽپندي هئي. هو شغل ۾ پڻ اهڙي ئي شوق ۽ امنگ سان شامل ٿيندو هو. جيئن ڪسرت گاهه جي ڪرتبن ۽ جسماني راندين ۾، سقراط کي هو ”ٻڍو درويش“ سڏيندو هو. ۽ هُن جي رهبريءَ ۾ هو، ٺلهي بحث مباحثي جي منزل ٽپي، شين ۽ ڳالهين جي باخبر ڇنڊڇاڻ ۽ باريڪ تحقيق ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي استاد سان ۽ ان جي صحبت ۾ فلسفي سان پر جوش محبت ڪرڻ لڳو هو چوندو هو ته ”خدا جو شڪر آهي جو مان يوناني ٿي ڄائس ۽ نه وحشي، آزاد ٿي ڄائس ۽ نه غلام، مرد ٿي پيدا ٿيس ۽ نه عورت، پر سڀ کان وڌ مان خدا جو شڪر گذار انهيءَ ڪري آهيان، جو مون سقراط جي زماني ۾ جنم ورتو.“