زرتشت: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
مسنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
سِٽَ 6:
'''ايردا يراف جو ڪتاب''' (Book of Arda Viraf) پارسي ڌرم جي مکيه ۽ اهم ڪتابن مان هڪ آهي. ان ڪتاب ۾ '''اردا''' نالي هڪ پارسيءَ جو واقعو لکيل آهي، جيڪو پنهنجي خدا '''آهورا مزدا''' (آحورا مزادا) (Ahura Mazda) سان ملڻ آسمان تي وڃي ٿو. اردا جو اهو سفر جسماني ڪونهي، پر روحاني آهي. هن جو روح سفر تي وڃي ٿو ۽ ڇھ ڏيهارن کانپوءِ سندس روح جسم ۾ موٽي اچي ٿو. ان سفر دوران اردا کي پُل چينوت (Chenvat Bridge) يا '''پُل صرات''' تان گذرڻو ٿو. ان پُل تان جڏهن نيڪوڪارَ گذرن ٿا ته اها پُل ويڪري ۽ موڪري ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن گنهگار گذرن ٿا ته اها تلوار جي ڌار کان به تيز ۽ تکي ٿي وڃي ٿي ۽ ان تان لنگھندڙ گنهگار وڍجي وڍجي هيٺ دورخ ۾ ڪِري ٿي پيا. ان روحاني سفر ۾ اردا جو ٻانھ ٻيلي اَطر (Atar) نالي هڪ فرشتو آهي. ان سفر دوران اردا کي جنت ۽ دوزخ جي مختلف ڀاڱن جو سير ڪرايو ويو هو. اهو اُتي مختلف ماڻهن سان ملي ٿو جن پنهنجي حياتي ۾ گناھ يا ثواب جا ڪم ڪيا هئا. ان روحاني سفر تان واپس موٽي اچڻ تي کيس خدا (يزادا) جي طرفان هدايت ڏني وڃي ٿي ته زرتشتيت (Zoroastrianism) ئي واحد حق وارو دين آهي، تنهنڪري اهو ڌرتيءَ تي زرتشت مذهب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري ۽ ماڻهن کي ڏينهن ۾ پنج وقت عبادت جي تلقين ڪري. <ref> ايردا و يراف نمگ</ref>
 
{| class="wikitable"
زرتشت مذهب ۾ پنج وقت عبادت کان پهرين جسم جا عضوا ڌوئي پاڪ صاف پَوِتر ڪرڻ ضروري آهن. ماڻهن کي عبادت جي لاءِ پنج ئي ڀيرا گھنٽي وڄائي گھرايو ويندو آهي. زرتشت مذهب ۾ ان جي اصل ٻولي يعني اوستا ٻوليءَ (Avestan language) ۾ عبادت ڪرڻ جي عمل کي وڏائي يا فضيلت حاصل آهي.
! وقت !! زرتشت مذهب جي نمازون
|-
| فجر || هاوان (Havaan)
|-
| ظهر || رپتون (Rapithwan)
|-
| عصر || ايزران (Uziren)
|-
| مغرب || سروثرم (Aiwishuthrem)
|-
| غساءِ || اوشهي نااي (Ushaen)
|-
|}
 
==حوالا==