معين الدين چشتي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 36:
سير و سفر ڪندو حضرت خواجه صاحب بغداد کان همدان آيو ۽ اتان تبريز پهتو. اتان ٿي خرقان آيو. ان کانپوءِ ”سبز وار“ آيو. اهڙيءَ طرح سير و سفر ڪندو، بزرگن سان ملاقاتون ڪندو، لاهور آيو، ۽ حضرت خواجه علي هجويري داته گنج بخش جي مزار جي زيارت ڪيائين. مورخن جو اندازو آهي، ته حضرت خواجه صاحب سنه 587 هه کان 588 هه ۾ لاهور ۾ آيو. لاهور کان دهلي آيو، ۽ اتي ٿورو وقت رهي، اجمير طرف روانو ٿيو. اجمير ۾ پنهنجي خانقاهه قائم ڪيائين. سندس تبليغ سبب ڪيترائي غير مسلم، ايمان جي روشني سان منور ٿيا. اهڙي طرح برصغير پاڪ و هند جي سرزمين ۾ اسلامي تبليغ ۽ روحاني فيض جو سرچشمو قائم ڪري، سنه 632 هه يا 633 هه ۾ وفات ڪيائين. اجمير شريف ۾ روضو مشهور زيارتگاهه آهي.
 
حضرت خواجه صاحب جي خليفن ۾ ٻه بزرگ خاص طرح سان قابل ذڪر آهن: شيخ قطب الدين بختيار ڪاڪي دهيل ۾ چشتي سلسلي جو مرڪز قائم ڪيو، ۽ ڪيترن ماڻهن کي روحاني فيض سان مالا مال ڪري، 41 ربيع الاول سنه 633 هه (1235ع) تي وصال فرمايو. سندس خليفن مان حضرت بابا فريداندين گنج شڪر جو تعلق سنڌ سان آهي.<ref name ="چشتي" >چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌيمھراڻسنڌي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ [[سنڌي ادبي بورڊ]] ڄامشورو </ref>.
 
== حوالا ==