امداد علي امام علي قاضي: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سِٽَ 30:
پاڪستان جي قيام کان پوءِ علامه صاحب ٻنهي علائقن جي انسانن جي غير فطري ۽ جبري لڏ پلاڻ ۽ خونريزيءَ وارن عملن کان بددل ٿي وري لنڊن هليو ويو. پاڻ اڃا انگلنڊ ۾ ئي هو ته سندس مداحن ۽ دوستن، خاص طرح سائين جي. ايم. سيد سندس واپس اچڻ لاءِ وڏو زور ڀريو. آخرڪار علامه صاحب لنڊن کي الوداع ڪري، 1951ع ۾ [[سنڌ يونيورسٽي|سنڌ يونيورسٽيءَ]] جي وائيس چانسلر جي چارج اچي ورتي، ۽ ان کي اعليٰ تعليمي درسگاهه بنائڻ ۽ مختلف سائنس ۽ آرٽس جا شعبا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعليمي ماهرن سان لهه وچڙ ۾ آيو ته جيئن ٿوري وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻا شعبا قائم ٿي سگهن<ref name = " سنڌيانا"/>. علامه قاضي صاحب طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ جو عهدو قبول ڪرڻ کان پوءِ ’يونيورسٽي ورلڊ‘ نالي رسالي ۾ هڪ تبصرو شايع ٿيو ته سندس عاليشان انتخاب تي مبارڪباد ٿي ڏجي، جيڪو هڪ بيحد لائق شخص ۽ سنڌ جو عظيم محقق پڻ آهي<ref name = "سنڌيانا "/>. وائيس چانسلر بنجڻ کان پوءِ علامه صاحب، سڀ کان پهرين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سينٽرل لائبريري قائم ڪرڻ ۽ پريس لڳائڻ جي منظوري ڏني. 1952ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ قلم هڪ لڳايو ويو ۽ گورنر راڄ قائم ٿيو ته علامه صاحب گورنر دين محمد کي هڪ زوردار خط لکي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ گرانٽ وڌائڻ لاءِ چيو. گورنر دين محمد فوراً سالياني گرانٽ هڪ لک مان وڌائي پنج لک رپيا ڪئي<ref name = " سنڌيانا "/>.
انهيءَ دوران علامه قاضي صاحب حڪومت کان نئين ڪئمپس لاءِ ڄامشوري ۾ زمين وٺي، جرمنيءَ مان آرڪيٽيڪٽ گهرائي، سڀ کان پهريائين فزڪس ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ۽ -ان کان پوءِ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي بلڊنگ ٺهرائي ته جيئن سنڌ جا نوجوان سائنس جي ميدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. ائين چئي سگهجي ٿو ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي موجوده ڪيمپس جو باني هو.
اها علامه قاضي صاحب جي مقناطيسي شخصيت هئي ۽ سندن اڻ ٿڪ محنت جو نتيجو هو، جو سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي عظيم علمي درسگاهه بڻي. نه صرف ايترو، پر علامه صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ چونڊي چونڊي علم جا گوهر گڏ ڪيا ۽ يونيورسٽيءَ جي ساک ايڏي وڌائي، جو هن يونيورسٽيءَ مان ڊگريون حاصل ڪندڙ فخر محسوس ڪرڻ لڳا<ref name = "سنڌيانا "/>.پروفيسر جتوئي لکي ٿو تہ:گرماڻي صاحب جڏهن گورنر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو چانسيلر، تڏهن پهريون دفعو سندس اچڻ ٿيو. سندس استقبال لاءِ سڀ آفيسر اسٽيشن تي پهتا مگر علامه صاحب جن ڪونه ويا ۽ بعد ۾ وقت وٺي کيس سرڪٽ هائوس ۾ مليا. علامه صاحب جن جي هميشه اها روش رهي. گرماڻي صاحب به قدر شناس هو ۽ علامه صاحب جن جو نهايت گرويدو هو. ڪڏهن به چانسيلري جو رعب علامه صاحب تي نه رکيائين. هڪ دفعي سينيٽ جي ميٽنگ ٿي جنهن جي صدارت گرماڻي صاحب ڪئي. منڍ ۾ علامه صاحب بجيٽ پيش ڪئي جا پاس ڪئي ويئي. ان بعد جڏهن سندن ذاتي سوال آيو تڏهن چانسيلر صاحب کي هيئن چئي پاڻ سينيٽ هال ڇڏي نڪري ويا ته: ”هاڻي منهنجو ذاتي سوال آهي، تنهنڪري منهنجو اخلاق مون کي اجازت نٿو ڏئي ته مان موجود هجان. ڀل ميمبر آزاديءَ سان پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪري سگهن.“ گرماڻي صاحب سندن انهيءَ رويي کان ڏاڍو متاٿر ٿيو ۽ ميمبرن کي چيائين ته: ”انهيءَ کان اڳ ته نئين وائيس چانسيلر جي تقرري جو سوال هٿ ۾ کڻجي، آءٌ اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته گهڻا ميمبر چاهين ٿا ته موجوده وائيس چانسيلر جو ٽرم يعني مدو وڌايو وڃي يا نه. منهنجي نظر ۾ جهڙس وائيس چانسلر يونيورسٽي کي ٻيو ملي ڪونه سگهندو.“ بس ايترو چئي کڻي ووٽ ورتائين ۽ بحث مباحثي کي اٿڻ ئي نه ڏنائين. ڪجھ ميمبرن گهڻو ئي چاهيو ته ايجنڊا موجب نئين وائيس چانسيلر جي تقرري لاءِ تقريرن جي اجازت ملي، مگرگرماڻي صاحب چيو ته: ”اهو سوال پوءِ اٿندو جڏهن سينيٽ جا ميمبر اول اهو طئي ڪن ته موجوده وائيس چانسيلر جو مدو وڌايو وڃي.“ نهايت ڪثرت راءِ سان علامه صاحب جن جو ٽرم وڌايو ويو.<ref name = " جتوئي "/>علامه صاحب جن دعوتن تي به اڪثر ڪونه ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: ”ابا، ڪم جون ڳالهيون ٿين ته وڃجي، باقي دستور موجب وڃي شريڪ ٿجي ۽ وقت وڃائجي، تنهن مان فائدو ڪهڙو؟ الٽو وقت جو نقصان. الله تعاليٰ وٽ منٽ منٽ جو به حساب ڏبو.“<ref name = " جتوئي "/>
 
==استعيفيٰ کانپوءِ==