ارنيسٽ ٽرمپ: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 29:
ارنيسٽ ٽرمپ- چئن سالن جي عمر ۾ پنهنجي وڏي -ڀاءُ- سان گڏ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. سندس انهيءَ شوق کي ڏسندي سندس والد کيس ڀر واري هاءِ اسڪول ۾ -تعليم- لاءِ موڪليو، -جتي- هن لاطيني، يوناني ۽ ٻيون ٻوليون سکيون، 17 سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ هن امتحان پاس ڪري ورتو. ٽرمپ جي مائٽن کيس -پادري- بنائڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ هن کي ڏکڻ جرمنيءَ جي مشهور اداري اسٽيفن ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ويو، -جتي- هن نه فقط مذهبي علمن جو مطالعو ڪيو، پر مختلف ٻولين جو اڀياس پڻ -جاري- رکيو. ٽرمپ کي عبراني، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين سان خاص دلچسپي هئي. جرمنيءَ کان پوءِ هي لنڊن پهتو، -جتي- هڪ پرائيويٽ اسڪول مان يوناني ۽ لاطيني ٻوليون پڙھيون
 
==ڪيريئڪيريئر ۽ خدمتونرخدمتون==
 
لنڊن جي اسڪول ۾ يوناني ۽ لاطيني سکڻ کان پوءِ ايسٽ -انڊيا- هائوس ۾ اسسٽنٽ لائبررين طور ڪم ڪرڻ لڳو. هتي ئي چرچ مشنريءَ وارن سندس قابليت ڏسي، کيس هندستان وڃي اتان جي ٻولين جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ۽ -برطانيا- سرڪار به هن جي اهڙن ڪتابن ڇپرائڻ جو واعدو ڪيو. 1854ع ۾ هو پهرين -بمبئي- پهتو، -جتي- اچي ”ائنڪلن چرچ“ جو -پادري- ٿيو ۽ اتي رهائش دوران فارسي زبان ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪيائين، جو -ان- ۾ -انگريزي- ”ڪامن پرائمر بڪ“ جو ترجمو ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ پنهنجي بنيادي پروگرام موجب ڪراچيءَ آيو. ڪراچيءَ جي آبهوا ابتدا ۾ هن تي خراب اثر ڪيو، جنهن ڪري ”چرچ مشن“ طرفان هن کي علاج جي خيال سان فلسطين موڪليو ويو، -جتي- هن عربي زبان جو اڀياس -جاري- رکيو. سنڌ ۾ هن سنڌي زبان جو ايترو ته اڀياس ڪري ورتو، جو 1866ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ هٿ ڪري ۽ پاڻ هندستاني (اردو) طرز جي سنڌي ”الف بي“ جي لوهي ٽائيپ وجود ۾ آڻي، -ان- جي ذريعي لپسيا (ليپزگ) جي ”بروخوس ڪمپنيءَ“ جي مدد سان -ان- کي جرمنيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. هي رسالو 1218 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شاهه جي ڪلام جا 26 سر ڏنل آهن. -ان- کان اڳ ۾ 1858ع هن هڪ ڪتاب “Sindhi Reading Book in the Sanskrit and Arabic Characters” نالي سان لنڊن جي واٽس پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جا -بيت- درج ڪيا ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ هي صاحب ٻيڙيءَ تي چڙهي، سنڌونديءَ رستي 22 ڏينهن جي لاڳيتي مسافريءَ کان پوءِ لاهور پهتو ۽ اتان وري -پشاور- پهتو، -جتي- هن پشتو ۽ ڪافري ٻولين جو مطالعو ڪيو. هن ’براهوي زبان‘ جو به سٺو مطالعو ڪيو، -پشاور- ۾ رهندي وري طبيعت خراب ٿي پيس ۽ وطن موٽي ”اسٽگارٽ“ شهر ۾ وڃي رهيو، -جتي- به مشرقي ٻولين جو مطالعو -جاري- رهيس. 1864ع ۾ پفلنگن شهر ۾ -پادري- مقرر ٿيو ۽ 6 سالن اندر ڪيترا ڪتاب لکيائين. 1870ع ۾ برطانوي سرڪار هن کي سِکن جي مذهبي ڪتاب ”گرنٿ صاحب“ جي ترجمي جي آڇ ڪئي. 1872ع ۾ گرنٿ جو ترجمو مڪمل ڪيائين، جيڪو 1877ع ۾ ڇپيو، جنهن سان هن کي وڏي شهرت ملي. 1883ع ۾ ميونخ يونيورسٽيءَ ۾ سامي ٻولين جو پروفيسر مقرر ٿيو، -جتي- هن عربي گرامر ’مروحيه‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو .