"سري لنڪا" جي ورجائن ۾ تفاوت

٧ بائيٽون لاٿ ،  ٢ سال پهرين
م
م
ٽيگَ: ترمیم سورس 2017ع
ٽيگَ: ترمیم سورس 2017ع
ائين اها اسٽيشن مفت ۾ سريلنڪا کي ملي وئي. سريلنڪا جي حڪومت ان طاقتور ٽرانسميٽر کي واپاري لائين تي هلائڻ شروع ڪيو ۽ اڄُ ڏينهن تائين هلندي اچي پئي.
==سريلنڪا جا ماڻهو==
سلون آدمشماريءَآدم ڳڻپ جي حساب کان هندستان کان به وڌيڪ ڳُتيل آهي. سلون ۾ ستر سيڪڙو ماڻهو سنهالي آهن، جيڪي پراڻي زماني مان اتر هندستان کان آيا هُئا. انهن جي سنهالي زبان سنسڪرت مان نڪتل آهي. تامل زبان ڳالهائيندڙ دير سان هندستان کان لڏي هتي آيا. سنهالين مان ڪي تامل ڳالهائيندڙن سان سڱا بندي ڪري ملي ويا آهن. پر ڪئنڊين (Kandyen) سنهالي پنهنجي انفراديت قائم رکندا اچن ۽ تامل ۽ يورپين جي هن ٻيٽ تي اچڻ وقت مقابلو هو. سنهالي گھڻو ڪري سڀُ ٻُڌ (هنيانا ٻُڌ) آهن ۽ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪرسچن پڻ آهن. سنهالي ماڻهن جو مٿو وڏو ۽ ويڪرو، چپ مڙيئي ٿلها ٿين، طبيعت جا سادا، سٻاجھا، دوست مزاج، ماٺيڻا ۽ صلح پسند آهن. جيتوڻيڪ ڪاوڙ جا به تکا آهن. سندن وار ڪارا ۽ ٿورا گھنڊيدار، اکيون ڪاريون ۽ نڪُ سوڙهو ۽ ڊگھو آهي. سندن رنگُ مشڪي آهي. ڪي ڪڻڪ رنگا به آهن. سندن نالن جي آخر ۾ ’اي‘ ۽ ’آ‘ جا اُچار اچن. جيئن ته بندرانائڪي، سينانائڪي، هولو گالي، جاياماني، واراڌانا وغيره. ڪن ڪن سنهالين جا پورچوگالي ذاتين وارا نالا پاڻ آهن. مثلاً ڊي سلوا، پريرا ۽ فرنانڊو.
 
ڏکڻ هندستان جا تامل ماڻهو انگريزن مزدوريءَ لاءِ سلون، ملايا، سنگاپور ۾ آندا هُئا ۽ اڄڪلهه سلون جي سڄي آدمشُماري ۾ پنجويهه سيڪڙو کن ٿيندا. اهي گهڻو ڪري مزدوريءَ وارا ڪم ڪن. ڪنهن زماني سلون ۾ سنهالي ۽ تامل پاڻ ۾ پيار محبت سان رهندا هئا پر پوءِ آهستي آهستي ٻنهي ڌرين ۾ ڌڪار وڌڻ لڳي، جنهن جو نتيجو 1958ع واري ايمرجنسي آهي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خون خرابو ٿيو. ڪيترا اهڙا به تامل آهن، جيڪي ويجھڙائيءَ ۾ ڏکڻ هندستان کان لڏي هتي سريلنڪا ۾ آيا. هتي اڳيئي آدمشُماري، ڏُڪار ۽ بيروزگاري وڌيل آهي. نتيجي طور سلون جي حڪومت انهن کي رکڻ لاءِ تيار نه آهي نه انهن جي اولاد کي هتي جي (Citizenship) ملي ٿي ۽ ساڳئي وقت هاڻ هندستان به انهن کي پاڻ وٽ موٽائي نٿو رکڻ چاهي. تامل درويدن جي زبان آهي ۽ سنهالي زبان کان بلڪل نرالي آهي. ٻئي مختلف زبانون (جن جي لکڻي به مختلف آهي) آزاديءَ تائين بنا ڪنهن ڇيڙڇاڙ جي هلنديون رهيون ۽ قومي زبان انگريزي هُئي. پر انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ قومي جذبي هيٺ ڪن سياستدانن 1956ع ۾ سنهالي کي سرڪاري زبان جو درجو کڻي ڏنو ۽ ان ڳالهه تان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ خونريزيءَ جي حد تائين جھڳڙا ٿيا.
٢٬٢٦٤

سنوارون