برڪینا فاسو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 90:
 
ھن ملڪ جو موجوده اتر اولھ وارو پاسو تمام قديم آهي جتي 14000 ق.م.کان 5000 ق.م.
دوران شڪار ۽ نباتاتي خوراڪ گڏ ڪندڙ ماڻھو {{ٻيا نالا|انگريزي=hunter-gatherer}} اتي رھندا ھئا.ٽين کان تيرھين صدي عيسويءَ ۾ اتي بورا تھذيب جنم وٺي اڄوڪي سموري ملڪ واري علائقي ۽ نائيجر تائين ڦھلي.ھتي اڄوڪي دؤر جي رھندڙ موسي، فولا ۽ ڊيولا نسلن جا ماڻھو اٺين کان پندرهين صديءَ جي وچ م ھتي پھتا. 1890 واري ڏھاڪي ۾ [[فرانس]] ھن ملڪ تي قبضو ڪيو جنھن سان ھن ملڪ جو بيٺڪي دؤر شروع ٿيو جنھن بعد 1896 ۽ 1904 جي آزادي وارين جنگين کانپوءِ موجوده ملڪ کي فرينچ ويسٽ آفريڪا جو حصو بڻايو ويو ۽ پھرين مارچ 1919 ۾ ان جو نالو [[درياء وولٽا]] جي مٿين وھڪرن جي نسبت سان فرينچ اپر وولٽا رکيو ويو.11 ڊسمبر 1958 تي اپروولٽا جي ريپبلڪ قائم ڪئي وئي جنھن تحت ھن ڪالوني کي علحدہ پنھنجي حڪومت ذريعي ھلائڻ جي شروعات ڪئي وئي جيڪا فرانس جي اختيار ھيٺ ھئي. ۽ 5 آگسٽ 1960 ۾ ھي ملڪ فرانس کان آزاد ٿيو ۽ [[موئرس يميئوگو]] ھن ملڪ جو پھريون صدر ٿيو جنھن کي 1966 ۾ سينگئولي لاميزانا فوجي بغاوت ذريعي ھٽايو ۽ پاڻ صدر ٿي حڪومت سنڀاليائين.
 
 
==نالو==
 
برڪينا فاسو ٻن لفظن جو مرڪب آهي.برڪينا ۽ فاسو. لفظ برڪينا موسي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معنيَ آهي ايماندار يا نيڪ ماڻھو؛ لفظ فاسو ڊيولا ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي سرزمين. اھڙي طرح برڪينا فاسو جي معنيَ آهي ايماندار يا راستباز ماڻھن جي سرزمين.<ref>{{cite web|url=https://afrolegends.com/2013/09/12/why-the-name-burkina-faso/|title=Why the name: Burkina Faso?|date=12 September 2013|publisher=}}</ref>
 
==حوالا==