"نغارو" جي ورجائن ۾ تفاوت

٣٧ بائيٽون واڌ ،  ٢ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
[[Image:USAFE Band timpanist.jpg]]
 
 
'''نغارو'''، '''نقارو'''، سنڌ ۾ نقاره کي عموماً نغارا چوندا آهن. ماتمي علم لهڻ کان نغارا وڄائڻ شروع ڪندا آهن، نقارا گهڻو ڪري معمولي حالتن ۾ صبح جو سويل ، منجهند جو ۽ رات جو دير سان وڄائيندا آهن، پڙ جي اچڻ مهل ”ياحسين“ ۽ پڙ جي ترسڻ محل ”ڊڍ“ ۽ پڙ جي هلڻ مهل ”ٽاهو“ وڄائيندا آهن. نقارن وڄائڻ جو رواج ملتان کان آيو، پر هاڻي ته هتي ملتان کان به وڌيڪ رواج آهي، گهڻُو ڪري هر پڙ تي ٽي-چار جوڙيون نقارن جون ضرور هونديون آهن ۽ وڄائڻ وارا به استاد ڪاريگر ٿي گذريا آهن، جن ۾ امام علي شيدي کي امام علي شاه جي پڙ تي پاڻ نغارا وڄائيندي ڏٺو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته نقارن وڄائڻ ۾ امام علي شيدي جو ٻيو ڪوبه ثاني ڪونه هو.