امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 34:
 
==سندس ڪردار ۽ شخصيت==
پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:گرماڻي صاحب جڏهن گورنر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو چانسيلر، تڏهن پهريون دفعو سندس اچڻ ٿيو. سندس استقبال لاءِ سڀ آفيسر اسٽيشن تي پهتا مگر علامه صاحب جن ڪونه ويا ۽ بعد ۾ وقت وٺي کيس سرڪٽ هائوس ۾ مليا. علامه صاحب جن جي هميشه اها روش رهي. گرماڻي صاحب به قدر شناس هو ۽ علامه صاحب جن جو نهايت گرويدو هو. ڪڏهن به چانسيلري جو رعب علامه صاحب تي نه رکيائين. هڪ دفعي سينيٽ جي ميٽنگ ٿي جنهن جي صدارت گرماڻي صاحب ڪئي. منڍ ۾ علامه صاحب بجيٽ پيش ڪئي جا پاس ڪئي ويئي. ان بعد جڏهن سندن ذاتي سوال آيو تڏهن چانسيلر صاحب کي هيئن چئي پاڻ سينيٽ هال ڇڏي نڪري ويا ته: ”هاڻي منهنجو ذاتي سوال آهي، تنهنڪري منهنجو اخلاق مون کي اجازت نٿو ڏئي ته مان موجود هجان. ڀل ميمبر آزاديءَ سان پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪري سگهن.“ گرماڻي صاحب سندن انهيءَ رويي کان ڏاڍو متاٿر ٿيو ۽ ميمبرن کي چيائين ته: ”انهيءَ کان اڳ ته نئين وائيس چانسيلر جي تقرري جو سوال هٿ ۾ کڻجي، آءٌ اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته گهڻا ميمبر چاهين ٿا ته موجوده وائيس چانسيلر جو ٽرم يعني مدو وڌايو وڃي يا نه. منهنجي نظر ۾ جهڙس وائيس چانسلر يونيورسٽي کي ٻيو ملي ڪونه سگهندو.“ بس ايترو چئي کڻي ووٽ ورتائين ۽ بحث مباحثي کي اٿڻ ئي نه ڏنائين. ڪجھ ميمبرن گهڻو ئي چاهيو ته ايجنڊا موجب نئين وائيس چانسيلر جي تقرري لاءِ تقريرن جي اجازت ملي، مگرگرماڻي صاحب چيو ته: ”اهو سوال پوءِ اٿندو جڏهن سينيٽ جا ميمبر اول اهو طئي ڪن ته موجوده وائيس چانسيلر جو مدو وڌايو وڃي.“ نهايت ڪثرت راءِ سان علامه صاحب جن جو ٽرم وڌايو ويو.<ref name = " جتوئي "/>علامه صاحب جن دعوتن تي به اڪثر ڪونه ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: ”ابا، ڪم جون ڳالهيون ٿين ته وڃجي، باقي دستور موجب وڃي شريڪ ٿجي ۽ وقت وڃائجي، تنهن مان فائدو ڪهڙو؟ الٽو وقت جو نقصان. الله تعاليٰ وٽ منٽ منٽ جو به حساب ڏبو.“<ref name = " جتوئي "/>علامه صاحب جن مراقبي جا به پابند هئا، روزانو عبادت سان گڏ مراقبو به ڪندا هئا. ان ڳالهه جو پتو مدر جي وفات کان پوءِ پيو. ان کان اڳ هڪ ٻه دفعا ائين اظهار ڪيو هئائون ته: ”ابا، مراقبي ۾ ويٺو هوس ته ڏٺم ته .........“ مدر جي وفات کان پوءِ اسان عرض ڪيس ته: ”فادر، اوهان اڪيلا ٿا رهو، اٻاڻڪائي محسوس ڪندا هوندؤ. اجازت ڏيو ته اسان مان ڪونڪو واري وٽي سان اوهان جي خدمت ۾ رهي.“ جواب ۾ فرمايائون ته: ”ابا، آءٌ جڏهن اڪيلو هوندو آهيان تڏهن مون کي اها صحبت نصيب هوندي آهي جنهن جو اوهان گمان به ڪري نٿا سگهو. آءٌ اڪيلو نه هوندو آهيان.“ علامه صاحب جن کي اڪيلائپ ۾ ڪهڙا مشاهدا ٿيند هئا، تن جو ڪوبه ذڪر نه ڪندا هئا. مون ڪيترائي دفعا کانئن پڇيو پر پاڻ هيئن چئي ٽاري ڇڏيندا هئا ته: ”ابا، جيستائين هنن اکين کان پورو ڪم نه ورتو اٿوَ تيستائين اندر جي اکين جي ڳالهه ئي نه ڪريو.“ هڪ دفعي پوين ڏينهن ۾ سندن نوڪر کان پڇيم ته: ”صاحب ڇا ويٺو ڪري؟“ چيائين ته: ”ميم صاحب جي مرڻ کان پوءِ صاحب مون کي اجازت ڏني آهي ته جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ملڻ اچي ته ڀل اندر ڪمري ۾ هليو ايندو ر ۽ اطلاع ڏيندو ڪر. اڳي صاحب جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. سو جڏهن به اندر ويندو آهيان ته، ڏسندو آهيان ته صاحب اکيون ٻوٽيو، ڪنڌ هيٺ ڪيو، ڪعبي جي طرف منهن ڪيو ويٺو هوندو آهي. ميم صاحب جو غم کيس ڏاڍو آهي.“ کيس ڪهڙي خبر ته قاضي صاحب جن جو ائين ڪرڻ غم سببان هو يا مراقبي ڪري. انهيءَ وقت ۾ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش کي ۽ مسٽر شفيع محمد ميمڻ کي هڪ دفعي چيائون ته: ”اکيون بند ڪري اندر ۾ متوجهه ٿي ڏسو ته ڇا ٿا ڏسو؟“ منهنجي باري ۾ چيائون ته: ”جتوئي، ايراني پير صاحب ڏانهن پيو وڃي، اسان کان ته اها راهه پڇيئي نٿو.“ انهن ڏينهن هڪ دفعي فرمايائون ته: ”اوهان هٿ پير ۽ اهو بدن ناهيو. اوهان چوندا آهيو ته ’هي منهنجو ڪتاب آهي‘، ان مان ظاهر آهي ته اوهان ڪتاب ناهيو. ساڳي طرح سان اوهان چئو ٿا ته ’هي منهنجو بدن آهي‘، ان مان ثابت ٿو ٿئي ته توهان ’بدن ناهيو‘، تنهنڪري توهان جي حقيقت انهيءَ بدن کان ٻي آهي. اها مادي جي هر تصور کان نرالي آهي. اها تڏهن توهان معلوم ڪري سگهندا، جڏهن پنهنجي بدن کان الڳ محسوس ڪندا.“<ref name = "جتوئي "/>
 
==استعيفيٰ کانپوءِ==